تاريخ جو ڪم رڳو سٺن ماڻهن کي ئي نه پر خراب ماڻهن کي ياد رکڻ به آهي، ان ڪري تاريخ عمران خان کي ضرور ياد رکندي. 2018ع وارين عام چونڊن دوران جڏهن عمران خان مهم هلائي رهيو هو، تڏهن دنيا جو اهڙو ڪو به واعدو ڪونه هو جيڪو هن عوام سان نه ڪيو هجي. اهڙو ڪوبه دلاسو ڪونه هو جيڪو هن پنهنجي ووٽرن کي نه ڏنو هجي. هُن ملڪ ۾ بهترين حڪمرانيءَ جا خواب ڏيکاريا. امير ماڻهن پاران ڪيل ڪرپشن کي ٻنجو ڏيڻ، اختيارين جي غلط استعمال کي روڪڻ، ملڪ تان قرض لاهڻ، نوڪريون ڏيڻ، بجلي، گيس ۽ پاڻيءَ جي کوٽ ختم ڪرڻ، مهانگائي ۽ چور بازاري روڪڻ، انصاف ۽ امن امان قائم ڪرڻ، ماحولياتي تباهي، ذخيره اندوزي ۽ جعلسازي روڪڻ سميت هزارين واعدا هئا، جيڪي تحريڪِ انصاف جي ٽن سالن تي ڦهليل حڪمرانيءَ دوران سڀ جا سڀ ڪُوڙا ثابت ٿي چڪا آهن. عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ سان عوام جون سلهاڙيل سڀ اميدون هڪ هڪ ڪري بي ساهيون ٿي ويون آهن. ماڻهن اهو سمجهي ورتو آهي ته عمران خان فقط ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڄائو آهي. عوام جي سُورن جو وٽس ڪوئي علاج ڪونهي. ماڻهن کي اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته سٺي رانديگر جو سٺو وزيرِ اعظم ثابت ٿيڻ به ضروري ڪونهي. مطلب ته ٽن سالن جي حڪمرانيءَ ۾ تحريڪِ انصاف عوام جون اکيون کولي ڇڏيون آهن. ان ڪري ئي اها حڪومت ۾ هوندي به ضمني توڙي مڪاني چونڊون هارائيندي رهي آهي. خاص ڪري 2021ع جو سال ته سياسي حوالي سان سندس لاءِ ايترو برو ثابت ٿيو جو پارٽي اهڙو سال ٻيهر ڪڏهن نه ڏسڻ چاهيندي. حڪومت عوام کي جيتري ويجهي هوندي، اوتري ئي اها ڀروسي جوڳي به هوندي آهي. پر هاڻوڪي حڪومت عوام کان وڃي ٿي پري ٿيندي جنهن جي نتيجي ۾ عوام جو اعتماد به وڃائيندي رهي ٿي.
عوام کي گھربل ڇا هوندو آهي؟ عزت سان جيئڻ جو حق، پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، ٻن ويلن جي ماني، گهر، تعليم، صحت، پڪا روڊ رستا ۽ اهڙي پوليس جيڪا ظالم نه هجي. ان لاءِ اهو پارليامينٽ ۾ پنهنجا نمائندا چونڊي موڪليندو آهي. پر جلد ئي کيس پتو پئجي ويندو آهي ته هن پنهنجا نمائندا نه پر حڪمران چونڊيا آهن.
تحريڪِ انصاف جي صورت ۾ به عوام پنهنجي لاءِ جن حڪمرانن جي چُونڊ ڪئي آهي، اها سندس ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي. عوامي شعور سڀ کان اتم ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو عوام پنهنجي غلطين منجهان تيزيءَ سان سکڻ جي صلاحيت جو استعمال ڪندي تحريڪِ انصاف کي اقتداري ايوانن کان تڙي به رهيو آهي. جيڪڏهن صورتحال جيئن جو تيئن رهي يا اڃان وڌيڪ خراب ٿي ته عوام تحريڪِ انصاف کي رڳو مڪاني ۽ ضمني ئي نه پر ايندڙ سال وارين عام چونڊن ۾ به رد ڪري ڇڏيندو. بس ان لاءِ شرط اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ اڻ ڌري رهي. جيتوڻيڪ ان جو اڻ ڌريو رهڻ ويجهي مستقبل ۾ ممڪن نظر نه ٿو اچي پر اها به حقيقت آهي ته تحريڪِ انصاف جي حڪمرانيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ جيتري وائکي ۽ بدنام ٿي آهي، اوتري ملڪ جي پوري تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن نه ٿي هئي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ ايندڙ سال جي عام چونڊن ۾ نه چاهيندي به تحريڪِ انصاف ۽ عمران خان جو متبادل آڻڻ لاءِ مجبور ٿي پوندي.
ٿي سگهي ٿو مستقبل جي ملڪي سياست ۾ عمران خان صاحب جي ڪا دلچسپي نه هجي پر پرويز خٽڪ ۽ چوڌري شجاعت حسين جهڙن پراڻن ۽ تجربيڪار ماڻهن کي ته پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو سياسي مستقبل پيارو آهي. اهو ئي سبب آهي جو خٽڪ صاحب جهڙو ٿڌو ۽ عام طور تي خاموش رهندڙ ماڻهو به وزيرِ اعظم تي پنهنجي ڪروڌ کي اظهارڻ کان نه مُڙي سگهيو. پرويز خٽڪ هڪڙو سياسي ماڻهو آهي. پختونخواه ۾ مڪاني چونڊن جا نتيجا ڏسڻ کان پوءِ کيس ايندڙ عام چونڊون به نظر اچي رهيون آهن. جيڪڏهن حڪومت جي ڪارڪردگي اها ئي رهي ۽ ظاهر آهي ان کان بهتر ٿي به نه ٿي سگهي ته پوءِ تحريڪِ انصاف تي هينئر ئي انا لله پڙهي ڇڏڻ گهرجي. تحريڪِ انصاف 2013ع کان وٺي خيبر پختونخواه تي راڄ ڪري رهي آهي. ظاهر آهي پرويز خٽڪ جو ان ۾ اهم ڪردار آهي. سو اهڙو ماڻهو اتان پنهنجي سياسي پاڙ پٽجندي ڏسي رهيو آهي ته سندس ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جائز بڻجي ٿو. جيتوڻيڪ هُو گيس جي اڻلڀ هئڻ جي شڪايت يا تنقيد لاڳاپيل وزير تي به ڪري پئي سگهيو يا وري وزيرِ اعظم سان اڪيلائيءَ ۾ ملاقات ڪري اتي شڪايت بيان ڪري پئي سگهيو پر هن ائين نه ڪيو. ان جي ابتڙ سڀني جي سامهون وزيرِ اعظم سان سڌو ڳالهايائين سو به اهڙي موقعي تي جڏهن وزيرِ اعظم کي سندس حمايت جي سخت ضرورت هئي. ان منجهان ثابت ٿئي ٿو ته دال ۾ ڪارو نه پر دال ئي ڪاري آهي. اندر جون لڙايون ايتريون شديد ٿي ويون آهن، قيادت پنهنجي ماڻهن جا مسئلا نبيرڻ ته ٺهيو ٻڌڻ لاءِ به ايتري معذور ۽ مغرور بڻجي وئي آهي جو ڪارڪنن کي سڀ ڪجهه سرِعام اچي بيان ڪرڻو پوي ٿو. پرويز خٽڪ کان پوءِ حڪومت جي هڪڙي اهم اتحادي ۽ تجربيڪار سياستدان چوڌري شجاعت حسين به چوڻ شروع ڪيو آهي ته پگهار سال ۾ هڪڙو ڀيرو وڌائي وڃي ٿي، جڏهن ته مهانگائي مهيني ۾ ٻه ڀيرا ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکي ئي وزيرِ اعظم به مايوسيءَ منجهان چئي ڏنو ته مان نه ٿو وڻان ته اقتدار کان الڳ ٿيڻ لاءِ تيار آهيان.
بهرحال اهو واضح آهي ته وزيرِ اعظم تي دٻاءُ گھڻو آهي. مخالف ڌر پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ لڳاتار بدلاءُ آڻيندي کيس پريشان ڪري رهي آهي. ڪورونا کان پوءِ مريءَ جهڙا سانحا کيس لڳاتار بدقسمت وزيرِ اعظم ثابت ڪري رهيا آهن. مخالف ڌر ضمني ۽ مڪاني چونڊن ۾ هر هنڌ ڪامياب ٿي رهي آهي. عالمي طور تي چين يا آمريڪا جي ڪيمپ ۾ بيهڻ جو دٻاءُ ان کانسواءِ آهي. عوام ۾ تباهه ٿيل ساک ۽ وڃايل وقار ٻيهر حاصل ڪرڻ جو دٻاءُ جدا ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ بدلجندڙ صورتحال ان کان سواءِ پريشانيون پيدا ڪري رهي آهي.
ان ۾ شڪ ناهي ته عمران خان کي وراثت ۾ تمام گھڻا مسئلا مليا هئا جن جون پاڙون انتهائي پختيون هيون پر سوال اهو آهي ته ڇا عمران خان انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش به ڪئي آهي يا فقط ڳالهيون ئي ڪندو رهيو آهي. يقينن هن انهن مسئلن کي نه رڳو حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي بلڪ انهن کي وڌايو آهي.
عجيب ۽ چڙ ڏياريندڙ ڳالهه اها آهي ته عمران خان ۽ سندس ساٿي اڄ سوڌو ڪرپشن جي خلاف جنگ ۽ پاڪستان کي رياستِ مدينه بڻائڻ واري ڊاڙ ۽ لٻاڙ هڻڻ کان مڙڻ جو نالو نه ٿا وٺن. هر حوالي سان تباهه ۽ قرض ۾ ٻڏل نيشنل سيڪيورٽي اسٽيٽ رياستِ مدينه يا فلاحي رياست نيٺ ڪيئن بڻبو؟ اها ڪنهن کي خبر ڪانهي. اهو فقط هڪ دوکو آهي ٻيو ڪجهه نه.
اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته اسٽيبلشمينٽ جڏهن به ڪنهن پاپولر اڳواڻ کي سياسي اقتدار جي ايوان تائين پهچائيندي آهي ته اها ان ذريعي ضرور ڪي ڏکيا ۽ عوام دشمن فيصلا ڪرائڻ چاهيندي آهي. ڪڏهن اها گاهه کارائي ايٽم بم ٺهرائيندي آهي ته ڪڏهن وري گاهه کارائي ان ايٽم بم جي حفاظت ڪرائيندي آهي. عمران خان ۽ ان جا مقبول نعرا به ان ڪري ئي هئا جو عوام تي مهانگائي، بيروزگاري، سياسي، معاشي ۽ سماجي ڏيوالپڻي جا بم وسائڻا هئا. ٽن سالن جي اقتدار کان پوءِ سڀ ڪجهه سامهون اچي ويو آهي. مسخرن جي حڪومت مهانگائيءَ جي حقيقت کي ڀل رد ڪندي رهي پر احساس راشن پروگرام سندن سمورين دعوائن کي رد ڪندو رهي ٿو. تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي حوالي سان حڪومت جون ڊاڙون هڪڙي پاسي پر صحت ڪارڊ جو جاري ٿيڻ ۽ اسڪولن منجهان ٻارن جو ٻاهر هجڻ وري ڪا ٻِي ڪهاڻي پيو ٻڌائي. حڪمران پنهنجي هر ناڪاميءَ کي اڳوڻن حڪمرانن جي کاتي ۾ لکندا رهن پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن سڀ جون سڀ برايون ٻين ۾ آهن. جيڪڏهن سڀ جون سڀ خرابيون پراڻن حڪمرانن جي ڪري آهن ته پوءِ هيءَ حڪومت نيٺ ڪهڙي مرض جو علاج آهي؟
2022ع جو سال حڪومت لاءِ گذريل سال کان به وڌيڪ ڏکيو ثابت ٿيڻ وارو آهي. هن سال ئي آرمي چيف تبديل ٿيڻو آهي. هن سال ئي طئي ٿيڻو آهي ته رياستي ادارن سان حڪومت جو تضاد نيٺ ڪٿي دنگ ڪندو؟ هن ئي سال طئي ٿيڻو آهي ته حڪومت پنهنجي پارليامينٽيرين ذريعي عوام تائين ڪو رليف پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي يا نه؟ حڪومت هن بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي ڪجهه ڏيڻ جي موڊ ۾ آهي يا نه؟ جيڪڏهن اها آءِ ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن جي ڊڪٽيشن تي هلندي رهي، جيڪڏهن اها عوام کي ڪجهه به ڏيڻ کان ائين ئي لاچار رهي ته 27 فيبروريءَ کان پيپلز پارٽي ۽ 23 مارچ کان پي ڊي ايم جي رٿيل لانگ مارچ ۾ عوامي سمنڊ شامل نظر ايندو. ان کانسواءِ پاڻ هرتا علائقائي عوامي احتجاج به اسٽيبلشمينٽ کي هوڏ ڇڏڻ تي مجبور ڪندا. بهرحال، هيءُ سال عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ کي تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ اڇلڻ لاءِ تيار آهي.