ڪوريا جي ثقافتي سيلاب جون ڇوليون ته هاڻي دنيا جون سرحدون پار ڪري چڪيون آهن. K-POP جي ڪلاڪارن اهڙو ته ٻڙڌڪ مچايو آهي جو ٽائيم ميگزين انهن ستن نوجوان فنڪارن کي دنيا جي طاقتور شخصيتن جي فهرست ۾ شامل ڪندي کين ايندڙ نسل جو ليڊر قرار ڏنو آهي.
ڪوريا جي ثقافتي ترقي کي جاپان جي اخبار ڪورين Wave جو نالو ڏنو آهي. BTs بيند جي موسيقي ان ثقافتي ڇولي جي سڀ کان وڏي لهر آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا جا نوجوان پيا غوطا کائين، اهو 2012ع جو سال هو، جڏهن k-pop موسيقي جي نئين صنف متعارف ڪرائيندي Gangnam style وڊيو رليز ڪئي. يوٽيوب تي اپ لوڊ ٿيل ان وڊيو ته رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، هڪ سئو ڪروڙن کان وڌيڪ نوجوانن ان کي پسند ڪندي ڪلڪ ڪيو. k-pop جي ٻي جنريشن BTs بينڊ جا ست نوجوان ڇوڪرا آهن، جيڪي ڇوڪرين وانگر ميڪ اپ ڪري ڪمال جي فنڪاري سان ٿا گانا رڪارڊ ڪرائين. BTs جي گانن جون وڊيوز ته يوٽيوب کي ذري تي ڪريش ڪري ڇڏيو. سندن گانن جي مقبوليت جو اهو عالم آهي جو ست سئو ڪروڙ دفعا اهي ويڊيوز اپ لوڊ ڪيون ويون آهن. سوشل ميڊيا جي سڀني ميڊيمس تي ڇانيل BTs بينڊ هن وقت تائين گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ 23 رڪارڊ لکرائي چڪو آهي.
“اسان پنهنجا گيت پاڻ لکندا آهيون ۽ پاڻ ئي پرفارم ڪندا آهيون، اسان جا گيت اسان جي ذاتي زندگي جي تجربن کي ٿا بيان ڪن. نوجوان نسل ڪهڙا خواب ٿو ڏسي. ڪهڙين مشڪلاتن کي ٿو منهن ڏئي ۽ انهن مسئلن جو ڪهڙو ٿو حل پيش ڪري. اهو سڀ ڪجهه اسان محسوس ٿا ڪريون ۽ ان کي پرفارم ٿا ڪريون بس.”
BTs ڪورين ٻولي ۾ سنگيت جو هڪڙو نئون دڳ آهي. سندن تخليق دنيا ۾ هڪڙو نئون سماجي انقلاب کڻي آئي آهي. BTs جي گيتن ۾ نوجوانن کي مخاطب ڪيو ويو آهي ۽ مختلف گيت الڳ الڳ موضوعن تي لکيا ويا آهن. اهي سڀ موضوع سماجي سرشتي جو حصو آهن ۽ سندن موسيقي ۾ هڪڙو پيغام آهي هڪڙو اتساهه آهي ۽ سماجي لقائن خلاف بغاوت آهي.
Love my self جو گيت نوجوانن کي تشدد خلاف ٿو ڀڙڪائي سندن گاني ۾ نوجوانن کي التجا آهي ته تشدد کان پاسو ڪيو. گاني جي مقبوليت کي ڏسندي اقوام متحده ستن فنڪارن کي يو اين جي اجلاس ۾ گهرائي تقرير ڪرائي ۽ يونيسف ان گاني تي BTs جي فنڪارن کي تشدد خلاف مهم جو ايمبيسڊر چونڊي پوري دنيا ۾ ٻارن خلاف تشدد جي رجحان کي روڪڻ لا موسيقي کي هٿيار طور استعمال ڪيو. BTs پنهنجي فن جي شروعات ته ان جنريشن کي ٽارگيٽ ڪندي ڪئي آهي، جيڪا ٽهي ايندڙ نسل جي خوابن کي پنهنجي لاحاصل خواهشن ۽ خوابن جي پورائي لا قربان ٿي ڪرڻ چاهي. Am I wrong وارو گيت ڪوريا جي دقيانوسي سوچ رکندڙ جنريشن خلاف جهڙوڪر نوجوانن جو قومي ترانو ٿي پيو آهي. ان گاني تي ڪوريا جي Establishment کي ئي مڇرائي ڇڏيو آهي. اهو ان گيت جو ئي اثر هو، جنهن ڪوريا جي ڪورٽ کي مجبور ڪيو ته ان پراڻي صدر کي ڪورٽ ۾ گهرائي وضاحت پڇي، جنهن چيو هو ته ڪوريا جي قوم ۾ گهڻا ئي ڪتن ۽ سوئرن جي آهي.
هنن جي گيتن ۾ نوجوانن لا هڪڙو اتساهه آهي Don’t walk alone ۽ So what جهڙن گيتن ۾ هو نوجوانن کي محنت ۽ اعتماد سان خوبصورت مستقبل ٺاهڻ جا خواب ٿا ڏيکارين. هنن جا گيت ڇوڪرين جي همت افزائي ٿا ڪن. 21st century girls واري گيت ۾ ڇوڪرين کي باور ٿو ڪرايو وڃي ته توهان دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت آهيو. اٿو ۽ پنهنجي طاقت ۽ اعتماد سان دنيا تي ڇانئجي وڃو.
پنهنجي سموري شهريت ۽ اعتماد سان BTs جا نوجوان هاڻي فقط Global Celebrity ناهن رهيا، پر هو ته سماجي تحريڪن جو سگهارو آواز پيا بنجن. جڏهن آمريڪا ۾ ڪاري نسل خلاف تشدد جي لهر اڀري. Black Lives Matter جهڙي سگهاري تحريڪ جنم ورتو ۽ BTs جي نوجوانن ان تحريڪ جو حصو بنجندي پوري دنيا جي نوجوانن کي نسلي مت ڀيد خلاف اٿي کڙو ٿيڻ جو پيغام ڏنو. سندن ٽوئيٽ تي نوجوانن ڏهه لک ڊالر ان تحريڪ هلائڻ لا عطيو ڏنو.
اهو ڪوريا جي ڪلاڪارن جو ئي ڪمال آهي جو ڪوريا جي ٻولي دنيا جو ٻيو نمبر سکي ويندڙ زبان ٿي چڪي آهي. دنيا جا نوجوان ڪورين ٻولي ۾ ڳايل انهن گانن کي سمجهڻ لا سندن زبان سکي رهيا آهن.
K-pop جي ڪلاڪارن ته ڪوريا جي سموري انڊسٽري کي پر لڳائي ڇڏيا آهن، ثقافت ذريعي صنعتي ترقي ۾ ڪوريا بي مثال آهي. BTs جا نوجوان ته ڪوريا جو سوشل Face ٿي ويا آهن. پوري دنيا ۾ ڪوريا جو تعارف BTs جا نوجوان ڇوڪرا آهن، جن جي فوٽو سان ڪوريا جي صنعتن ناڻو ڪمائڻ شروع ڪيو آهي. مشهور ڪورين ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ ۾ اقرار ڪيو آهي ته کين 500 ملين ڊالرز جو آرڊر صرف BTs پاران مشهوري سبب مليا آهن.
جيتوڻيڪ ماضي ۾ ڪوريا دنيا جي سياحن لا ڪشش رکندڙ ملڪ نه رهيو آهي، پر BTs جي ڪوريا ۾ فلمايل گانن دنيا جي نوجوانن ۾ تجسس پيدا ڪيو آهي ته اهي انهن جاين کي پنهنجي اکين سان ڏسن، جيڪي BTs جي وڊيوز ۾ ڏيکاريون ويون آهن. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جا 8 لک سياحن فقط BTs جون فلمايل جايون ڏسڻ لا ڪوريا جو سفر ڪيو. ڪورين فائونڊيشن فار انٽرنيشنل ڪلچرل ايڪسچينج جي روپوٽ مطابق K-pop جي موسيقي جي بين الاقوامي مقبوليت سبب ڪوريا کي 10 ارب ڊالرن جي ڪمائي ٿي آهي. BTs جي ڪلاڪارن ته دنيا ۾ صنفي مت ڀيد کي صفا مٽائي ڇڏيو آهي. اولهه جي فلم انڊسٽري جنهن جي سحر ۾ پوري دنيا ورتل هئي، جتي مرد فنڪارن جي جسامت ۽ آڪڙ کي عورتن لا تجسس ڀري جنس طور پيش ڪيو پئي ويو، جتي Marl bore style جهڙين ايڊورٽائيزمينٽ انڊسٽري تي مردن جي ڇاپ رهي آهي ۽ هالي ووڊ جي فلم انڊسٽري ۾ مردن کي طاقتور ڏيکاري عورتن کي ڪمزور جنس ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. اتي BTs جي ڇوڪرن ته پنهنجا هليا ئي عورتن جهڙا ڪري جنسي تفاوت ڪندڙ سوچ کي وڏو ڌچڪو رسايو آهي. BTs جي ڇوڪرن جي جسماني بناوت ۽ وارن جي اسٽائيل کان وٺي ميڪ اپ ڪرڻ تائين عورت ۽ مرد جي جنسي فرق کي صفا مٽائي ڇڏيو آهي. اڄ دنيا ۾ مردن ۾ ميڪ اپ ڪرڻ جو رواج عام ٿي رهيو آهي. BTs جي ڪلاڪارن جي ان گيٽ اپ ڪوريا جي بيوٽي انڊسٽري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ ڪوريا جي Cosmetic صنعت هزارين دفعا وڌيڪ منافعو ڪمايو آهي. جيتوڻيڪ اولهه Cosmetic انڊسٽري تي حاوي رهيو آهي. پر ڪوريا جي ثقافتي يلغار ايشيا ۽ يورپ جي مارڪيٽن کيMade in Korea جي مصنوعات سان ڀري ڇڏيو آهي. دنيا جي نوجوانن پاڻ کي BTs جي نوجوانن جهڙو بنائڻ لا انهن جي فيشن کي Adopt ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ اڄ ڪوريا جي Teenager cosmetic جي فيوريٽ پراڊڪٽ ٿي پئي آهي.
ڪوريا جي ثقافتي جهلڪ ته هر گهر تائين پهچي وئي آهي. ڪوريا جي سينيما انڊسٽري ايڏو ته تيزي سان ترقي ڪئي آهي جو فقط نيٽ فلڪس تي 80 هزار ڪورين ڊراما موجود آهن، ڪورين نوجوانن ڪمال فن سان ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي پنهنجي ثقافت جي اوسر ۽ معيشت کي هٿي ڏيارڻ لا ڪتب آندو آهي. سوشل ميڊيا جي مڙني ذريعن کان وٺي creative context ٺاهڻ تائين ڊجيٽل ميڊيا سهاري K,fasion, k-pop, K cinema ۽ K-cousine تائين ڪورين ثقافت جا سمورا پهلو دنيا جي سامهون اهڙي طرح نروار ٿيا آهن، جنهن جي وڌندڙ اثر يورپ ۽ امريڪا جي هڪ هٽي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.
ڪوريا جي ڪلچرل گلوبلائيزيشن ڪو اتفاقي حادثو ناهي، ان پويان پوري سوچ ۽ حڪمت عملي جو دخل آهي. ٻه ڏهاڪا پهريائين ڪوريا جي حڪومت اهڙو قانون پاس ڪيو هو ته ملڪ جي مجموعي پيداوار جو هڪ سيڪڙو رقم ملڪ جي ثقافتي اوسر تي خرچ ٿيندي ائين ڪوريا جي ڪلچر واري وزارت ملڪ جي 300 يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ادارا ٺاهي ڪورين ثقافت جي اوسر تي انويسٽمينٽ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوريا جي گهٽي گهٽي ۾ نوجوانن ثقافت، فن ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪمال تجربا ڪيا. اهو ئي سبب آهي جو ثقافت ۽ ٽيڪنالاجي جي سنگم سان ڪوريا دنيا جو Soft Power رکندڙ اهم ملڪ تصور ڪيو پيو وڃي. بلاشبه ان گلوبل اميج ميڪنگ ۾ ڪوريا جي Rapstar ڇوڪرن جو وڏو ڪردار آهي. ڪوريا اڄ جنهن طاقت سان دنيا جي سامهون نروار ٿيو آهي. ان جو خواب ڪوريا جي آزادي واري تحريڪ جي اڳواڻ ڪم جو Kim Gu پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ 1948ع ۾ لکيو هو. “آئون چاهيان ٿو ته منهنجي قوم دنيا جي سڀ کان مضبوط قوم ٿي وڃي. ان مان مراد سڀ کان طاقتور قوم هرگز ناهي، ڇو ته اسان طاقتور قومن جي يلغار جو شڪار رهيا آهيون. ان ڪري آئون نه ٿو چاهيان ته ڪورين قوم طاقتور ٿي ٻين قومن تي حملا ڪري. اسان لا اهو ئي ڪافي آهي ته اسان ثقافتي ۽ معاشي طرح ايترو مضبوط ٿيون جو قوم فرحت بخش زندگي گذاري، اسان جي خوشحالي طاقور حملي آورن کي اسان مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏئي. آئون فقط ايترو ڄاڻان ٿو ته ڪوريا جي سڀ کان وڏي شڪتي اسان جي ثقافت آهي، اهو آئون ان ڪري ٿو چوان جو ثقافتي طاقت نه فقط اسان کي مسرور رکندي پر ان جو اظهار ٻين قومن کي به سرور بخشيندو.”