نفسياتي ناول Psychological Novel ناول نگاري صنف جو اهڙو قسم آهي جيڪو ڪردارن جي اندروني ڪيفيتن، جذباتن ۽ سوچن سان سلهاڙيل هوندو آهي. انهي موجب ڪي ناول سماج جي نفسيات ڦلهوڙيندا آهن ته ڪي صرف ڪردارن جي. جيئن دوستوفسڪي پنهنجي ناول Crime and Punishment ۾ هڪ ڏوهاري جي نفسيات کي چٽيو آهي، جيڪو ڏوھه ڪرڻ بعد انهي جي سخت پشيماني ۾ وٺجي ويندو آهي. ايئن جوزف ڪانرڊ پنهنجي ناول Heart of Darkness ۾ آفريڪي سماج جي نفسيات کي اظهاريو آهي جيڪو ان وقت بيٺڪيت جي اثر هيٺ هو. انهي ناول بابت جوزف ڪانرڊ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٻڌايو آهي ته هو انگريزن جي انهي سامراجي روش تي سخت ڪاوڙيل هو انهي لاءِ هن اهو ناول لکيو ته جيئن هو انهن لالچي ماڻهن جي نفسيات کي ظاهر ڪري سگهي جيڪي ٻين جي زندگين مٿان غاضب ٿين ٿا. ادب ۾ نفسيات جي علم کي تفصيل سان ڏسون ٿا ته اتي هڪڙو نقطو Schizophrenia ملي ٿو. هڪ اهڙي حالت جنهن ۾ ماڻهون ذهني ڀڃ ڊاھه جو شڪار هوندو آهي، انهي حالت جي پيڙا مان ڇوٽڪاري لاءِ ڪي ماڻهو خودڪشي به ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن ڪجهه وقت اڳ مون جي ايشر جو هڪ ناول پڙهيو جنهن ۾ ذهني ڀڃ ڊاهھ جي شڪار ڇوڪري خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي ۽ انهي جو ذميوار سندس تيرنهن دوستن کي ڪندي آهي. انهي حالت کي گهڻن ناولن ۾ ڏسي سگهجي ٿو، انهي جو سبب اهو ته يا انهن ناولن جا ليکڪ خود پنهنجي زندگي ۾ انهي شيزوفرينڪ حالت جا شڪار ٿيا يا انهن پنهنجي ويجهن کي ٿيندي ڏٺو.
ڏٺو وڃي ته اسان جي چوڌاري کوڙ اهڙا ماڻهو نظر ايندا جيڪي انهي ذهني ڀڃ ڊاھه سبب ڏاڍي افسوسناڪ زندگيءَ گهاريندا پيا آهن. اهي ڪردار جيڪي وڏن شهرن جي رستن ۽ فوٽ پاٿن تي دربدر ٿيندي نظر ايندا آهن. انهن ماڻهن جون به ڪي دردناڪ ڪهاڻيون هونديون آهن، اهي ڪهاڻيون جيڪي گهڻو تڻو ادب جو حصو بڻجڻ کان وانجهيل رهيون آهن، پر سنڌي ادب ۾ انهي محرومي جو انت هينئر ڪليم ٻٽ پنهنجي ناول ريگل چوڪ سان آندو آهي.
منهنجي خيال ۾ ڪليم ٻٽ ڪنهن تعريف جو محتاج ڪونهي، هئين به هڪ اديب جي تعريف ان جو ادبي ڪم ئي هوندو آهي. ۽ ڪليم مختصر عرصي ۾ سنڌي ادب ۾ جيڪي ناول ۽ ڪهاڻي جا تجربا ڪيا آهن اهي واقعي قابل تعريف آهن، جنهن ۾ سندس ناول يوٿوپيا اهم آهي. پر تازو سندس نئون ناول ريگل چوڪ پڙھڻ لاءِ مليو جيڪو پڻ هڪ بهترين ڪوشش آهي. آئون ڪوشش ڪندس ته هن ناول جي ڪهاڻي بجاءِ گهڻو ڪردارن تي ڌيان ڏيان. ناول ريگل چوڪ جي ڪهاڻي ٻن ڪردارن ساجن ۽ سکيءَ جي چوڌاري گهمي ٿي. ساجن هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو ننڍپڻ کان ئي ذهني مونجهارن ۾ پيل هوندو آهي. ۽ اڳتي هلي ملڪيت ۾ معاملي ۾ گهران تڙجي وڃي ٿو، ۽ بعد ۾ دربدر ٿيندو ريگل چوڪ کي پنهجي پناھه جو مرڪز بڻائيندو آهي. جيئن زندگيءَ جي ذلالتن جا ماريل ماڻهو ٿورا ناهن هوندا، ته اتي هن کي سکيءَ ملندي آهي جيڪو خود هن جيان دربدر هوندي آهي.
هن ناول جي شروعات ڏاڍي وڻندڙ آهي، انهي ناول کي شروع ڪندي ايئن لڳو جهڙو نٽ همسن جو ناول”Hunger” پيا پڙهون.
ريگل چوڪ تي سجن کي هڪ ڪتاب هٿ ايندو آهي جنهن کي پڙهندي کيس ايئن محسوس ٿيندو آهي ته اهو هن جي پنهنجي ڪهاڻي آهي ۽ ڪتاب جو ليکڪ گوگول خلاف ڪيس ڪرڻ جي تياري شروع ڪندو آهي جنهن لاءِ اتي ريگل چوڪ تي گهمندڙ هڪ اديب جي مدد وٺندو آهي جيڪو خود ذهني مونجهارن جو شڪار هوندو آهي. اتي ناول نگار وسيع انداز ۾ سماج جو جائزو ورتو آهي جتي ڪيئي اديب ايوارڊ لاءِ صدر اڳيان جهوليون کڻي هلندا آهن ۽ پنهنجي تخليق جي ڪاميابي انهي ايوارڊ کي سمجهندا آهن.
سکيءَ بابت جيڪا ناول جي اهم شيءِ آهي اها آهي جنسي حالت، ته سماج ۾ ماڻهو نفسياتي طور جنسي حوس جا ڪيترا بکيا آهن جيئن هن ناول جو ڪردار پٺاڻ جيان جيڪي رستن تي خيرات گهرندڙ ڇوڪري کي به بخش ناهن ڪندا ۽ ناول جو ٻيو اهڙو ڪردار ايس ايڇ او جنهن وٽ سکي ساجن کي جيل مان ڪڍڻ لاءِ ويندي آهي ۽ جتي اهو ايس ايڇ او پڻ هن سان ساڳي وارتا ڪري ٿو.
ناول ۾ سکي ۽ ساجن جي هڪجهڙائي جو عنصر انهن جون يادگيريون آهن ۽ هئين شيزو فرينڪ ڪردار يادگيرين ۾ گهڻو جيئندا آهن سکي به پنهنجي يادگيرين ۾ پنهنجي گهر ۽ پنهنجي استاد حيدر کي ياد ڪندي آهي جنهن سان محبت ۾ هو گهر ڇڏيندي آهي ڇو ته هن جي پيٽ ۾ انهي جو ٻار هوندو آهي ۽ اڳتي خبر پوندي آهي ته اهو استاد سندس ويڳو ڀاءَ هوندو آهي اهو پاسو پڙهندڙ کي ڇرڪائي وجهي ٿو ۽ ناول ڏانهن وڌيڪ متوجهه رکي ٿو. ايئن ساجن جي ذهن ۾ به گهڻو وقت سندس ننڍپڻ جون يادگيريون هونديون آهن.
ساجن بابت اها ڳالهه به آهي ته هو رشتن بابت سخت بڇان ظاهر ڪندو آهي. ناول ۾ هن ڪردار جا مختلف پاسا بيان ڪيل آهن جيئن انهي سخت تنگي جي باوجود پر اميد نظر اچي ٿو ۽ اهو اميد ڪندو آهي تڪليفون ختم ٿينديون ۽ سٺو وقت اچڻو آهي. سندس انهي خيال کي اسين نفسياتي ماهر جان لڪان جي Theory of desire جي اک سان ڏسي سگهون ٿا. لڪان موجب جڏهن انسان ڪنهن شيءِ جي خواهش ڪندو آهي اهو سوچندو آهي ته انهي جي حاصلات سان سڀ ڏک ڏور ٿي ويندا جيئن هن ناول ۾ ساجن انهي اديب مان وقت بدلجڻ جي اميد رکندو آهي.
پر جڏهن اهو حاصل ناهي ٿيندو ته هو انهي خواهش جي مخالف بڻجي نا اميد ٿي ويندو آهي جيئن آخر ۾ ساجن سکي جي ڳالهه کي سوچي متفق ٿيندو آهي ته واقعي اسين انهن فوٽ پاٿن تي ئي مري وينداسين.
ٻيو هن ڪردار جي اهم ڳالهه سندس زندگيءَ سان سخت نفرت آهي. هو پنهنجي زندگيءَ کي اتي ستل ناسي ڪتي جي زندگيءَ سان ڀيٽي ٿو. اهو سندس ذهني منتشر هجڻ جو نتيجو هوندو آهي جنهن سان هو زندگيءَ بابت حقارت ڀريا خيال رکي ٿو، جيئن ناول جي باب “نيري ٽڪي” ۾ هو چوي ٿو ته “اوهين ڀلي نيري ٽڪي کائو يا ڳاڙهي يا ٻنهي کي گٽر جي پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏيو پر زندگيءَ پوءِ به اوهان کي ذليل ڪندي رهندي.”
اهو جملو زندگيءَ بابت انهي ڪردار جي حقارت ظاهر ڪري ٿو ۽ آئون سمجهان ٿو ته هي ناول جو هڪ شاندار ۽ غير معمولي جملو آهي، جيڪو اسان کي روايتي ناولن ۾ گهٽ پڙهڻ وٽان ملي ٿو.
سکي جا اهي لفظ ته اسين انهي فوٽ پاٿن تي ئي مري وينداسين هن جي ذهني پيڙا کي اظهارين ٿا. ۽ هر وقت سکي جي هنج ۾ انهي ٻار جو تصور ڏيکاري ناول نگار سماج جي بيحسي کي پيش ڪيو آهي.
هي ناول پڙهندڙ کي انهن ڪردارن جي وڌيڪ ويجهو ويٺي اچي ٿو. پر جيئن ته ڪا تخليق پنهنجي هزارين سٺائين جي باوجود آئڊيل ناهي هوندي تيئن هن ناول جون به ڪي ڪمزوريون آهن. جيئن انتهاپسندي جي پسمنظر ۾ ناول ۾ نائو مل نالي ڪردار جو تفصيلي ذڪر ملي ٿو، جڏهن ته انهي جو ناول جي ڪهاڻي سان ڪو گهڻو تعلق ناهي. اها اجائي ڊيگهه ناول جي روانگي کي ٽوڙي ٿي جنهن سان پڙهندڙ بوريت جو شڪار ٿئي ٿو. ٻيو ساجن پنهنجي ماضي کي ساريندي پنهنجي ڀيڻ جي گڏي بابت گهڻو ٻڌائي ٿو ته هن گڏي سان سندس عجيب تاثرات هوندا آهن ۽ جنهن مان تنگ ٿي هو انهي کي ٽوڙيندو آهي، اهو بلڪل معمولي واقعو آهي جيڪو پڙهندڙ تي ڪو به اثر نٿو ڇڏي ۽ ناول جي سونهن کي به خراب ٿو ڪري ڇڏي.
انهي جي باوجود اهو وڻندڙ ناول آهي. ناول جي منظرنگاري بهترين آهي، جيڪو پڙهندڙ کي ڪنهن وقت ريگل چوڪ جي اسٽالن تي ته ڪنهن وقت پٺاڻ جي هوٽل تي پهچائي ٿو ڇڏي.
هن ناول جا ڪردار ڏاڍا معصوم آهن، جن کي سماج کان ڌڪاريو ويو آهي، زندگيءَ جي ذلالتن کان مجبور ٿي اهي وڏن شهرن جي رستن ۽ فوٽپاٿن تي دربدر ٿيندا آهن. هڪ اهي اڳ ئي ذهني ڀڃ ڊاھه شڪار مٿان اڃ، بک، دربدري، ۽ سماج ۾ ملندڙ ڌڪار انهن جي زندگين کي وڌيڪ قابل رحم بڻائي ڇڏي ٿي.
ناول جي شروعات جيان انهي جي پڄاڻي به ڏاڍي سٺي ٿيل آهي.
هي ناول ذهني انتشار جا شڪار ٿيل، ۽ سماج جي ڌڪاريل ماڻهن جي ڪربناڪ ڪهاڻي آهي.
ڪليم ٻٽ هن ناول سان بلڪل نڀايو آهي. ۽ جيئن ناول جي بيڪ ٽائيٽل تي اختر حفيظ چيو آهي ته انهي تجربي جي پوئواري ضرور ٿيڻي آهي ته بلڪل اهو هڪ وڻندڙ ۽ منفرد تجربو سنڌي ادب ۾ ناول جون نيون واٽون کولڻ ۾ ضرور ڪارائتو ثابت ٿيندو.