شهيد فاضل راهو جي ورسي به ٿي وئي. گل به نڇاور ٿيا. تقريرون به ڪيون ويون. وري ٻي سال جيڪي جيئرا. پر هي سال اسان کان پڇڻ جو پورو حق رکي ٿو ته ڇا انقلابي شهيدن کي ڀيٽا ائين ملڻ گهرجي؟
اهو هڪ خطرناڪ سوال آهي. ڪوئي ڪجهه به چوي. دنيا کي معلوم آهي ته فاضل راهو اقتداري مشينريءَ جو پرزو نه هو. فاضل وڏيراشاهيءَ جو ايجنٽ نه هو. فاضل راهو هارين جو يار ۽ پورهيتن جو وفادار ساٿي هو. فاضل راهوءَ پنهنجي زندگيءَ جو پل پل انسانيت جي ان معراج لاءِ قربان ڪيو هو، جنهن کي “انقلاب” ڪوٺيو ويندو آهي. هن وقت فاضل راهوءَ جي نالي تي جيڪا اقتداري سياست سالن کان هلي رهي آهي، ان سان شهيد جو ڪهڙو واسطو هو؟ اسماعيل صاحب کي پورو حق آهي ته هو پنهنجي مرضيءَ جي سياست ڪري پر اسماعيل راهوءَ کي اهو نه جڳائي جو هو آصف زرداريءَ کي فاضل جا سپنا سچ ڪرڻ وارو سورمو سڏي. فاضل راهو سنڌ جي ننڍي کان ننڍي حق لاءِ وڏيون لڙايون لڙڻ وارو مهان مڙس هو پر هن جي سنڌ عام سنڌي ماڻهو هو. هن جي سنڌ ڪرپشن جي مال مان جائيدادون جوڙڻ واري اسڪيم جو نالو نه هو. هن جي سنڌ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ واري سياست نه هئي. فاضل راهو ته عوام جون اکيون کولڻ ۽ انهن جا تاريخي حق حاصل ڪرڻ جي سدا بهار ڪوشش جو سورمو هو. فاضل راهو کي عوام دشمن اقتدار پرستيءَ کان نفرت هئي. هو اهڙن ميڙن ۽ محفلن ۾ نه ويهندو هو، جتي عوام کي ٺڳڻ ۽ مسڪين ماڻهن کي منجهائي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ واري راند هلندڙ هجي. فاضل راهو ۾ هڪ جوش هو. فاضل راهوءَ ۾ هڪ جذبو هو. فاضل راهوءَ ۾ هڪ ڪاوڙ هئي.
فاضل جڏهن به ڏسندو هو ته عوام جي حقن مٿان ڌاڙا لڳي رهيا آهن ته هو انقلابي سياست جي سرگرميءَ کي پهريان کان وڌيڪ تيز ۽ تکو ڪري ڇڏيندو هو. فاضل راهوءَ پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ ڪڏهن به اقتدار پرستيءَ جو پاسو نه کنيو. هن مهل ڪهڙو ماحول آهي جو فاضل جي نالي ۾ هيتري ساري عوامي بيوفائي ڪئي پئي وڃي.
هر سال راهوڪيءَ ۾ فاضل جي نالي تي هڪ اهڙو پروگرام ٿيندو آهي، جنهن ۾ فاضل جو نالو استعمال ڪري ڪڏهن ڄام صادق جي، ڪڏهن نواز شريف جي ۽ ڪڏهن آصف زرداريءَ جي ساراهه ڪئي ويندي آهي ۽ اهڙي عمل کي مسلسل ٿيندو ڏسي عوام به عادي ٿي ويو آهي ته اهو ڪجهه ٿيندو رهندو آهي.
اها فاضل راهوءَ جي سياست ۽ هن جي شهادت سان تمام وڏي زيادتي آهي. اسان جيڪڏهن فاضل راهوءَ جهڙو ڪردار ادا ڪري نه ٿا سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ فاضل راهوءَ جي ڪردار کي ته غلط انداز سان پيش نه ڪيون. اسان کي معلوم هجڻ گهرجي ته فاضل راهوءَ جو رستو ايترو سستو نه هو، جيتري سستي راهه تي هلندڙ هن جي نالي کي ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ڪيش ٿا ڪرائين. فاضل راهو نه صرف سنڌ پر پوري ملڪ جي لاءِ امن ۽ انصاف جا سپنا ساڀيان ڪرڻ واري جدوجهد جو سورمو هو. فاضل راهو جا رشتا صرف راهو خاندان تائين محدود نه هئا پر هو چين روس ۽ ويٽنام ۾ به عوامي جدوجهد کي پنهنجي جدوجهد سمجهندو هو. هو هڪ لوڪل ليڊر نه هو. هو انٽرنيشنل سياست جو سفير هو.
فاضل جي زندگي ۽ هن جي جدوجهد عوام جي امانت آهي. اسان کي فاضل جي باري ۾ سمورو سچ بيان ڪرڻ گهرجي. اسان کي ٻڌائڻ گهرجي ته فاضل راهو سنڌ جي دردن جو سبب ويڪائو وڏيري طبقي جي سياست کي سمجهندو هو. هو هڪ تمام اوورچ ترقي پسند ۽ مظلوم قومن توڙي مظلوم طبقن جو حامي هو. هن هارين ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي لاءِ تمام پرخطر سياست ڪئي. هن هارين جون تنظيمون ٺاهيون. هو هارين کي سياسي تعليم ڏيندو هو ۽ سمجهائيندو هو ته وڏيرا ۽ سرمائيدار هارين جا حق ڪهڙي طرح کائي رهيا آهن. هو انقلابي استاد هو. هن جي سياست پنهنجن مفادن جو طواف نه ڪندي هئي. هن جي سياست عوام جي حقن لاءِ ويڙهه جو وڏو مورچو هئي. شهيد فاضل جو مقصد هڪ مقدس مشن هو. افسوس ته اسان فاضل جي قربانين ۽ هن جي عوام دوستيءَ جي ڳالهه ته ڪريون ٿا پر اسان فاضل جي ان عمل جي راهه تي ناهيون، جنهن عمل جي راهه تي هلندي ئي فاضل جي مشن جي تڪميل ٿي سگهي ٿي. اسان کي تاريخ هر ڀيري سڏي ٿي. اسان کي تاريخ بار بار پڪاري ٿي. اسان کان تاريخ پڇا ٿي ڪري ته جنهن راهه تي فاضل رت ڏنو، ان راهه تي ڪير هلي رهيو آهي؟
فاضل پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ جيڪي به سفر ڪيا، اهي سمورا عوامي سجاڳيءَ جي سلسلي ۾ هئا. هو ڪڏهن به وڏيرن سان رشتا ناتا نڀائڻ جي باري ۾ نه سوچيندو هو. هن جي ارپنا ۽ هن جي ذات مڪمل تعلق هن جي انقلابي فرض سان هو. شهيد فاضل جو اهو خواب نه هو ته عوام تباهه ۽ برباد هجي پر هن جو خاندان خوشحاليءَ جي هنجن ۾ پيو کيڏي. فاضل اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته هو پنهنجي طبقي کي تبديل ڪري، ان ڪلاس ۾ شامل ٿي وڃي، جيڪو ڪلاس رت چوس ۽ سنڌ جي دائمي دردن جو سبب آهي. جيڪڏهن فاضل جي شهادت تي لاڙ جا ڀيل، ڪولهي ۽ ٻيا مٽيءَ هاڻا ماڻهو اٿي پيا ۽ قافلا بڻجي ڪاهي آيا ته ان جو ڪارڻ به فاضل جي جدوجهد هئي. هو انسان انهن مظلوم ماڻهن سان مليو هو ۽ هن مان انهن غريب ۽ تباهه حال ماڻهن کي پنهنجائپ جي مهڪ ايندي هئي. اڄ اها مهڪ ۽ اڄ اها عوام دوست خوشبو ڪٿي آهي؟
وقت تمام گهڻي تيزيءَ سان گذري رهيو آهي. ان جي مقدار ۾ ته واڌ اچي رهي آهي پر ان جي ملهه جو معيار مسلسل گهٽجي رهيو آهي. هن وقت ظلم اهو آهي ته اسان جنهن شامياني هيٺان فاضل جو نالو ٿا ٻڌون ان شامياني هيٺان سياست اها نه ٿي ٿئي، جيڪا سياست فاضل جو اصل ورثو هئي. اسان جي اها به بدقسمتي آهي ته اسان ايتري ساري وقت کان پوءِ ان بنيادي سوال تي واپس وري رهيا آهيون ۽ هڪ ٻئي کي دعوت فڪر ڏئي رهيا آهيون ته آخر فاضل راهوءَ جو اصل مشن ڪهڙو هو؟
اسان کي اها ته پوري پڪ آهي. اسا مڪمل طور تي آگاهه آهيون ته فاضل راهو ان اقتداري مشين جو حصو هرگز نه هو، جيڪا عوام جو رت چوسي رهي آهي. فاضل راهو ڪرپٽ مافيا جو اعلانيا مخالف هو. هن کي هر قسم جي عوام دشمنيءَ کان نفرت هئي. هن جي شديد خواهش هئي ته سنڌ وڏيرن جي وحشي هٿن مان نجات حاصل ڪري. هن کي تمام گهڻي تڪليف محسوس ٿيندي هئي، جڏهن هو ڏسندو هو، پنهنجي وطن ۾ جلاوطن انسان، اهي انسان جن جي حقن کي نسل در نسل لٽيو ۽ ڦريو ويو آهي. هن کي قومي غلاميءَ جي ڪا به صورت قبول نه هئي. هن کي عوام دشمنيءَ جي هر لقاءَ کان چڙ ۽ نفرت هئي.
فاضل راهو پاڻ سياسي پورهيت هو ۽ هن کي پورهيت سياست سان تمام گهڻو پيار هو. هن جي دل ۾ اها تمام ڀرپور تمنا هئي ته سياست جي نالي ۾ ٿيندڙ ٺڳيءَ جا سارا ٺاهه ختم ٿي وڃن ۽ هڪ اهڙو معاشرو جنم وٺي، جنهن ۾ ڪو وڏيرو زمين تي قبضو ڪري ان هاريءَ جو استحصال نه ڪري، جنهن هاريءَ پنهنجي پوري زندگي ان ٻنيءَ کي ڏني آهي، جنهن ٻنيءَ تي هن جي ٻچڙن جي زندگيءَ جو دارومدار آهي. فاضل راهو ان مهل ڪاوڙ ۾ سرخ شعلو بڻجي ويندو هو، جڏهن هو ڏسندو هوته نسل در نسل محنت ۽ مشقت ڪندڙ هاري ڌرتيءَ جو ڌڻي ناهي پر زمين جو مالڪ اهو وڏيرو آهي، جنهن سانگ رچائي ۽ ڊراما ڪري ڪوڙا ڪاغذ ٺهرايا آهن ته جيئن هو استحصالي نظام کي تحفظ ڏيندڙ قانون جي اکين ۾ زمين جو مالڪ بڻجي سگهي.
فاضل راهو ته “جو کيڙي سو کائي” جو نه رڳو نعرو هڻندو هو پر هو ان نظام جي لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ مشقت به ڪندو هو، جنهن نظام ۾ قانون عوام دوست هجن ۽ جنهن نظام ۾ عوام زندگيءَ جي بنيادي حقن کان محروم نه هجي. فاضل شهيد جي جيلن ۽ روپوشين جا ساٿي اڄ به اهو تسليم ڪن ٿا ته فاضل نالي ماتر انقلابي نه هو. انهن کي ڀليءَ ڀت خبر آهي ته فاضل هڪ تمام وڏي مقصد لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيو هو. هن اهو پاڻ سان وچن ڪيو هو ته جيستائين هي ڪوڙو ۽ ٺڳ سسٽم سرڪار جوڙي عوام جورت ست چوسيندو، تيستائين هو سک سان نه ويهندو. فاضل لفظن جي حرمت ڄاڻيندو هو ۽ هن ڪڏهن به لفظ جي شان ۾ ڪا گستاخي نه ڪئي. هن سدائين لفظن جو ڀرم رکيو. اڄ به جيڪڏهن عوام هن جي نالي ٻلهار وڃي ٿو ته ان سبب ڪا لالچ ناهي پر اهو اهو سڀ ڪجهه ضمير جي سڏ تي لبيڪ چئي ڪندا آهن.
سنڌ جو سماج زرعي سماج آهي. سنڌ شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين مشتمل ناهي. اصل سنڌ سرڪاري ميڙن ۾ ننڍڙي مفاد سبب ڪٺي ٿيندڙ خلق ناهي. اصل سنڌ اسان جا اهي ڳوٺ آهن، جتي زندگي تمام گهڻي مشڪل آهي ۽ انهن ڳوٺن ۾ رهندڙ انسانن جو ڪردار ايترو ته صاف ۽ شفاف هوندو آهي جو ان کي ڏسي انسان جي آئيندي ۾ ايمان پختو ٿي ويندو آهي. سنڌ ۾ اها سوچ ختم ٿي رهي آهي، فاضل راهو جنهن سوچ جوسرخ پرچم کڻي پنهجي ان واٽ تي هلندو هو، جنهن واٽ تي اس گهڻي ۽ ڇانوَ گهٽ هوندي هئي. ڇو ته اها وفا جي واٽ هئي. ان واٽ تي انقلابي شعور جي لاٽ ٻرندي هئي. اڄ اسان فاضل کي ياد ٿا ڪريون ته اسان کي سار ۾ نه ٿو اچي ته ان انسان جي زندگيءَ جو وڏو مقصد ڪهڙو هو؟
وقت ۽ حالتن اسان جي انقلابي قافلي کي ان حد تائين ڦري ورتو آهي جو اسان جو حال علامه اقبال جي ان شعر جهڙو ٿي ويو آهي ته:
“وائي ناڪامي ڪه اپنا ڪاروان جاتا رها
ڪاروان ڪي دل سي احساس زيان جاتا رها”
اڄ اسان جو حشر واقعي ئي اهڙو ٿي ويو آهي جو اسان جي دل مان زيان جو احساس به ختم ٿي ويو آهي. زيان جو اهو احساس ڪڏهن ان واٽ تي ورندو، جيڪا واٽ فاضل راهوءَ جي اصل انقلابي واٽ هئي.