ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مسڪيني ۾ گذاريندڙ عوام ۽ اقتداري چالون

Editorial- Article- Shokat Ali Jalbani

سردي جي موسم ۾ ننڍڙن ٻارڙن ۾ بخار، نزلو، کنگهه عام طور تي وڌي ويندي آهي، ته اينٽي بايوٽڪ، پيراسٽامول يا پلمولڪ دوائن جي کپت به هن ئي موسم ۾ جام ٿئي ٿي، ننڍڙي کي ڏيکاري جڏهن اسٽور تان دوا وٺڻ ويس ته هڪ ئي ڌڪ ۾ 1600 روپيه ڏيڻا پيا، اتي ئي ٻئي ڪائونٽر تي هڪ نوجوان شخص ڇڳل چپل سان ميڊيڪل اسٽور تي بيٺل ڇوڪري کي چئي رهيو ته دوا جي قيمت ته 84 روپيه ۽ ڪجهه پيسه آهي پر مون وٽ 70 روپيه آهن مهرباني ڪري اهي وٺ، 14 روپيه پوءِ ڏيئي ويندس پر ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ دوا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ هو حسرت ڀرين نظرن سان ميڊيڪل اسٽور واري ڏانهن نهاري هيٺ لٿو ته مون اسٽور واري کي دوا ڏيڻ جي لاءِ چيو، جڏهن هن شخص کي دوا ملي ته مون تڪڙ ۾ ميڊيڪل اسٽور تان لهڻ جي ڪئي پر خبر ناهي هن کي ڪيئن خبر پئي ته هن مون ڏانهن نهاريندي نهايت ئي شرمندگي ۾ شڪريو ادا ڪيو، مون کي انتهائي ڏک ٿيو، هڪ پنهنجي انسان هجڻ تي ٻيو حڪمرانن تي، ميڊيڪل اسٽور کان ڪجهه قدمن تي سنڌ جي هڪ وڏي اسپتال هئي جنهن جي بجيٽ اربن ۾ آهي ۽ سنڌ حڪومت ۽ بلاول ڀٽو زرداري اڪثر انهي اسپتال تي مان ڪندا رهندا آهن پر ان مسڪين کي اها عام بخار جي دوا به ان سرڪاري اسپتال مان نه ملي سگهي ۽ مهانگائي سان گڏ بيروزگاري هڪ عام ماڻهو جي اهڙي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي جو هو عام بخار جي دوا خريد ڪرڻ کان به قاصر آهي، پر قومي اسيمبلي توڙي صوبائي اسيمبلي ۾ ڪروڙين روپين وارين گاڏين تي سفر ڪرڻ وارا ملڪ ۾ خوشحالي جو ڪيئن ٿا دعوائون ڪري آرام سان سوين ڪنالن جي ٺهيل پنهنجن محلن ۾ پرسڪون ننڊ ڪن!؟ هڪڙا حڪمران صحت ڪارڊ جي نالي تي عام ماڻهو کي 10 لک روپيه ڏيڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ٻيا حڪمران اعليٰ معيار بين الاقوامي طرز علاج مفت ۾ ڪرڻ جو دعويٰ ڪندي نظر اچن ٿا. وفاقي حڪومت توڙي وفاقي وزير براءِ خزانه شوڪت ترين صاحب جنهن پنهنجا ڏند پيپلزپارٽي جي دور اقتدار ۾ به ڏسيا اهو هن وقت ملڪي ترقي ۽ عام ماڻهو جي آسودگي کي رڪارڊ موٽر سائيڪلن ۽ ڪارن جي کپجڻ سان ڀيٽ ڪري رهيا آهن. پر پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جٿي سرڪاري قيمتون مقرر هئڻ جي باوجود هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ نه صرف عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ تفاوت ملندو پر معيار ۽ مقدار به شهر ۽ شهرين جي حيثيت مطابق ملندو آهي.
هونئن ته پاڪستان جي تاريخ ۾ گهٽ ئي اهڙا اڳواڻ گذريا آهن جن عوام کي سيني سان لائي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ کي ترجيح ڏني هوندي پر وزيراعظم عمران خان اقتدار کان پهرئين جڏهن ڪشڪولن کي ٽوڙڻ هڪ روپيه ڊالر جي قيمت وڌي وڃڻ تي جهڙي ريت عام ماڻهو جي ترجماني ڪندو ته يقين ڄاڻو مون جهڙو ماڻهو به پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن غلط محسوس ڪندو ته ڪٿي منهنجي سوچ ۽ پرک ۾ کوٽ آهي جو آئون خان کي ٻين حڪمرانن سان ڀيٽي انهن جهڙو ئي سمجهان ٿو ۽ پنجاب جي راڄڌاني ۾ ويهي پڙهيل لکيل نوجوانن کي جڏهن آئون چوندو هئس ته خان جي تبديلي هڪ ڊرامو آهي اوهين هروڀرو اچي ڀيڄ ڀيڄ تي خوش ٿيا آهيو ته يقين ڪريو ته اهي دوست وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا، اڄ ساڳيا دوست چون ٿا ته هڪ ماڻهو ڪهڙي تبديلي آڻي سگهي ٿو، وزيراعظم عمران خان جهڙو اڳواڻ ته صدين ۾ ڄمندو آهي، يقينن اوهان ٻڌو به هوندو ۽ ڏٺو به هوندو ته جيڪر پي ٽي آئي جي هڪ مخصوص ٽرولر ڪمپني ته سمجهي ئي اهو ٿي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کي تعمير ڪيو آهي ته اهو وزيراعظم عمران خان آهي، مهانگائي جا انگ اکر هجن يا آئي ايم ايف سان ٿيندڙ ڳالهين جا نتيجا سڀني حقيقتن کي پهرئين ته ٽن سالن تائين پي ٽي آئي وارن جي مڃڻ کان انڪار پئي ڪيو پر هاڻ جيڪڏهن ڪنهن ناڪامي جو اعتراف به ڪري وجهن ٿا ته انهي سڄي ناڪامي جو الزام پوئين حڪومتن ۽ خاص ڪري شريف خاندان ۽ ڀٽو خاندان تي هڻندي عمران خان تي فخر محسوس ڪن ٿا، اهڙي سياسي تربيت ايوان ۾ نظر اچي ٿي، جڏهن نواز ليگ جي اڳواڻ خواجه آصف حڪومت تي تنقيد ڪندي مدي خارج ٿيل آرڊِيننس تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر تي تنقيد ڪندي ماورا آئين چيو ته پي ٽي آئي جي وفاقي وزير منصوبا بندي دليل ۽ قانوني ڳالهه ڪرڻ جي بدران خواجه آصف کي جواب ڏنو ته اوهان جهڙن ايسپائرڊ سياستدانن کي ايسپائرڊ آرڊيننس جي ڳالهه ڪرڻ نه ٿي سونهين، ملڪ ساڍا ٽي سال اهڙن ئي بي تڪن دليلن جي ور چڙهيل رهيو آهي، هر روز ٽي وي تي ويهي چار چار پريس ڪانفرنسون ته ڪيون ويون ۽ قوم کي چور، بدعنوان، هڪ پيج توڙي ادارن جي اڳواڻن کي هٽائي انهن جي مٿان ڪارروايون ڪرڻ جهڙا ڪارنامه ته سرانجام ڏنا ويا پر عملي طور تي هن ساڍن ٽن سالن ۾ عوام ڪو به سک جو ساهه نه کنيو ۽ عوام جي لاءِ ايندڙ هر ڏينهن ڪا نه ڪا بري خبر کڻي ايندو رهيو آهي. جيئن جيئن چونڊن جا ڏينهن ويجهو ايندا وڃن ٿا، تيئن تيئن موسمي سياستدانن جو ضمير به جاڳڻ شروع ٿيو آهي، جيئن تازو اڳوڻي وزيراعليٰ خيبر پختون خواه ۽ دفاعي وزير پرويز خٽڪ ۽ پي ٽي آئي جي ايم اين اي نور عالم خان جا ضمير جاڳي پيا آهن، هي هڪ سياسي ڊرامو آهي يا ڪا سياسي چال اهو ته وقت ٻڌائيندو پر پرويز خٽڪ ۽ نور عالم بظاهر ته سرڪاري بينچن تي ويهي عام ماڻهو جي ڳالهه ضرور ڪئي آهي. دفاعي وزير کي غير متحرڪ رهڻ جي لاءِ وفاق ۾ اهڙي وزارت ڏني ويئي جنهن جو سواءِ پيپرز تي صحيح ڪرڻ جي ٻيو ڪو ڪم ناهي هوندو، انهي لاءِ لياقت خٽڪ (پرويز خٽڪ جو ڀا) جنهن 2020 ڊسمبر ۾ ئي پي ٽي آئي سان بغاوت ڪئي هئي ۽ وقت به وقت پرويز خٽڪ به پنهنجي اهميت جو احساس عمران خان کي ڏياريندو رهيو آهي. منهنجو خيال آهي ته نور عالم ۽ پرويز خٽڪ کان اهو سياسي اسٽنٽ يا ته ڪرايو ويو آهي يا وري ڪرڻ ڏنو ويو آهي، ته جيئن مخالف ڌر جي تحريڪن واري خالي ڦوڪڻي مان رهيل هوا ڪڍي سگهجي، جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ پرويز خٽڪ ۽ نور عالم پي ٽي آئي ۾ رهي ڪري پنهنجي ڳالهه ڪئي آهي ته پوءِ وزيراعظم عمران خان کان بغاوت ڪرڻ وارن جو تحريڪ انصاف ۾ انجام ته استعفيٰ يا پارٽي نيڪالي هوندو آهي، مخدوم جاويد هاشمي، اڪبر ايس بابر، نديم افضل چن، جهانگير ترين، احمد جواد ۽کوڙ سارا اهڙا ٻيا مثال آهن جن کي سياسي طور تي ڄڻ معذور بڻايو ويو، پرويز خٽڪ ۽ نور عالم جي اسٽنٽ جو تحريڪ انصاف کي وقتي طور تي هڪڙو فائدو اهو به ٿيو آهي ته مني بجيٽ تان نه صرف تبصري ڪرڻ وارن کي نئون عنوان ملي ويو پر مخالف ڌر به پرويز خٽڪ کي ۽ اهڙن آوازن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ۾ لڳي ويئي آهي ۽ حڪومت جيئن تيئن ڪري هي سال به ايئن ڪڍي ويندي. مخالف ڌر جو ڪردار حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪرڻ انهي جي اصلاح جي نشاندهي ڪرڻ هوندو آهي بدقسمتي سان ساڍن ٽن سالن ۾ مخالف ڌر صرف ويهي سڀ ڪجهه عوام سان ٿيندي ڏٺو،عمران خان جي حڪومت کي مخالف ڌر مان نه پهرئين ڪو خطرو هو نه ئي وري هن وقت آهي، جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ ڪا مخالف ڌر هجي ها ته آئيني طور تي حڪومت کي ڪيترائي فيصلا ڪرڻ کان روڪي سگهي پئي.
انگريزن جڏهن ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي حڪمراني جا پير ڄمايا هئا ته ننڍي کنڊ ۾ هلندڙ ننڍڙين رياستن جي حڪمرانن کي پنهنجي رياست اندر پنهنجي بادشاهت هلائڻ جو اختيار ڏنو هو پر اهي پابند هوندا هئا ته برطانوي سامراج جهڙي پاليسي جوڙيندي انهي مطابق اوهان کي پنهنجي رعايا تي قانون مڙهڻا پوندا ۽ حڪمران انگريز نواز بڻجي عيش عشرت واري زندگي گذاريندا هئا، ڍل کان وٺي عدل و انصاف واري نظام ۾ اڄ به ملڪ اندر جيڪي طور طريقا رائج آهن سي انگريزن واري غلامي جي دور جا آهن، آزادي حاصل ڪندي اسان کي 74 سال ته ضرور ٿي ويا آهن پر ملڪ ۾ وهي واپارجي انهن ئي قوتن جي منشا مطابق ٿو، اهو ئي سبب آهي ته ملڪي سياستدان انهن قوتن جي اڳيان پنهنجي درخواست جمع ڪرائيندا رهندا آهن ته اسين اوهان جي مفادن مطابق ڪارڪردگي ڏيکارينداسين بس ملڪ ۾ مقرر واڳ ڌڻي جي اڳيان اسان جي سفارش رکو. ايوان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي سامراج جي غلامي جا طعنا حڪمران هڪ ٻئي کي ڏيئي رهيا آهن ۽ واڳ ڌڻين جي ڳالهه به برملا ڪري رهيا آهن. هاڻ ملڪ ۾ ڪير ڪيترو گهربل آهي اهو فيصلو وقت ۽ حالتون يا صلاحيتون نه پر اهي ئي ڪندا، جن وٽ لامحدود اختيار آهن.
مني بجيٽ جي اچڻ کانپوءِ مهانگائي جو طوفان برپا ٿيڻ وڃي رهيو آهي، سال 2020 فيبروري واري معاشي بحران جو طوفان حڪمرانن آهستي آهستي ڪووڊ جي نالي سان ته برپا ڪيو ئي پر اهو طوفان جيڪو عالمي وبا جي ڪري ٽري ويو هو تنهن پنهنجو جلوو هاڻ ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي، ائين ناهي ته موجوده صورتحال کان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ پهرئين کان واقف نه هئا، اسد عمر جي تبديلي، حفيظ شيخ جي آمد توڙي شوڪت ترين کي وزارت ۾ آڻڻ جو مقصد اهو ئي ته هيو ته عملي طور تي ڊفالٽ ٿي وڃڻ واري ملڪ کي ڪاغذي طور تي بچائي رکجي، وفاقي خزاني واري وزير کي آندو ئي ان لاءِ ويو هو ته حڪومت جي لاءِ ڪو رستو ڪڍي سگهجي، جڏهن عمران خان جي حڪومت پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي آهي ته حيراني ٿيندي آهي ته انهن جي دور اقتدار ۾ خزاني وارا وزير حفيظ شيخ ۽ شوڪت ترين هن تبديلي سرڪار جو به ساڳي ريت ئي ٻيڙو غرق ناهن ڪري رهيا ڇا جهڙي ريت پيپلزپارٽي جي دور ۾ ڪيو ويو هو؟ شوڪت ترين اڄ ايوان ۾ ويهي چوي ٿو ته موجوده حڪومت کي پوئين حڪومتن جي ناڪام پاليسين جي ڪري اڄ اهي معاشي مسئلا درپيش آهن پر قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن ڪيترائي دفعا موصوف وزير صاحب کي ياد ڏياريو ته ماضي ۾ اوهان بااختيار خزاني جا وزير هئا ته پوءِ ڇا ملڪ جي معاشي ناڪامي جو اقرار اوهان پنهنجي نااهلي کي نه چوندا؟ حقيقت ته اها آهي ته مني بجيٽ يا عوام تي لڳندڙ ٽيڪس جي لاءِ ڪنهن به سياستدان جو هنيانءِ نه ٿو ڦاٽي يا ائين به هرگز ناهي جيڪڏهن عمران خان کي هٽائي ڪنهن ٻئي کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويندو ته اهو اچي عوام تي لڳندڙ ٽئڪس ۽ مهانگائي کي انڊو ڪندو. اصل ۾ ملڪ ۾ ڪا به معاشي پاليسي ئي جڙيل ناهي جنهن کي ڪا حڪومت اچي تسلسل ڏيئي يا اڳتي وڌائي اهو ئي نتيجو آهي جو ملڪي معاشي حالتون اچي انهي نهج تي پهتيون آهن جو عالمي ادارا پنهنجا نمائندا سرعام مقرر ڪري پنهنجي مفاد پٽاندڙ پاليسيون جوڙي عوام جو رت چوسي رهيا آهن ۽ حڪمران پنهنجي اقتدار جي پوري ٿيڻ تائين عوام جي تقدير مٽائڻ جا ڪوڙا واعدا نسل در نسل ڪندا پيا اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button