ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا ادارا ائين قائم ٿيندا آهن؟

Editorial-Article- Kaleem Butt

پاڪستان ۾ ادارن جي حوالي سان وڏي عرصي کان بحران هلندڙ آهي، ڪو ادارو به صحيح طور تي ڪم نه پيو ڪري. مٿان وري تازو ئي پريس ۾ خبرون هلي رهيون آهن ته پاڪستان جي اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياريءَ به دا تي لڳل آهي ۽ سمورو ملڪ افراتفريح جي ور چڙهي چڪو آهي. ان صورتحال ۾ اسان جي مٺڙي سنڌ ۾ وري عجيب ئي روايتون قائم ٿي رهيون آهن. سنڌ سرڪار هڪ ٻئي پٺيان ادارا قائم ڪري انهن کي وري ڇڏيو ڏئي، ڄڻ لنگر آهي جيڪو ورهائي پورو ڪرڻو آهي.
اهو چوڻ به بلڪل غلط هوندو ته سنڌ سرڪار جا تازو ئي قائم ڪيل سڀئي ادارا غلط آهن، يا وري انهن کي نااهل ماڻهو هلائي رهيا آهن، مثال طور اين آ سي وي ڊي، گمبٽ ليور ٽرانسپلانٽ وارو ادارو يا اهڙا ڪجهه ٻيا ادارا پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پاڪستان جي ادارن جي صورتحال کي ڏسندي انهن کي مثالي ادارا سڏي سگهجي ٿو.
اتي وري ڪجهه اهڙا ادارا به سنڌ حڪومت قائم ڪرايا آهن جن جو نه ڪو منهن آهي نه ئي ڪو پڇ. انهن مان هڪ ادارو حيدرآباد ۾ قائم ڪيل عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگوئج انجنيئرنگ آهي، جنهن کي اهو چئي قائم ڪيو ويو ته “سنڌي ٻوليءَ کي هاڻي جيڪڏهن ڪا شيءِ بچائي سگهي ٿي ته اها ٽيڪنالاجي ئي هوندي” ۽ تڙ تڪڙ هي ادارا قائم ڪيو ويو، جنهن کي لڳ ڀڳ منو ڪروڙ گرانٽ طور ڏنو وڃي ٿو. هي هڪ خودمختيار ادارو آهي جيڪو ثقافت جي پورٽ فوليو ۾ اچي ٿو، هن اداري جو بنياد پاڻ کي ٻولي جو انجنيئر ۽ لسانيات جو ماهر سڏائيندڙ امر فياض ٻرڙو جي هڪ بريفنگ کانپو رکيو ويو ۽ 2017ع کان ادارو ٻولي واري بااختيار اداري جي ڀرسان ٺهيل عمارت ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن اداري جو مقصد سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽيشنل ۽ نيچرل لينگوئج پروسيسنگ ۾ برجستو ڪرڻ آهي. جڏهن ته ادارو تحقيق سان گڏ ايپليڪيشن سافٽ وئير ٺاهڻ تي ڪم ڪندو. جڏهن ته لينگوئج اٿارٽي اڳواٽ اهي ڪم ڪري رهي هئي ۽ اڃا به ڪري رهي هئي.
ٻين عالمي جنگ کانپو جڏهن جاپان تباهه ٿي ويو ته ان وري علم ڏانهن موٽ ڪئي ۽ جاپاني حڪومت اعلان ڪيو ته جيڪو به ماڻهو ڪنهن به ٻوليءَ مان ڪوبه ڪتاب جاپاني ۾ ترجمو ڪندو ته ان کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني ويندي ۽ اڄ اسان سڀ جاپان جي ترقي جا مثال ڏيندا آهيون.
ان ڳالهه کي پاسي تي رکي ان سوال ڏانهن غور ڪجي ته لينگوئج انجنيئرنگ واري اداري جي سربراهه جي ڪهڙي قابليت آهي. هڪ ته امر فياض جو عهدو ڪهڙو آهي؟ اهو پڻ سواليه نشان آهي، ڇو ته هڪ هنڌ هن کي فائونڊر ڄاڻايو ويو آهي ۽ ٻيو هن جي پرسنل پروفائيل ۾ ڪجهه هي ڄاڻايل آهي:
“ورڪس ايٽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگوئج انجنيئرنگ، اور آل مينجمنٽ اينڊ ايڊمنسٽريشن آف انسٽيٽيوٽ” هي ڄاڻ سندس سماجي رابطن واري ويب سائيٽ جي ذاتي پروفائيل مان کنئي وئي آهي. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته هو ئي هن اداري جو سربراهه آهي. اهو به ممڪن آهي ته هن اداري ۾ رڳو هو ئي هجي، لور اسٽاف کان وٺي اداري جي سربراهه تائين سڀ ڪجهه پاڻ ئي هجي؟ پر هتي اهو سوال اٿي ٿو ته ڪنهن به سرڪاري اداري اهو ڪهڙو عهدو آهي جنهن جو نالو اور آل مينجمنٽ اينڊ ايڊمنشٽريشن آف انسٽيٽيوٽ هجي. اهو عهدو اڳ موجود ڪهڙن ڪهڙن سرڪاري ادارن ۾ آهي؟ اهو ڪهڙي بي پي ايس جو عهدو آهي ۽ ان لا ڪيتري تعليمي قابليت ۽ تجربي جي ضرورت هوندي آهي، عمر جي ڪا حد ۽ ڪهڙي بي پي ايس جو عهدو آهي؟
جيئن تي هن اداري کي انسٽيٽيوٽ سڏجي ٿو، ان ڪري ان جو سربراهه ڊائريڪٽر هوندو. سنڌ ۾ سرڪاري اداري جو ڊائريڪٽر 19 گريڊ جو ٿيندو آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر 18 گريڊ جو ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر 17 گريڊ جو. پاڪستان گزٽيئر ۾ ڇپيل ڀرتين جا قانون (recruitment rules) موجب آ ٽي وغيره سان لاڳاپيل اداري ۾ ڊائريڪٽر ٿيڻ لا گهٽ ۾ گهٽ 7 سال تائين لاڳاپيل اداري ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جو تجربو هجڻ لازمي آهي؟ ان کانپو تعليمي قابليت سرڪاري ادارن ۾ اهم تصور ڪئي ويندي آهي. ڪنهن به سرڪاري اداري ۾ نوڪري لا گهٽ ۾ گهٽ تعليمي قابليت ۽ عمر جي حد مقرر ڪيل هوندي آهي. ڇا 19 گريڊ جو ڊائريڪٽر ٿيڻ لا تعليمي قابليت ڊپلوما آهي؟ ڇوته هن اداري جي سربراهه جي تعليمي قابليت جيڪا سندس ذاتي پروفائيل ۾ ڄاڻايل آهي سا آهي ڊپلوما آف ائسوسيئٽ انجنيئر (ميڪينڪل انجنيئرنگ) جيڪو هن 1989ع ۾ گورنمنٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي، خيرپور ميرس مان ڪيو هو. ان کانپو رڳو پروفائيل ۾ سندس عهدا ڄاڻايل آهن جن ۾ هو ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪاپوريشن جو ڪنسلٽنٽ رهيو، سنڌ جي ٽقافت کاتي جو ڪنسلٽنٽ رهيو ۽ لينگوئج اٿارٽيءَ جو ڪنسلٽنٽ رهيو ۽ هاڻي وري لينگوئج انجنيئرنگ اداري جو سربراهه آهي.
ان کانپو جڏهن هن اداري جي حوالي سان ڪو به سوال اٿاريو وڃي ٿو ته جواب ملي ٿو اوهان اداري جو ڪم ته ڏسو ۽ حوالي طور ڀٽائي پيڊيا نالي ويب پيج اسان کي لالي پاپ طور ڏني وڃي ٿي. ڀٽائي پيڊيا هن اداري جو ٺاهيل ايپ ۽ پيج آهي جيڪو اردو ويب سائيٽ ريخته سان ملندڙ جلندڙ آهي. ڇا هن اداري جو رڳو اهو ئي ڪم آهي جيڪو ڪوبه آ ٽي جو شاگرد گهر ويٺي به ڪري سگهي ٿو. اسان جڏهن پيچرو نالي ويب سائيٽ کولي ته ان تي 30000 رپيا خرچ آيا ۽ ان لا اسان کي ڪو به ادارو کولرائڻ جي ضرورت نه پئي. ڪير ٻڌائيندو ته ڀٽائي پيڊيا تي گهڻو خرچ آيو آهي ۽ ڇا رڳو ان ڪم ڪرڻ لا هڪ ادارو کولڻ جي ضرورت هئي؟ ڇا ڪو تصور ڪري سگهي ٿو ته ٽيڪس ڀريندڙن جي پيسن سان اهڙو مذاق ٻيو ڪٿي به ٿيندو هجي؟ هي ڪنهن هڪ فرد يا اداري جي ڳالهه نه آهي پر اسين هن سموري ڪرپٽ نظام جي ڳالهه پيا ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button