ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غلام حسين رنگريز: هڪ دوست جي ياد

Editorial-Article-Rauf Nizamani

سنڌي ادبي سنگت جي احيا کانپو تاج جويو سيڪريٽري جنرل ٿيو هو. ان کانپو رنگريز سنگت جي اڳواڻي سنڀالي هئي. غلام حسين رنگريز جيتوڻيڪ سياسي طور جيئي سنڌ محاذ ۽ اهڙي ريت تاج جوئي وارن سان لاڳاپيل هو پر سندس گھڻي دلچسپي سياسي سرگرمين کان وڌيڪ ادبي سرگرمين ۾ هئي.
ان وقت ڪجھه عرصو فقير محمد لاشاري سنگت ڪراچي جو سيڪريٽري هو ۽ اسان به ان ۾ سرگرم هوندا هئاسين. سنگت ڪراچي سيڪريٽري جنرل جي طور تي تاج کي ساڳيو پروٽوڪول ۽ مان ۽ مرتبو ڏيندي هئي جيڪو هڪ سيڪريٽري جنرل لهڻي. هو سنگت ڪراچي جي مختلف پروگرامن ۾ ايندو هو. بلڪ ائين به ٿيندو هو ته جڏهين هو ٻئي ڪنهن ڪم ڪار سان ڪراچي ۾ هوندو هو ته رمپا پلازه جي سامهون اڳوڻي پلازه سينيما جي ڀر ۾ هڪ ننڍي هوٽل هوندي هئي جتي آئون ۽ لاشاري اڪثر گڏجاڻي کان اڳ چانهه لا ويهندا هئاسين ۽ تاج کي اها ڄاڻ هوندي هئي، هو اتي اچي اسان سان ملاقات ڪندو هو ۽ سنگت جي گڏجاڻي ۾ به شامل ٿيندو هو. سنگت ڪراچي جڏهين شهر جي ٻين ترقي پسند ادبي تنظيمن سان گڏجي 1986 ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي جو اهتمام ڪيو هو ته سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي طور تاج کي خاص طور مدعو ڪيو ويو هو ۽ هن اتي سنڌي ۾ تقرير به ڪئي هئي.
ان سڀ جي باوجود تاج سان سنگت ڪراچي جي مختلف مسئلن جي حوالي سان ويجھڙائي نه هئي. رنگريز جيتوڻيڪ ان جو ئي تسلسل هو. پر شخصيتن جو فرق هوندو آهي. تاج ۾ جيڪا اڳرائي ۽ ادبي تنظيم کي هڪ سياسي پليٽ فارم ڪري هلائڻ واري ڳالهه هئي رنگريز ۾ اها نه هئي. هو جيتوڻيڪ پنهنجي سوچ ۾ واضح ۽ موقف تي مضبوطي سان قائم هوندو هو پر ان تي ڳالهائڻ ۽ صلاح مصلحت لا تيار هوندو هو ۽ زوري پنهنجي موقف کي ٻين تي مڙهڻ ۽ ٽڪرا ۾ اچڻ کان پاسو ڪندو هو.
رنگريز جي سيڪريٽري جنرل واري دور ۾ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي، جنهن ۾ سنگت ڪراچي جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ آئون به شامل هوس، اهو فيصلو ڪيو هو ته اهي سنڌي ليکڪ جهڙوڪ امرجليل، عبدالقادر جوڻيجو، نورالهدا شاهه ۽ شيخ اياز وغيره جيڪي اڙدو ۾ لکن ٿا انهن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ان وقت مون ان فيصلي جي مخالفت نه ڪئي. پر جڏهين ڪراچي موٽڻ کانپو ڪاروباري ڪاميٽي ۾ ان فيصلي کي پيش ڪيم ته ان تي اتي موجود دوستن سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ مون کي پاڻ اهو احساس ٿيو ته مون کان اها غلطي ٿي هئي. ڪاروباري ڪاميٽي اتفاق رائي سان ان فيصلي جي حوالي سان هڪ پريس بيان، جيڪو 5 فيبروري 1989 تي هلال پاڪستان ۾ شائع ٿيو، ذريعي پنهنجو موقف واضح ڪندي چيو ته سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي نئين چونڊيل ڪاروباري ڪاميٽي حيدر بخش گل جي صدارت ۾ گڏجاڻي ڪري ملڪ جي موجوده سياسي سماجي صورتحال تي تفصيلي بحث ڪرڻ کانپو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته معاشري جي سڀني قوتن کي عالمي ۽ مقامي تبديلين کان مڪمل آگاهي جو احساس تيز ڪري وڌڻ گھرجي. شڪست کاڌل، عوام کان ڪٽيل ۽ مڪمل مايوسي واري ذهنيت سياسي طرح سنڌي قوم جي خيرخواهي جي واٽ نٿي ٺاهي سگھي. سنگت سمجھي ٿي ته جيڪي قوتون عوام کي منظم ڪرڻ جي ڪم ۾ ناڪام رهيون آهن ۽ نتيجي ۾ عوام به کين رد ڪري ڇڏيو آهي اهي عوام جي خلاف ذهني داداگيري واري روش بند ڪري جمهوري واٽ وٺن. سنگت سمجھي ٿي ته جن قوتن وٽ سنڌي قوم جو سائنسي ۽ عقلي تصور ناهي ۽ جيڪي سنڌي قوم جو قبائلي تصور رکن ٿيون انهن جو مقدر مستقل ناڪامي کانسوا ٻيو ڪجھه به ناهي. سنگت سنڌي قوم جو قبائلي تصور رکندڙ ٽولن جي عقل ۽ دليل خلاف ڪابه دهشت گردي ۽ ٺيڪيداري قبول نه ڪندي. سنگت جو هي يونٽ سمجھي ٿو ته هي انسان جو بنيادي حق آهي ته هو پنهنجن خيالن جي اظهار لا ڪهڙي به ٻولي کي اظهار جو ذريعو بڻائي. جيڪڏهين امر جليل، شيخ اياز، عبدالقادرجوڻيجو، يا نورالهدا شاه ۽ ٻيا سنڌي اديب اڙدو ۾ به لکن ٿا ته ان ۾ اعتراض ڪرڻ يا کين ليکڪن جي برادري مان رد ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق نه ٿو پهچي. هي يونٽ پاڪستان اندر اڙدو ٻولي جي پرماري حيثيت کي رد ڪرڻ ۾ ڪڏهين به پٺتي نه رهيو آهي، البت هي يونٽ سنڌي خواه ٻين ٻولين ۾ لکجندڙ مواد ۾ فقط انسان دوستي، وطنيت ۽ ترقي پسندي جي مقصدن کي اڳتي وڌائيندڙ شين کي پنهنجو سمجھي ٿو. سنڌي ادبي سنگت جو هي يونٽ نئين جمهوري صورتحال جي آجيان ڪري ٿو ۽ خاص طرح سان اختلاف ۽ تنقيد جي حق جي بحالي ۽ ان جي چڱن امڪانن تي خوشي جو اظهار ڪري ٿو. يونٽ سمجھي ٿو ته تنقيد جي ان حق جي عالمي ۽ عقلي استعمال سان انڌ جي قوتن ۽ دليل بدران الزامن جي دهشت گردي ڪندڙن کي ٻهاري ختم ڪري سگھجي ٿو. سنگت جو هي يونٽ سمجھي ٿو ته دليل، سهپ ۽ رواداري جو ماحول پيدا ڪرڻ لا ڪوششون تيز ڪيون وڃن.
ان جي موٽ ۾ سيڪريٽري جنرل پاران سنگت ڪراچي جي سيڪريٽري کي خط لکيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته جيئن ته 5 فيبروري 1989 واري هلال پاڪستان اخبار ۾ ڪراچي س ا س جي حوالي سان هڪ پريس پڌرائي بعنوان سنڌي قوم جو قبائلي تصور رکندڙ قوم جي خير خواهي جي واٽ نه ٿا ٺاهي سگھن شائع ٿي آهي جنهن کي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي پاران پاليسي بيان ظاهر ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. انهي سلسلي ۾ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان محترم فقير محمد لاشاري ۽ شڪور نظاماڻي تي روبرو اها ڳالهه واضح ڪئي هئي جيڪا يقينن توهان تائين به پهتي هوندي ته پاليسي سازي يونٽن جو ڪم نه پر مرڪز جو ڪم هوندو آهي. اهو به ڪاروباري ڪاميٽي (مرڪزي) يا سنڌ ڪائونسل جهڙو ادارو ئي ڪرڻ جو مجاز هوندو آهي. ڪو مرڪزي عهديدار به پنهنجي طرفان پاليسي ٺاهڻ يا ظاهر ڪرڻ جو مجاز نه آهي. جيڪڏهين هر يونٽ يا شاخ پنهنجي طرفان پاليسي سازي جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کڻي ته پو مرڪز جي پاليسي سازي جي ڪابه وقعت نه ٿي رهي ۽ اهڙي ريت هڪ تنظيم جي هڪ پاليسي نه پر ڪيئي پاليسيون ٺهي پونديون جيڪي ايڪي بجائي انتشار جو ڪارڻ ٿينديون.
مون کي اميد آهي ته سنگت جي عظيم تر مفاد خاطر توهان ۽ ٻيا دوست ٿڌي دل ۽ دماغ سان انهي ڏس ۾ قدم کڻندا. توهان جي طرفان وضاحت جو انتظار رهندم.
انهن اختلافن جو مطلب اهو نه هو ته سنگت ڪراچي پنهنجي مرڪز کان ڪا ڌار حيثيت رکڻ ٿي چاهي. اهي هڪ تنظيم ۾ رهندي صحت مند اختلاف هئا ۽ ٻيو ته انهن جي ڪا ذاتي نوعيت نه هئي. ڪراچي يونٽ نه ته مرڪز ۽ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت کي چئلنج ٿي ڪيو ۽ نه ئي ان حيثيت کي مڃڻ کان انڪار ٿي ڪيو. سيڪريٽري جنرل جي طور رنگريز سان نهايت خوشگوار ناتا هئا. سنگت ڪراچي جي مختلف اهم پروگرامن ۾ رنگريز خاص مهمان طور شريڪ ٿيندو هو. ان سلسلي ۾ رمپا پلازه ۾ سراج جي ڪتاب تي ڪيل هڪ پروگرام جو حوالو ڏيئي سگھجي ٿو جنهن ۾ سراج ۽ شيخ اياز به شريڪ ٿيا هئا. سنگت جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ هڪ هم آهنگي پيدا ڪري سنگت کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ هلائڻ لا هڪ ڀيري آئون ۽ فقير محمد لاشاري گڏجي رنگريز جي گھر بٺوري ويا هئاسين جتي اسان وٽس رات رهيا هئاسين ۽ مختلف ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئيسين. هڪ لحاظ کان اختلافن هوندي به رنگريز جي سيڪريٽري جنرل هوندي ساڻس ڪراچي سنگت جو لاڳيتو سهڪار ۽ تعلق رهندو ٿي آيو.
آئون سمجھان ٿو ته رنگريز جو طريقه ڪار دٻڙ دونس ۽ زبردستي سان سنگت کي هڪ خاص سياسي ڌر جي پليٽ فارم طور هلائڻ نه هو ۽ اهو ئي طريقو سنگت جي مفاد ۾ به هو. پر ساڳي وقت اها ڳالهه انهن ماڻهن کي نه ٿي آئڙي جن سنگت کي ذاتي ۽ سياسي فائدن جي حصول لا استعمال ڪرڻ چاهيو ٿي. ان ڪري رنگريز پنهنجو ٻن سالن جو مدو پورو ڪري پاسيرو ٿي ويو.
رنگريز جي هڪ ڌي گلشن حديد ۾ رهندي هئي ۽ سندس ان وٽ اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. جڏهين هو ايندو هو ته ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. وفات کان اڳ هو هتي آيو ته هن مون کي ملاقات ڪرڻ لا چيو هو. آئون ساڻس ملاقات لا ويو هوس. ان وقت به هو بيمار هو ۽ گھڻو هلي چلي نه پيو سگھي. مون کي مقرر جا تان گھر تائين وٺي اچڻ لا به هن پنهنجي ڌي کي موڪليو. سندس لا گھڻي دير ويهڻ به ڏکيو هو. ڪجھه دوستن متعلق ڳالهايوسين. مون کي ٻڌايائين ته هن وقت تائين سندس ڏهاڪو کن ڪتاب شائع ٿي چڪا آهن ۽ سندس آتم ڪٿا جو ٻيو ڀاڱو شائع ٿيو آهي. گھر پهچي مون کيس پنهنجا ٽي ڪتاب موڪليا.
رنگريز پنهنجي ادبي سياسي ۽ ذاتي زندگي ۾ هڪ لاڳيتو ۽ ڊگھو سفر ڪيو. هن نه رڳو انهن سڀني شعبن ۾ هڪ توازن قائم رکيو پر ڪٿي به ٿاٻڙيو نه. سندس لکڻيون، سندس دوست سندس ڪل موڙي آهن. هن آخر تائين ڪنهن کان به پنهنجي لا ڪنهن ذاتي فائدي وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي. کيس هميشه سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button