ملڪ ۾ تازو ئي ڪجهه دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ حڪمران ڪي اهڙيون ڳالهيون ڪن پيا، جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهن کي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، ملڪ جون جيڪي دشمن قوتون آهن، انهن کي اکين جو تارو بڻايو ويو آهي، پر ڪجهه نين قوتن کي رياست لاءِ خطرو قرار ڏنو پيو وڃي، ان جو مثال لاهور جو دهشتگردي جو واقعو به آهي. پر جيڪي لاڳاتار حملا ٿيندا رهيا آهن، اها ٽائيم لائين ٻڌائي ٿي ته حڪمران درست پيرا نه کڻي رهيا آهن. اهو ممڪن آهي ته جڏهن گهڻ طرفا حملا ٿيندا آهن ته ڪجهه Splinter Groups موقعي مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، پر هتي صورتحال ڪنهن ٻي نوعيت جي آهي. افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت تي قبضي کانپوءِ پاڪستان جا حڪمران دهشتگردي جا جنهن انداز سان پيرا کڻندا رهيا آهن، اهي ٿورو اڳڀرو هلي ڪري غائب ٿي وڃن ٿا. انڪري اصل امن جي دشمن قوتن جي نه صرف درست نشاندهي نه ٿي رهي آهي، پر انهن کي نشانو بنائڻ به ناممڪن ٿيندو پيو آهي. ان حوالي سان افغانستان بابت ماهر خاتون صحافي Carlotta Gall، جنهن ان کان اڳ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي حوالي سانTHE WRONG ENEMY جي سري سان ڪتاب لکيو هو، اهو درست لڳي ٿو. هي خاتون صحافي 2006 ڌاري ڪوئيٽا آئي هئي. هوءَ افغانستان جي سرحد ويجهو آپگهاتي بمبارز خاندانن جي کوج لڳائڻ لاءِ پهتل هئي، پر هن جي کوج کي نيڪ نظرن سان نه ڏٺو ويو، هن جي ڪمري تي رات جي اونداهي ۾ ڪجهه سادن ڪپڙن ۾ ماڻهن چڙهائي ڪري سيل فون، نوٽ بوڪس ۽ ٻيو سامان قبضي ۾ وٺي ورتو هو ۽ بعد ۾ کيس پاڪستان بدر ڪيو ويو.
موجوده حملا جيڪي ڪراچي، اسلام آباد ۽ تازو ئي لاهور جي انارڪلي ۾ ڪيا ويا، ماضي جي مقابلي ۾ انهن واقعن ۾ ايترو جاني نقصان نه ٿيو آهي، پر جيڪي سيڪيورٽي پوائنٽس تي ٻيا حملا ڪيا ويا، انهن جو تعداد 100 جي لڳ ڀڳ آهي. ان نوعيت جي حملن کي خاص ايڊوائس جي ذريعي لو پروفائل ۾ به رکيو ويو. لاهور جو ئي مثال وٺو، ان حملي کي ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپوءِ ميڊيا تي آندو ويو. ان دوران ڪوشش ڪئي وئي هوندي ته پردو وجهجي پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو. ان کان اڳ ۾ جيڪي به حملا ڪيا ويا، انهن ۾ بقول رياستي ادارن جي بندش وڌل تحريڪ طالبان ملوث هئي. هي اهي ئي ويڙهاڪ آهن،جن سان رياست ڳالهيون به ڪري رهي آهي ۽ اهي پنهنجو ڪم به جاري رکي رهيا آهن. اهي جن چيو پئي ته هاڻ افغانستان ۾ پاڪستان جا دوست موجود آهن، انڪري پاڙيسري توڙي پرڀرا دشمن ۽ انهن جا ڳجها ادارا ان پوزيشن ۾ ناهن ته اهي پاڪستان جو وار به ونگو ڪري سگهن، پر جنهن قسم جا حملا ٿيا، ۽ افغانستان جي طالبان قيادت جي مڙني خاطرين ته هو اهڙن حملن لاءِ پنهنجي ڌرتي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، هي سڀ ڳالهيون درست ثابت نه ٿيون، هاڻ ايستائين جو آمريڪي صدر جو بائيڊن کي چوڻو پئجي ويو ته افغانستان اهڙي ڌرتي يا ملڪ ناهي، جتي ڪا هڪ قوت، ملڪ تي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته افغانستان جي ايڪتا، قائم نه رهندي، اهڙي صورتحال ۾ جيڪي گروپ ويڙهه ۾ اڳڀرا هوندا، اهي پنهنجن مفادن کي سامهون رکندي دنيا سان لاڳاپا به قائم ڪندا.
ان حقيقت سان شايد ڪيترن ئي ماڻهن کي اتفاق هوندو ته پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ جتي جمهوري يا سويلين حڪومتون ڪمزور رهيون آهن، يا آهن، اتي سلامتي جي اشوز کان وٺي رياستي ۽ پرڏيهي معاملن تي انهن قوتن جو ڪنٽرول رهيو آهي ۽ هينئر به آهي، جيڪي عام ماڻهو جي چونڊيل پارليامينٽ اڳيان گهٽ جوابدار رهيون آهن. حڪمران رڳو نمائشي هجن ۽ انهن جي ڪا ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ Standing نه هجي ته اهڙن ملڪن جي حڪومتي ڍانچي تي ته انهن قوتن جو غلبو وڌيڪ هوندو آهي. جيڪڏهن سويلين حڪمران رڳو ڏيکاءُ لاءِ رهجي وڃن ۽ سياسي قيادت به حڪومت سان ٽڪراءَ ۾ هجي ته پوءِ ڪو به حادثو ٿي سگهي ٿو. هي ڳالهه واضح طور پئي آهي ته ملڪ جي عوام ۽ طاقتور ڌرين جا مفاد الڳ الڳ رهيا آهن، انڪري صورتحال بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب نظر آئي آهي. هينئر ملڪ جي حڪمرانن جو نئين پيدا ٿيل صورتحال ۾ ڪهڙو ڪردار آهي، ان جو ڇيد ڪرڻ ڪو مشڪل ناهي. هن ڀيري پريشان ڪندڙ ڳالهه هي آهي ته جيڪي سويلين حڪمران آهن، اهي Peace Builder ناهن، پر اهي پاڻ Part of Problem آهن، انڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي نظر اچي ٿي.
عمران خان جي صورت ۾ جنهن به نوعيت ۽ قسم جي حڪومت آهي، ان جو ملڪ جي اڏاوت ۾ڪهڙو ڪردار آهي؟ اهو سڀني جي سامهون آهي. حڪومت رڳو، سياسي ورڇ هجڻ ۽ ان ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيڻ سبب رڳو پاڻ کي بچائڻ ۾ پوري آهي. حڪمرانن جي سموري مشينري ۽ ادارا پنهنجن مخالفن کي غير موثر ڪرڻ ۽ ايستائين جو انهن جي خاتمي لاءِ توانائيون صرف ڪري رهيا آهن. حڪومتي وزير ۽ ٻيا عملدار رڳو نفسياتي، پروپئگنڊا وار جو حصو بڻيل آهن. انهن کي ملڪي ترقي لاءِ ڪنهن به پروجيڪٽ ۾ شامل ٿيڻو ناهي. جيڪڏهن حڪومت جو ڪم رڳو مخالف ڌر جي خلاف حڪمت عمليون جوڙڻ هجن ته پوءِ خطرن کي ڪير منهن ڏئي نٿو سگهي.
مخالف ڌر جيڪي تياريون ڪري رهي آهي ۽ اها چاهي ٿي ته موجوده حڪمران اڄ ئي گهر ڀيڙا ٿين ۽ سڀاڻي نئين سيٽ اپ لاءِ جوڙ توڙ ٿئي، ٻئي ڌريون جيتريون ٽڪراءَ ۾ هونديون، اوترو ئي ملڪي سلامتي به ڪمپرومائيز ٿيندي ۽ خاص ڪري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪي به گهربل قدم کڄي نه سگهندا. جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن هڪٻئي کي دشمن جي نظرن سان ڏسندا ته پوءِ نيڪي ۽ چڱائي جي ڪابه اميد ڪري نٿي سگهجي. جيڪڏهن اسان دشمن کي پنهنجن صفن ۾ ڳولڻ بدران خوابن ۽ خيالن ۾ رهون ته بهتري جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي. ملڪ لاءِ خطرو بڻيل ڌريون سرحد پار ويٺل هجن يا وري پنهنجن ئي صفن جي اندر هجن، اهي ڪڏهن به نه چاهينديون ته ملڪ ۾ امن جي صورتحال ايتري بهتر هجي جو ماڻهوءَ جي زندگي کي بهتر بڻائي سگهجي.
هينئر جنهن قسم جا خطرا سامهون آهن، اهي ڪنهن هڪ نوعيت جا ناهن، ائين نٿو چئي سگهجي ته رڳو معاشي چيلينج آهن، پر هر چيلينج جي نوعيت الڳ الڳ آهي. هينئر جتي سلامتي جي حوالي سان اهي گروپ جن کي رياستي ادارن جي آشيرواد رهي هجي، اهي خطرو بڻجي رهيا آهن، پر ڪنهن به حڪومت لاءِ مخالف اهڙو خطرو نه رهيا، جهڙا موجوده حڪومت لاءِ آهن. حڪومت پنهنجن ساڍن ٽن سالن دوران جيڪو ٻج ڇٽيو آهي، اهي سلا هاڻ قدآور ٿي چڪا آهن. سياستدان جو موجوده نسل به ڪنهن ٽين قوت جي اشاري يا هشي تي ڪم ڪري پيو. هاڻ ته کلي عام چيو پيو وڃي ته فيبروري جو مهينو، ڪجهه اهڙا خطرا کڻي اچي رهيو آهي، جنهن دوران عمران خان يا حڪومت جو ڪوبه عهديدار جيڪڏهن فاش غلطي ڪئي ته انهن کي ڪوبه بچائڻ وارو نه هوندو. حڪومت پهريان ئي خطري ۾ آهي، مٿان وري اها اهڙو تاثر ڏئي ٿي، جيڪو عوامي طاقت رکندڙ ڏيندا آهن. هو سمجهن ٿا ته سمورن ادارن تي انهن جو ڪنٽرول آهي ۽ هو جيئن چاهين انهن کي پنهنجي مرضي مطابق موڙي سگهن ٿا. هي خام خيالي آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪي تاريخ ۾ هڪڙا ادارا وڌيڪ طاقتور ٿي رهيا آهن، جڏهن ته عوام جي طاقت وڌيڪ ڪمزور ٿي رهي آهي. اهوئي سبب آهي، جو عوامي رٽ تي سواليا نشان لڳي رهيا آهن.
جيڪڏهن سياسي قوتون هڪٻئي پٺيان حملا ڪن ٿيون ۽ انهن جي پٺيان اهي قوتون به بيهن ٿيون، جيڪي عمران خان کي ڏسڻ نٿيون گهرن، ته پوءِ جيڪي نتيجا سامهون ايندا سڀ ڏسندا. جڏهن هي چيو وڃي ته ملڪ جي نئين وزير اعظم جي نالي تي به اتفاق ٿي ويو آهي، ته اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جي پوزيشن ته ڪمزور ٿي ويندي. هو ڀليcounter moves اپنائي پر پير کوڙي بيهڻ گهڻو مشڪل ٿي ويندو. هڪٻئي پٺيان لانگ مارچ جون تياريون به ٻڌائين ٿيون ته حڪومت ۽ ان جي مخالفن ۾ سرچاءَ جا سمورا رستا بند ٿي ويا آهن. جيئن ئي ٻئي ڌريون بند ڳلي ۾ بند ٿي وينديون ته ٽين قوت کي حملي جو موقعو ملي ويندو. اهي پهريان ته اقتدار جي گدي نشينن کي چلتو ڪندا ۽ ان کانپوءِ انهن جو وارو ايندو، جيڪي چيلينج هوندا. هو هينئر کان ئي پنهنجن سياسي خواهشن جو اظهار ڪري چڪا آهن ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر صدارتي نظام کي قبر مان کوٽي ڪڍي آيا آهن، هي به انهن جي خواهش آهي، ممڪن آهي ته پوري نه ٿئي پر هو اختيارن جي مرڪزيت چاهين ٿا، جنهن جو سڌو مطلب جمهوري نظام کان انڪار آهي.