گل ڇنو گرنار جو پٽڻ ٿيون پٽين
سھسين سورٺ جھڙيون اڀيون اوسارين…
چوٽا چارڻ ھٿ ۾ سر سينگاريو ڏين…
ناريون ناڏ ڪرين راجا رات رمگيو…
ٿر جي مٽي سدائين زرخيز رھي آھي، جنهن اڻ ڳڻيون اڃون برداشت ڪري به پنھنجي ڪُک مان اھڙا صالح ڪردار جنميا آھن، جن گلاب بڻجي ڪيتريون ئي واھڻ ۽ وستيون ھڳايون آھن. سائين علي مردان شاهه جو شمار به اھڙن ڪردارن ۾ ٿئي ٿو. سائين ھڪ اھڙو ڪردار ھو جنھن نه رڳو ٿرپارڪر ۽ ناري پٽ کي پر ھن پنھنجي ڪردار ۽ گفتار وسيلي سڄي سنڌ ۾ پنھنجي منفرد خوشبوءِ وکيري ھئي
۽ ڪيترين ئي دلين کي واسي ڇڏيو ھو.
1957ع واري سال عمرڪوٽ جي ھڪ ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ جنم وٺندڙ سيد علي مردان شاهه جي سياسي ڪيريئر ۾ جدوجھد، سچائي ۽ کرائپ، پنھنجي ماڻھن سان اٿاهه محبتن پيار ۽ پاٻوهه سان رڱيل ھئي.
ھونئن به کاروڙي سيد جي ميان شاهه جي اخلاق بردباري ۽ راڄائتي ھئڻ واري ھاڪ کاروڙي کي جدا سڃاڻپ ڏني ھئي. اھا ئي خانداني روايت ميان شاهه جي ڀاڻيجي علي مردان شاهه جيئن جو تيئن نڀائي ڏيکاري ۽ وڏڙن جي روايتن کي برقرار رکندي اوڙي پاڙي ۽ علائقي واسين سان ڳانڍاپي واري ڳنڍ کي برقرار رکڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو.
ھو انھن ٿورڙن سياستدانن مان ليکبو ھو، جن ڪڏھن به علائقي جي آفيسرن تي حاڪماڻي انداز سان حڪم نه ھلايا. عام ماڻھن ۾ اهو مشھور ھو ته ڪير ڪيترو به سياست ۾ مخالف ھجي پر لنگھي وڃڻ وقت ھو سڀڪجھه وساري ڇڏيندو ھو،
گھڻو پوءِ جڏھن ٻاھر جا پير سياست ۾ آيا ۽ ڪجھه نوجوانن تمام گھڻو گھٽ وڌ اسٽيشن تي ڳالھايو ۽ جڏھن کيس ٻڌايو ٿي ويو ته پاڻ مرڪي چوندو ھو، اھي پنھنجا اڻ سمجھه ٻار آھن، ماڻھو ھنن کي بيوقوف پيا بڻائين.
ھن وٽ سياست دشمنيءَ جو نالو نه ھئي. ھن جي اھا پڻ ھڪ خاصيت ھئي ته ھو جنھن سان به ھڪ ڀيرو مليو ته ان کي نالي سميت ٻيھر سڃاڻيندو ھو. ھو اليڪشن کان پوءِ ھر ھر ورڪر جو نالو کڻي پڇندو ھو ته فلاڻو ڪٿي آھي ۽ ڪھڙن حالن ۾ آھي. ڳوٺن ۾ ھن جا دورا رڳو سياسي نه پر اڪثر ائين سماجي دورا ھوندا ھئا. جن ۾ ڪچھريون ھونديون ھيون، ٽھڪ ھوندا ھئا، شڪوهه ۽ شڪايتون ھونديون ھيون ۽ پنھنجائپ جون ڳراٽڙيون.
حقيقي سياست ۾ راڄ ڀاڳ سان ٺاھي ھلڻ ننڍي وڏي جو خيال رکڻ کان ويندي اڀرن جو ڀرجھلو ٿيڻ جھڙا ڪيترائي انيڪ گڻ ڄڻ سُتيءَ ۾ مليل ھئا. علي مردان شاهه 80ع واري ڏهاڪي ۾ سياست ۾ پير پاتو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ سياست ۾ پنھنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪري نه رڳو پنھنجي پر پنھنجي علائقي جو نالو پڻ روشن ڪرايو. سائين پنھنجي اڌ صديءَ جي سياسي ڪيريئر ۾ جيڪي نقش ڇڏيا، اھي ڪڏھن به وساري نه ٿا سگھجن. ڪيترائي ڀيرا صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رھندڙ سيد علي مردان شاهه سٻاجھڙو سياستدان ھئڻ باوجود ملڪي توڙي علائقائي سياست جي پيچيدگين جي ڀلي ڀت پروڙ رکندو ھو.
پنھنجي علائقي ۾ ھن کي جوڙ توڙ جو بادشاهه تصور ڪيو ويندو ھو. ھن مخالف سياسي گروھن جي انتقامي ڪاررواين کي منھن ڏيندي ڪيترائي اڙانگا پيچرا پار ڪيا پر سياست ۾ پنھنجي پارٽيءَ سان وفا ۽ وچن ۾ ڪابه ٿڪاوٽ محسوس نه ڪرائي ۽ اھا ئي ھن جي ثابت قدمي ھئي جو ڪيترائي سياسي بت ھن نيٺ ڊاھي پٽ ڪيا.
هن جي انھي ڪاميابي پويان اصل راز پنھنجي پاڙيسرين علائقي واسين سان جڙيل ھئڻ ھو. سائين پنھنجي تڪ جي ماڻھن کي پنھنجي گھر جو ڀاتي تصور ڪندو ھو. اھو ئي سبب آھي جو ھو جڏھن به ڪنھن خوشي يا غمي ۾ شريڪ ٿيندو ھو ته چوندو ھو بابا اھو اسان جو سماجي فريضو آھي. سندس شخصيت ۾ ڪمال جي ڪاريگري شامل ھئي، جو ماڻھن کي کن پل ۾ پنھنجو ڪري وٺندو ھو، ھو انھن سياسي روايتن جو وڏو قدردان ھو، جيڪي اسان وٽ نج سماجي آھن،
سياسي چمڪ دمڪ ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻھو پنھنجي استادن يا سياست ۾ آڻيندڙ پنھنجي محسنن کي وساري ڇڏيندا آھن پر سائين وٽ ائين نه ھو. ھو سدائين پنھنجي استادن ۽ سينيئرن جا گڻ ڳائيندو ھو. ان جو اندازو ان ڳالهھ مان به لڳائي سگھجي ٿو ته ھو ڍٽ جي راڻن جي وڏي عزت ڪندو ھو. ھو اھو قبول ڪندو ھو ته مون راڻي کان ڪوٽڙيءَ ۾ ويھي سياست سکي آھي.
ھو وڏن جي روايتن جو امين ھو. اھو ئي سبب آھي جو ھن وڏن جي ھمعمر طالب سميجو وٽ مھندري پار جو ڀيروڪڏھن به نه ڀنو. ھو چوندو ھو طالب وٽ اچڻ جو مطلب اھو ناھي ته آئون ووٽ وٺڻ آيو آھيان، آئون پنھنجي وڏڙن جو عڪس ڏسڻ آيو آھيان. ھو سنڌ جي اڀري خطي جي اڀرن ماڻھن جو ڀرجھلو ھو. ھن وٽ اسيمبليءَ ۾ ھڪٻئي تي ڪرڻ لاءِ الرون يا گلا ڦاڙيندڙ تقريرون نه ھيون پر ھن وٽ ٻڪرارن جون ۽ ڳوٺاڻن جون محبتون ھيون. جيڪي ھن جي دل جو ڏڍ ھيون. ھن وٽ سياست ھڪ ميدان ھو جنھن ۾ مقابلو فقط پنھنجي ماڻھن جي خدمت ڪرڻ لاءِ اڳيان اچڻ خاطر ھوندو ھو.
ھن سياست کي سماجي واسطن وچان ڪڏھن به رڪاوٽ ٿيڻ نه ڏنو. اھو ئي سبب آھي جو سندس وڇوڙي تي مخالف به لڙڪ لاڙي ويٺا ھئا. سدائين سياست ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندڙن به چيو ھو ته اسان اڄ نه رڳو هڪ سياستدان پر راڄائتي انسان جا محروم ٿي وياسين. اھڙا ماڻھو عوامي سياست ۾ تمام ٿورڙا پيدا ٿيندا آھن. ھو قومي تحريڪ جي اھم ڪردار ماما جمن دربدر کي تمام گھڻو ويجھو ھوندو ھو. ماڻھو ماما جمن تي الزام ھڻندا ھئا ته ھو پ پ پ ھليو ويو آھي پر سيد علي مردان شاهه چوندو ھو ته جمن سان اسان جا دوستاڻا تعلق آھن
ھو ڪاڄن ۾ ڀٽ تي ويھي عام ماڻھن سان گڏ شفيع فقير جي آواز ۾ گيت به ٻڌندو ھو.
ھن سياست ۾ جنھن رستي جي چونڊ ڪئي، آخر تائين انھي تي ئي بيٺو رھيو.
ناري پٽ ۽ ٿر جي اڀرن ماڻھن کان 19 جنوري 2020ع تي سندن ڀرجھلو سدائين لاءِ موڪلائي ويو. سندس دل ھن سان وفا نه ڪئي پر ھن جو ڪردار ۽ ھن جي سچائي ڪڏھن به ھن کان رسامو ڪونه ڪيو. ھو پنھنجي ڪردار طور اسان وٽ زندہ آھي ۽ زنده رھندو.
جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي
مئاسين پوءِ ڏئي ڇڏبا ھي روڳ ھزارن کي