ڪتاب “رياست ۽ انقلاب” عظيم انقلابي مفڪر ۽ آڪٽوبر انقلاب جي قائد وي آءِ لينن جي تخليق آهي. لينن اهو ڪتاب آڪٽوبر انقلاب جي تياريءَ وارن ڏهاڙن يعني آگسٽ ۽ سيپمٽبر 1917ع دوران لکيو، جڏهن رياست ۽ ان سان پورهيت طبقي جي تعلق جي مسئلي نظرئي ۽ عمل يا سياسي لحاظ کان خاص اهميت اختيار ڪئي. ان ڪتاب ۾، لينن هڪ پاسي رياست جي مارڪسي تصور جو دفاع ڪيو ته، ٻئي طرف ان کي نين حالتن پٽاندر ترقي به ڏني.
لينن ان ڪتاب ۾، مينشويڪن، سوشلسٽ انقلابين، ٻي انٽرنيشنل جي موقعي پرستن ڪارل ڪائوتسڪي، پينڪاڪ ۽ برنسٽائن جي موقعي پرستاڻين لکڻين جو مارڪسي نقطه نگاهه کان ڇيد ڪندي، انهن جي موقعي پرستاڻي ڳر کي ظاهر ڪيو. شروعاتي پلان موجب ڪتاب ستن بابن تي ٻڌل هو، پر انقلاب جي ٻين کوڙ سارن نظرياتي ۽ عملي فريضن جي ڪري، لينن ستون باب ڪڏهن به نه لکي سگهيو. رڳو ان جو پلان، بعنوان: “1905ع ۽ 1917ع وارن روسي انقلابن جو تجربو.” محفوظ رهي سگهيو.
لينن اينگلز جي ڪتاب “خاندان، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جو بڻ بڻياد” مان حوالو ڏيندي لکي ٿو: “رياست ڪنهن به نموني اهڙي طاقت نه آهي، جيڪا سماج تي ٻاهران مڙهي وئي هجي. اهڙي نموني رياست “اخلاقي نظرئي جي حقيقت”، “عقل ۽ ڏاهپ جي صورت ۽ حقيقت” به نه آهي، جيئن هيگل جي دعويٰ آهي. رياست ارتقا جي خاص مقام تي سماج جي پيداوار آهي، رياست ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته، هيءَ سماج پاڻ پنهنجي مفاهمت نه ٿيڻ جوڳي تضاد ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ هي اهڙن حل نه ٿيڻ جوڳن تضادن ۾ پئجي ٽٽي پيو آهي، جن کي ختم ڪرڻ کان هو لاچار آهي. پر ان لاءِ جو متان اهي تضاد، متضاد معاشي مفاد رکندڙ طبقا هڪٻئي کي ۽ سماج کي ان بي سود جدوجهد ۾ تباهه نه ڪري ڇڏين، طاقت جي ضرورت پيدا ٿي، جيڪا سماج کان مٿانهين هجي. طاقت جيڪا ٽڪراءُ کي اعتدال ۾ آڻي، ان کي “قاعدي” اندر رکي ۽ هيءَ طاقت، جيڪا سماج مان پيدا ٿئي ٿي، پر پاڻ کي ان کان مٿانهون رکي ٿي ۽ ان کان وڌ کان وڌ ويڳاڻي ٿيندي ويندي آهي، رياست آهي.” لينن اينگلز جي ان تاريخي تشريح بابت راءِ ڏيندي چئي ٿو: “هتي واضح طور رياست جي تاريخي ڪردار ۽ معنيٰ جي سوال تي مارڪسزم جي بنيادي نظرئي جو اظهار ڪيو ويو آهي. رياست طبقاتي تضادن وچ ۾ مفاهمت نه ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿي آهي.” لينن وڌيڪ چئي ٿو: “مارڪسزم جي رياستي نظرئي بابت اينگلز جي ڄاڻايل نظرياتي پوزيشن جو غلط مطلب ڪڍندي روس ۽ ان کان ٻاهر بورجوا ۽ پيٽي بورجوا نظرئيدانن اهو نتيجو ڪڍيو ته رياست طبقن وچ ۾ مفاهمت ڪرائي ٿي، جيئن 1917ع جي انقلابي ڏهاڙن ۾، رياست جي ڪردار جي سوال تي منشويڪن ۽ سوشلسٽ انقلابين چيو ته، رياست طبقن وچ ۾ “مفاهمت” ڪرائي ٿي. رياست ڪنهن خاص طبقي جي تسلط جو ادارو آهي، جنهن جي مفاهمت ان جي ضد (ان جي خلاف طبقي) سان نٿي ڪرائي سگهجي.” “ٻئي طرف ڪائوتسڪي ۽ سندس حامين جيتوڻيڪ “نظرياتي طور” ان کان انڪار نه ڪيو ته، رياست تسلط جو ادارو آهي يا طبقاتي تضاد، مفاهمت نه ٿيڻ جوڳو آهي، پر هنن ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ٿي ته، اهڙن اڻ حل ٿيندڙ تضادن جي موجودگيءَ ۾ سواءِ پرتشدد انقلاب جي مظلوم طبقي جي آزادي ناممڪن آهي.”
مطلب ته رياست ۽ انقلاب ۾ لينن مارڪس ۽ اينگلز جي سمورين بنيادي پوزيشنن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي. هن عمومي طور رياست ۽ خاص طور پورهيت رياست جي مارڪسي نظرئي جو ٻي انٽرنيشنل جي موقعي پرستن خلاف جدوجهد جي سلسلي ۾ دفاع ڪيو. هن ساڳي وقت عالمي پورهيت تحريڪ جي تجزئي ۽ روسي پورهيت تحريڪ جي تجربي جي بنياد تي اخذ ڪيل نتيجن کان پوءِ، رياست جي ان مارڪسي نظرئي جي واڌ ويجهه به ڪئي. لينن رياست جي طبقاتي ڪردار، ان جي شروعات جي اولين شرطن ۽ ان جي استحصالي طبقن جي آمريت جي هٿيار طور طبقاتي دشمناڻي سماج ۾، رول کي واضح ڪيو. لينن چيو ته، جيتوڻيڪ موجوده بورجوا رياست جون شڪليون مختلف آهن، پر ان جو ڳر ساڳو آهي. يعني سرمائيدار طبقي جي آمريت. لينن اهو به ڏيکاريو ته، 1848ع جي انقلاب ۽ پيرس ڪميون جي تجربي جي مطالعاتي عمل دوران مارڪس ۽ اينگلز جي بورجوا سماج جي رياستي مشينريءَ بابت نقطه نظر ڪيئن اوسر ڪئي ۽ هنن ڪيئن پورهيت رياست جي مشينريءَ جي تشڪيل ۽ ان جي فنڪشن کي سمجهيو. طبقاتي نقطه نگاهه کان اهو ڪتاب پورهيت طبقي جي رياست سان تعلق، سوشلسٽ انقلاب دوران پراڻي بورجوا رياستي مشينريءَ جي خاتمي جي ضرورت ۽ نئين ۽ اعليٰ رياست جي قيام جي مسئلي کي به نبيري ٿو.
لينن سرمائيداريءَ کان سوشلزم ڏانهن عبور جي ڪل تاريخي دور ۾، پورهيت آمريت جي گهرج کي ثابت ڪيو، جنهن کي ٻي انٽرنيشنل جي موقعي پرستن رد ڪيو ٿي. لينن چيو ته بورجوا سماج جو ڪميونسٽ سماج ۾ تبديل ٿي وڃڻ ان وقت تائين ناممڪن آهي، جيستائين هڪ سياسي عبوري دور نه گذاريو وڃي ۽ ان دور ۾، رياست جي حيثيت رڳو پرولتاريءَ جي انقلابي آمريت هوندي. مطلب ته هر رياست ارتقا مان گذري ڪميونسٽ سماج ۾ تبديل ڪونه ٿي ٿئي، پر سوشلست رياست غير طبقاتي ڪميونسٽ سماج ۾، تبديل ٿيڻ جا امڪان پيدا ڪندي، ان لاءِ پهرين عبوري سياسي دور مان گذرڻو پوندو. يعني پورهيت آمريت، پورهيت رياست قائم ڪرڻي پوندي. ٻين لفظن ۾ لينن ان پيٽي بورجوا دعويٰ کي رد ڪيو ته انقلاب کان سواءِ سرمائيداراڻي سماج جو ڪميونسٽ سماج ۾ بتدريج عبور ممڪن آهي.
لينن سوشلسٽ رياست جي جنم کي پورهيت طبقي جي جمهوريت سان ڳنڍيو. هن چيو ته اها هڪ نئين طريقي جي جمهوري رياست هوندي. ڇاڪاڻ جو اها تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پورهيت طبقي جي اڳواڻيءَ ۾، اڪثريتي عوام جي رياست هوندي. لينن جي راءِ ۾، پورهيت ريپبلڪ جمهوري مرڪزيت جي اصول جي بنياد تي قائم ٿيندي. جيڪا موجوده بورجوا رياست جي دفترشاهاڻي (بيوروڪريٽڪ) مرڪزيت کان سماجي ڪيريڪٽر ۽ تنظيم جي لحاظ کان بنهه مختلف هوندي. مطلب ته لينن جو اهو ڪتاب پورهيت رياست جي اصل جمهوري ڳر کي به واضح ڪري ٿو ته، بورجوا رياست جي ڪوڙي جمهوريت جي سرمائيداراڻي جوهر جي به نشاندهي ڪري ٿو.
سرمائيدار طبقي جي جمهوريت جو طبقاتي ڪردار بيان ڪندي لينن لکي ٿو: “سرمائيداراڻي سماج ۾، شرط اهو آهي ته اهو نهايت سازگار حالتن ۾ اسريو هجي، جمهوري ريپبلڪ ۾، هڪ مڪمل جمهوريت موجود هوندي آهي، پر ان جمهوريت تي سدائين بندش لڳل هوندي آهي، جيڪا سرمائيداراڻي استحصال طرفان لڳائي ويندي آهي. اها صرف انهن لاءِ جمهوريت رهجي ويندي آهي، جيڪي حيثيت وارا هجن، جن وٽ دولت هجي، سرمائيداراڻي سماج ۾، آزادي تقريبن اهڙي ئي هوندي آهي، جهڙي هوءَ آڳاٽين يوناني رياستن ۾ هوندي هئي، يعني آزادي انهن لاءِ جن وٽ غلام هجن. سرمائيداراڻي استحصال جيڪي حالتون قائم ڪري رکيون آهن، اڄوڪا اجرتي غلام (پورهيت) غريبي ۽ محتاجيءَ کان ايترا ته مجبور آهن جو، کين جمهوريت جي ايتري ڳڻتي ناهي هوندي. کين سياست ۾ مٿاڪٽ جو موقعو ناهي ملندو. واقعن جي عام پرسڪون ڌارا ۾، آباديءَ جي تمام وڏي اڪثريت سماج ۽ سياسي زندگيءَ جي معاملن ۾، شريڪ ٿيڻ کان وانجهيل آهي.” لينن وڌيڪ لکي ٿو: “مطلب ته سرمائيداراڻي سماج ۾، جيڪا جمهوريت آهي، اها لولي لنگڙي، کوکلي ۽ ڪوڙي آهي. اها اهڙي جمهوريت آهي، جيڪا مالدارن لاءِ، ٿورڙن ماڻهن لاءِ هوندي آهي. پورهيت طبقي جي آمريت، اهو عرصو جڏهن ڪميونزم اچڻ جو عبوري دور هوندو، پهريون ڀيرو دنيا کي اهڙي جمهوريت سان روشناس ڪرائيندي، جيڪا عوام لاءِ هوندي. تمام وڏي تعداد لاءِ هوندي ۽ ان سان گڏوگڏ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن تي، استحصال ڪندڙن تي ضرورت پٽاندر دٻاءُ رکيو ويندو. صرف ڪميونزم ئي صحيح معنيٰ ۾، مڪمل جمهوريت ڏيڻ جي اهليت رکي ٿو.”
سوشلزم جي اڏاوت جي سلسلي ۾، پورهيت رياست جي ضرورت جي اهميت تي زور ڏيندي لينن مارڪس ۽ اينگلز جي ڪميونسٽ سماج جي ٻن مرحلن واري ٿيوري يا نظرئي کي اڳتي وڌائيندي، ان کي اڃا به وڌيڪ پختي ۽ خاص شڪل ڏني. هن اهو واضح ڪيو ته، ڪميونزم جي انهن ٻن مرحلن، جنهن مان پهرئين مرحلي کي هو سوشلزم ۽ ٻئي کي ڪميونزم ئي سڏي ٿو، ۾ فرق پيداواري قوتن جي اوسر ۽ معاشي، سياسي ۽ ثقافتي پختگيءَ جي سطح سان طئه ٿيندو. سوشلزم ۾ هر هڪ کي سندس قابليت مطابق ڏنو ويندو، جڏهن ته ان جي اوچي شڪل يعني ڪميونزم ۾، هر ڪنهن کي سندس ضرورت مطابق ڏنو ويندو.
ٿلهي ليکي لينن جي ڪتاب “رياست ۽ انقلاب” بالشويڪ پارٽي، روسي پورهيت طبقي ۽ عالمي ڪميونسٽ ۽ مزدور تحريڪ کي نظرياتي طور هٿياربند ڪرڻ ۾، اهم ڪردار ادا ڪيو. لينن کان پوءِ ڪامريڊ اسٽالن نين حالتن تحت رياست جي مارڪسي نظرئي کي وڌيڪ مالا مال ڪيو. ڇاڪاڻ ته آڪٽوبر انقلاب جي ڪاميابيءَ کان پوءِ سوشلزم جي عملي تجربي خاص ڪري سوشلسٽ رياست بابت روايتي مارڪسي نقطه نظر ۾ نظرثانيءَ جو مطالبو ڪيو ۽ پورهيت طبقي جي عظيم استاد اسٽالن ان ضرورت کي پورو ڪيو.