ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قبضي هيٺ آيل ٻيلن جي زمين

Editorial

پاڪستان توڙي سنڌ ۾ زمينن تي قبضا عام جام آهن، جڏهن اهي قبضا ٿي ويندا آهن ته انهن جي جائز سمجهيو ويندو آهي. هڪ پاسي تي اهي قبضا آهن، جيڪي رهائشي علائقن ۾ ڪيا ويندا آهن پر ٻئي پاسي اهي آهن، جيڪي ٻيلي کاتي جي زمين تي ڪيا ويا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو اسان جا ٻيلا تباهه ٿي ويا آهن پر فطري حسن به موڪلائي رهيو آهي. جڏهن ته ٻيلن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پورو هڪڙو کاتو موجود آهي پر تنهن هوندي به سنڌ ۾ نه رڳو ٻيلن جي زمينن تي قبضا جاري آهن پر ٻيلن جي واڍي به جاري آهي. زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۾ بظاهر سنڌ حڪومت سنجيده نظر نٿي اچي، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين رڳو عذر ئي ڄاڻا ويا آهن، جڏهن ته ان ڪيس جي شنوائي به ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، تنهن هوندي به ڪا سنجيدگي اختيار نه ڪئي وئي آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسين زمين بچائڻ ۾ ڪيترا سنجيده آهيون.
خبر موجب سنڌ ها ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضن بابت داخل ڪيل درخواست جي شنوائي ٿي. شنوائي دوران نيب سکر جي نمائندي سميت ٻيلي کاتي سنڌ جا عملدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران جسٽس احمد علي سهتي ريمارڪس ڏنا ته سنڌ جي 28 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمينن تي قبضا ٿيا آھن. رپورٽ ۾ رڳو ڪجھه ھزار ايڪڙ زمين تي قبضا ڏيکاريا ويا آهن. اهو ٻڌايو وڃي ته ڪنهن ڪنهن کي نوٽيس ڏنا ويا آھن ۽ نيب ڪنهن کي آفيس ۾ گھرائي پڇا ڪئي آھي؟ عدالت ماحوليات سان لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي حڪم ڏنو ته ٻيلي جي زمينن تان قبضا فوري طور ختم ڪرايا وڃن ۽ ٻيلا ڇاڪاڻ ۽ ڇو ضروري آھن. ان بابت تفصيل سان رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي 16 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ٻيلن جي 28 لک ايڪڙن تي قبضا ڪيا ويا آهن ته پوءِ اهو انگ هزار ڇو ڄاڻايو ويو آهي. ان جو مطلب آهي ته لاڳاپيل ادارا غلط بياني ڪري رهيا آهن ۽ اهي اهڙي قسم جا انگ اکر پيش ڪري عدالت کي پڻ گمراهه ڪري رهيا آهن. اهو ان ڪري به ٿي رهيو آهي جو ٻيلن تي زمينن تي بااثرن جا قبضا آهن ۽ انهن کي ڇڏائڻ لاءِ انتظاميه ڪو تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ڪونهي. ان ڪري اها به انهن قبضن کي جائز سمجهي ٿي.
جڏهن زمينن تي قبضا ڪيا وڃن ٿا ته ان سان هر قسم جو انفرااسٽرڪچر متاثر ٿئي ٿو. هن وقت سنڌ ۾ حددخلين خلاف آپريشن هلي رهيو آهي. جنهن وسيلي ننڍن وڏن شهرن مان حددخليون ختم ڪرايون پيون وڃن. پر تنهن هوندي به ايتري وڏي انگ ۾ زمينن تي قبضو هجڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. اهي قبضا هڪ پاسي ٻيلن تي آهن ته ٻئي پاسي ريلوي تي به آهن ۽ ان کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي سرڪاري زمينون آهن، جتي قبضا جاري آهن. قبضي جي نفسيات سڄي ملڪ ۾ ساڳي آهي. سنڌ ۾ 28 لک ٻيلن جي زمين تي قبضو هجڻ مان اهو تاثر ملي رهيو آهي ته اسين ڪهڙي ريت ٻيلن کي تباهه ڪري رهيا آهيون ۽ ان کانسواءِ ٻيلن جي واڍي ڪري ان جو ڪاٺ به وڪرو ڪيو پيو وڃي. تنهنڪري ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻيلن جي زمينن تي قبضو ڪندڙ ڪيترا بااثر آهن، جو انهن خلاف انتظاميه به ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ڪانهي. سنڌ ۾ جتي جتي به ٻيلن جي زمينن تي قبضا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سنڌ حڪومت توڙي ٻيلي کاتي جي ذميواري آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ٻيلا ئي نه رهندا آهن ته سنڌ ڀڙڀانگ لڳي پئي هوندي. تنهنڪري اهو ضروري آهي ته ٻيلو کاتو اهو طئي ڪري ته هن وقت تائين ڪيتري زمين قبضي هيٺ آهي ۽ ان جي مڪمل سروي پيش ڪئي وڃي ۽ ان کانپوءِ مرحليوار قبضا ختم ڪرايا وڃن.
اسين سمجهون ٿا ته ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو هڪ حساس معاملو آهي ۽ سنڌ حڪومت کي ٻيلن جي بحاليءَ جو ڪم شروع ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻيلو کاتو عدالت سان سهڪار ڪري ۽ ان کانسواءِ جتي جتي به قبضا موجود آهن، اهي بنا ڪنهن فرق جي ختم ڪيا وڃن ته جيئن سنڌ ۾ فطري حسن به برقرار رهي سگهي ۽ ٻيلن جي واڌ ويجهه جو سلسلو به شروع ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته ٻيلا اسان کي قدرتي آفتن ۽ ٻوڏن کان پڻ بچائيندا آهن ۽ ان کانسواءِ فطرت سان به ڳنڍيندا آهن. سو سنڌ حڪومت سستيءَ جو مظاهرو ڪرڻ بدران ٻيلن جي زمين تان قبضا ختم ڪراائڻ لاءِ سنجيدگي اختيار ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button