ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي منظرنامو

Editorial-Article-Yameen Jatoi

ملڪ ۾ پي ٽي آ سرڪار خلاف اپوزيشن جي سرگرمي وڌندي نظر اچي رهي آهي، هڪ پاسي پيپلز پارٽي 27 فيبروري تي اعلانيل مارچ جي تيارين ۾ مصروف آهي ته ٻئي پاسي نواز ليگ به گهڻي سرگرم نظر اچي رهي آهي، مريم نواز ته ان حد تائين چئي ڇڏيو آهي ته “حڪومت ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي.” جڏهن ته بلاول وري “لانگ مارچ سان ئي حڪومت ڪيرائڻ” جي ڳالهه ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته “لانگ مارچ سان حڪومت ڪيرائي ڏيکارينداسين. پي ڊي ايم وارا عدم اعتماد جي اسٽريٽجي تي اچي ويا آهن ته پوءِ گهڻو امڪان آهي ته اسان گڏيل جدوجهد ڪيون. پاڪستان جي عوام جو مطالبو آهي ته اسان هن حڪومت خلاف روڊن تي نڪرون ۽ اسان جي سي اي سي فيصلو ڪري ورتو آهي، اسان 27 فيبروري تي حڪومت خلاف نڪرنداسين. اسان جمهوري طريقي سان حڪومت کي ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اسان عدم اعتماد جي رٿ جي به ڳالهه ڪئي هئي. اسان وٽ سينيٽ ۾ في الحال گھربل انگ پورو ناهي. آئين ۽ قانون ۾ ايمرجنسي جي ڪا به گنجائش ناهي، صدارتي نظام جو شوشو اسان کي ٽرڪ جي بتي پٺيان پوئتي لڳائڻ جي برابر آهي. حڪومت رات جي اوندهه ۾ عوام دشمن مني بجيٽ کي زبردستي پاس ڪرايو ۽ اسٽيٽ بينڪ به ايوان کان زبردستي منظور ڪرايو ويو، جنهن کان پوءِ اسٽيٽ بينڪ پارليامينٽ کي جوابداه نه هوندي. اپوزيشن جي جدوجهد سان لانگ مارچ سان حڪومت تي دٻاءُ پوندو. منهنجو موقف هو ته مارچ پري آهي ان لاءِ اسان 27 فيبروري تي نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عوام هن مارچ ۾ وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪندو.”
ٻئي پاسي مريم نواز حڪومت کي ڪجهه ڏينهن جي مهمان قرار ڏئي ڇڏيو آهي، مريم نواز چيو ته “حڪومت کي هٽائڻ جو طريقيڪار به جلد سامهون اچي ويندو. حڪومت جو وڃڻ ڪجهه مهينا، هفتا نه پر هاڻي ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي. نواز شريف واپس جلد ايندو پر ان جي واپسي جو وقت پارٽي طئي ڪندي. اسان جي پهرين ڪوشش حڪومت مان جند آجي ڪرائڻ آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته وفاقي گھرو وزير کي هٿ مٿي هجڻ جي ڳالهه چوڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ وزير عمران جي منهن تي سندس بي عزتي ڪري رهيا آهن، قومي اسيمبلي ۽ ڪابينا ۾ ميمبر بيهي ڪري سندس نااهلي جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن. وزيرن جي بيانن مان ظاهر آهي ته سندن انجام ويجهو آهي. ن ليگ باهه جي درياهه مان گذري رهي آهي، ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ، لالچ ۽ بدترين انتقام جي باوجود ن ليگ جو هڪ هڪ ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڀت جيان بيٺل رهيو. جڏهن به هن حڪومت جي دور ۾ ڪو سانحو ٿيو ته ذميوار عوام کي قرار ڏنو ويو، مري سانحي ۾ به حڪومت ائين ئي ڪيو.”
جڏهن وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مريم نواز جي ڳالهين تي هاڻي سندس ٻار به کلندا آهن. اپوزيشن سان سڌارن ۽ قانون بابت ڳالهائڻ چاهيون ٿا پر هو سمجهن ٿا اجهو حڪومت 6 مهينن ۾ ويندي پر حڪومت 5 سال پنهنجا پورا ڪندي.”
هڪ ٻي اڳڀرائي اها ٿي آهي ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽس جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ پنجاب جي صحت کاتي وٽ جواب جمع ڪرايو آهي. ذريعن موجب ميڊيڪل بورڊ لکيو ته “نواز شريف جي رپورٽس بدران رڳو هڪ ڊاڪٽر جي لکت اماڻي وئي آهي ۽ لکت سان گڏ ڪنهن به عالمي اداري جي ميڊيڪل رپورٽ نه لڳائي وئي. نواز شريف جي ڪارڊيڪ ۽ پليٽ ليٽس سميت ٻين بيمارين جي رپورٽ به گڏ نه اماڻي وئي. ميڊيڪل بورڊ لکيو ته نواز شريف جي صحت بابت ڏنل دستاويز مڪمل ناهن، دستاويز مڪمل نه هجڻ تي صحت بابت ڪابه راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي. وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ خاص ميڊيڪل بورڊ ڪجهه ڏينهن اڳ جوڙيو ويو هو. بورڊ کي 5 ڏينهن اندر نواز شريف جي صحت ۽ پاڪستان واپسي جي حوالي سان پنهنجي ماهراڻي راءِ پيش ڪرڻي هئي.
جڏهن حڪومت مخالف ڪو ماحول ٺهڻ لڳندو آهي، يا خاص ڪري حڪومت خلاف ڪنهن مارچ وغيره جو اڳڀرايون ٿيڻ لڳنديون آهن ته گهرو وزير عوام کي دهشتگردي جي حملن کان “آگاهه” ڪرڻ لڳي ويندو آهي. هن وقت جڏهن هڪ پاسي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي فضا جڙي رهي آهي ٻئي پاسي پيپلز پارٽي لانگ مارچ جو اعلان ڪري چڪي آهي، اهڙين حالتن ۾ شيخ رشيد جو تازو ئي بيان آهي ته: “ڪراچي ڪمپني وٽ چوري ۽ يا ڌاڙو نه لڳو پر دهشتگردي جو واقعو هو. سگنل مليو آهي ته اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا شروع ٿي ويا آهن.” شيخ رشيد چيو ته “اهو چوري يا ڌاڙي جو واقعو نه آهي، دهشتگردن فائرنگ ڪئي آهي. اسان کي هڪ قسم جو سگنل مليو آهي ته اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا شروع ٿي ويا آهن. اهو هن سال جو پهريون واقعو آهي اسان کي گھڻو الرٽ رهڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون، موٽرسائيڪلن سان کين ٽريس ڪيو ويو آهي.”
اڱاري واري ڏينهن هڪ اهم پيشرفت اها ٿي آهي ته اپوزيشن جي سينيٽرن نادرا ۾ مقرر رٽائرڊ فوجي آفيسرن جا نالا ٻيهر طلب ڪري ورتا آهن. سينيٽ ۾ رٽائرڊ فوجين جي نادرا ۾ ڀرتين بابت سوال تي حڪومتي ميمبرز ۽ وزير ڪاوڙجي پيا. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته “نادرا ۾ آرمڊ فورسز جي رٽائرڊ ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ بابت سوال پُڇيو هو، حڪومت جواب ڇو نٿي ڏئي. ٻڌايو وڃي ته نادرا ۾ ڪيترا رٽائرڊ فوجي ڀرتي ڪيا ويا آهن. هتي نوجوانن کي روزگار نه پيو ملي ۽ وري رٽائرڊ فوجين کي سٺين مراعتن تي ڀرتي ڪيو پيو وڃي. سڄو نادرا سندن قبضي ۾ آهي، جواب ڇو نه پيو ڏنو وڃي.” پ پ سينيٽر رضا رباني جو چوڻ هو ته “اسان فوج خلاف ناهيون، ان سان گڏ آهيون پر ملٽرائيزيشن آف سول انسٽيٽوٽيشن جي خلاف آهيون. ڇا اها حقيقت ناهي ته ملڪ جي اڪثر ادارن ۾ وڏن عهدن تي رٽائرڊ فوجي ڀرتي ٿيل ناهن. اي اين ايف، اسپارڪو، ايرا ۽ پي آ اي، اين ڊي ايم اي، سول ايويئيشن جا سربراهه رٽائرڊ فوجي ناهن؟ هائوسنگ اسڪيم، نيشنل ڊولپمينٽ ڪائونسل، اقتصادي ايڊوائزري ڪميٽي، چيئرمين واپڊا جو تعلق ڪنهن سان آهي؟ اسان هٿياربند فورسز خلاف نه آهيون، پر سول ادارن جي ملٽرائيزيشن قبول ناهي. حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جو اعلان ڪيو. نيشنل سيڪيورٽي پاليسي کي پارليامينٽ اندر آندو وڃي، جنهن پاليسي جو اعلان ڪيو ويو ان ۾ صوبن کي به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو. پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا ملڪ جي سيڪيورٽي پاليسي ڪيئن بڻائي سگهجي ٿي؟”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button