ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائيءَ کي جائز سمجهندڙ حڪومت

Editorial

پي ٽي آءِ حڪومت مهانگائيءَ جي حوالي سان عوام کي رڳو اهو ٻڌائيندي رهندي آهي جيئن ته دنيا ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، ان ڪري هتي به مهانگائي وڌائي وئي آهي. پر ڇا حڪومت جو اهو عذر ڪافي آهي، جڏهن ته حڪومت اهو ٻڌائڻ لاءِ تيار ڪانهي ته عالمي سطح تي ڪيتري مهانگائي وڌي آهي. ڇا عالمي سطح تي ٻيا ملڪ به آءِ ايم ايف جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل آهن، جو انهن لاءِ ائين چيو پيو وڃي. جڏهن ته دنيا ۾ ڪورونا سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ چين آهي پر اتي ايتري مهانگائي ناهي وڌي، بلڪه اتان جي عوام کي چيني حڪومت وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ۾ رکيو ۽ اڄ چين مان ذري گهٽ ڪورونا وائرس مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي. پر پاڪستان ۾ ڪورونا جا ڪيس ان حد تائين ڪونه ٿيا هئا، جهڙي ريت چين ۾ ٿيا هئا پر تنهن هوندي به اهو چيو ويو ته جيئن ته ملڪ ڪورونا سبب متاثر ٿيو آهي، تنهنڪري ملڪ ۾ هر اسم مهانگو ٿي ويو آهي. ڇا ملڪ ۾ اٽو به ان ڪري مهانگو ٿيو آهي جو ڪورونا آيل هو. جڏهن ته پاڪستان ڪڻڪ پيدا ڪرڻ ۾ پاڻڀرو آهي. تنهن هوندي به اها ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته دنيا ۾ مهانگائي آهي، ان ڪري پاڪستان مهانگو ترين ملڪ آهي.
ان حوالي سان وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي سطح تي شين جي اگهن ۾ واڌ سبب ملڪ ۾ مهانگائي وڌي آهي. وزير اعظم عمران خان پشاور جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران خيبرپختونخوا سان واسطو رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران حڪومت جي صوبي اندر عوامي منصوبن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته ميمبرن وزير اعظم کي لاڳاپيل تڪن جي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ پارٽيءَ جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزير اعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختوخوا ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت تاريخي منصوبا شروع ڪري رهي آهي، 20 ارب جي لاڳت سان منصوبو بجلي جي ورڇ واري نظام ۾ بهتري آڻيندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته صوبائي سطح تي سستي بجلي منصوبن ۽ گهٽ اگهن تي گرڊ فراهمي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، تحريڪ انصاف جي گذريل حڪومتي دورن جيان ڏورانهين علائقن ۾ پن بجليءَ جا ننڍا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي وزير اعظم عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت خيبرپختونخوا ۾ تاريخي ترقياتي منصوبن جي شروعات ڪئي، سڌارا ٿيل ضلعن ۾ ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. عمران خان چيو ته حڪومت شامل ڪيل ضلعن جي سالياني ترقياتي بجيٽ 2018ع جي 24 ارب جي سطح کان وڌائي هلندڙ سال 54 ارب رپيا ڪئي آهي. هن چيو ته حڪومت مهانگائيءَ جا اثر ماڻهن تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان اندر سياحت ۾ واڌ ٿي آهي، حڪومت ڪي پي ۾ سياحتي هنڌن جي نشاندهي ڪري چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته جلد سياحتي هنڌن جي ترقي جي لاءِ منصوبا شروع ڪيا ويندا، صحت ڪارڊ، ضروري شين تي مستحق گهراڻن کي رعايت ڏيڻ، تعليمي سهولتن ۾ بهتري رياست جي قيام وارا وعدا پورا ڪرڻ جو بنياد آهي. وزير اعظم ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ عوامي فلاحي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
هڪ پاسي ته وزير اعظم عمران خان اهو چوي ٿو ته پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي ۽ دنيا ۾ پاڪستان کان وڌيڪ سستو پيٽرول ڪٿي نٿو ملي پر ٻئي پاسي هو پاڻ اهو قبول ڪري ٿو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، هاڻ ماڻهو سندس ڪهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪن. پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجين گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ رڳو عوام کي مهانگائيءَ جا تحفا ڏنا آهن. ان کانسواءِ اها ڪو به رليف ڏيڻ لاءِ تيار ڪانهي. ڇا اهڙي صورتحال ۾ عوام اڃا به ان حڪومت مان تبديليءَ جي ڪا اميد ڪري سگهي ٿو. عالمي سطح تي ايتري مهانگائي ڪنهن به ملڪ ريڪارڊ ناهي ڪئي وئي، جو اتي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو هجي. بلڪه اتان جون حڪومتون ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جو بندوبست ڪري رهيون آهن. پر هتان جي حڪومت جو زور رڳو لنگر خانا کولڻ تي آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اها عوام کي پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي بلڪه ان کي محتاج ڪرڻ ٿي چاهي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ جي ذميوار پي ٽي آءِ حڪومت آهي، جيڪا نه ته ملڪي معيشت کي ڪو سهارو ڏئي سگهي آهي ۽ نه ئي عوام کي بهتر روزگار فراهم ڪري سگهي ٿي. حڪومت جڏهن رڳو آءِ ايم ايف تي ڀاڙيندي ته پوءِ اها ڪنهن به ريت مهانگائيءَ کي ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي. تنهنڪري دنيا ۾ مهانگائيءَ جو عذر مهرباني ڪري پيش ڪرڻ بند ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button