پاڪستان ۾سياسي نظام کي جمھوريت کان آمريت، آمريت کان صدارتي نظام ۽ پوءِ واپس ساڳي ماني ساڳ سان کائڻ لاءِ پارلياماني سرشتي جي ويل چيئر تي چاڙهي، چونڊيل نمائندا يا زوريءَ ٿاڦيل حڪمران پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن سببان اھڙو ته جڏو ۽ معذور ڪري ڇڏيندا آهن جو چؤڏس ۽ چوڌار اھي چؤٻول آلاپجڻ لڳندا آهن ته پارلياماني نظام کان ته صدارتي سسٽم ڀلو ھو جنھن ۾ ھڪڙو ئي شخص ڪل اختيارن جو مالڪ ۽ ڪلنگي وارو بادشاهه ھوندو آھي. جنرل ايوب خان، جنرل يحي خان، جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف وانگر جنهن ڪري ملڪ ۾ خوشحالي ۽ ترقي ٿيندي آهي. ڇا اھو سچ آھي يا نسورو ڪوڙ؟
اچو ته تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪريون ته ڇا واقعي آمرن جي صدارتي زماني ۾ پاڪستان ٺهيو، جڙيو ۽ سکيو ستابو ٿيو آهي يا ٽٽي ٽڪرا ٿي ويو؟
ان کان پهرين جو آئون جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ صدارتي نظام جي چڱائيءَ ۽ بڇڙائي تي ٿيل بحث مباحثي جو ذڪر ڪريان، بھتر ٿيندو ته ٻن سٽن ۾ پنهنجي راءِ ڏيئي ڇڏيان ته جيئن ٽي سال اڳ ڪورونا وائرس کي ڪووڊ 19 جو نالو ڏنو ويو ۽ سڄي جڳ جهان اندر گھوڙا ڙي گھوڙا ۽ ٻائيتال ٻري ويو، ان ساڳي وائرس جو ٻن سالن کان پوءِ نالو مٽائي ھڪ نئون ويريئنٽ چئي ان کي وڌيڪ ڀوائتو موذي مرض ڊڪليئر ڪري ڇڏيائون. سڄي دنيا جا ڪروڙين انسان دھلجي ويا ته ھي وري ڪھڙي نئين مصيبت آهي!
اڃا انھيءَ مصيبت جو منحوس پاڇو دنيا تان نه هٽيو ھو ته تازو ان کي ٽيون نالو اوميڪرون ڏيئي عالمي سامراجي طاقتن ۽ انھن جي اثر هيٺ ڪم ڪندڙ ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن ڍنڍورو ڪرايو آهي ته ھي ته اڳوڻن ٻنهي موتمار جيوڙن کان گھڻو زھريلو بلڪ اڦٽ ماريندڙ وائرس آهي. ڏاڍي تيزيءَ سان دنيا جو وڌ ۾ وڌ ناڻو ڳڙڪائيندڙ بين الاقوامي دواساز ڪارخانن جي مالڪن ان مرض جو علاج ڪرڻ لا گوريون ۽ دوائون به ٺاهي ورتيون آهن. ڌرتي جي گولي تي ھر نئين سج پورھئو ڪري “آڻيون ۽ چاڙھيون” ڪرڻ وارن اربين غريب مسڪين ماڻهن، جن کي آمريڪا جھڙي شاھوڪار ۽ سرمائيدار ملڪ ۾ به ٻن ويلن جي ماني نصيب نه ٿيندي هئي، انھن جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو دواساز ڪارخانن جي مالڪن حوالي ٿي ويو.
بھرحال جيئن سرمائيدار طبقو جنگين ۾ ڪنگال ٿي ويل آمريڪي سامراج کي ٻيهر پنهنجن گوڏن تي کڙو ڪرڻ واسطي ھن موذي مرض جا نالا بدلائي بدلائي پنهنجن مفادن جي خاطرداري ۽ سنڀال ڪرڻ ۾ رڌل آهي تيئن پاڪستان جا واڳ ڌڻي به ھن ملڪ جي بگڙيل مالي ۽ معاشي حالت کي وينٽيليٽر تان ھٽائڻ لاءِ ھر ٽئين يا پنجين سال آزمايل سياسي نظام جون عطائي دوائون نئين پئڪنگ ۾ ماڻهن آڏو پيش ڪري کين باور ڪرائيندا آهن ته پارلياماني نظام فيل ٿي ويو سو ھاڻي اچو ته صدارتي نظام لاڳو ڪريون، جنھن سان خدا جي خلق واسطي کير ۽ ماکي جا واھڙ وھي ايندا.
غضب ڏسو ته 75 سالن ۾ اھو طئي نه ڪري سگهيا آهن ته آخر هن ملڪ کي چاڪ چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ آخر ڪھڙو نظام آڻجي جيڪو مريض واسطي امرت ثابت ٿي سگهي. اھڙي حالت لاءِ ته شاهه لطيف سرڪار فرمايو آهي ته، “پنھنجي وڍئي جو ويڄ نه طبيب”
مطلب ته جنهن سياسي، سماجي، قانوني ۽ اخلاقي مرض جو علاج وس وارا ڌڻي سائين 1947 کان وٺي 2022 تائين پنجھتر سالن ۾ به ڳولھي نه سگهيا آهن، اھي ھڪ ڀيرو وري به ٽيويهن ڪروڙ ماڻهن کي ساڳيو عطائي نسخو يعني صدارتي نظام آزمائڻ لاءِ نئون تجربو ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن. ھن مامري تي مون کي مسلم ليگي اڳواڻ احسن اقبال پاران جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل دليل وڻيا. ھن چيو ته جنرل ايوب خان جي ڏھن سالن واري صدارتي سسٽم، جنرل يحي خان جي ٽن سالن، جنرل ضياءُ جي يارھن سالن ۽ جنرل پرويز مشرف جي 9 سالن ۾ صدارتي نظام جيڪا تباھي ۽ بربادي ڪري ڇڏي، ان جو حساب ھن ملڪ جو عوام ڪنهن کان وٺي؟ ايوب خان جي دور ۾ بنگلاديش جو بنياد پيو، بلوچستان ۽ پختونستان جي عوام بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ يحيٰ خان پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيو. احسن اقبال سوال ڪيو ته ڇا اوهان ٻيھر ھي تباھي وارو نظام لاڳو ڪري باقي بچيل ملڪ کي به ڳڀا ڳڀا ڪرڻ چاھيو ٿا؟ ھن چيو ته اسان جي ملڪ جو آئين پارلياماني سرشتي جي اجازت ڏئي ٿو جنهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جي اسان مخالف ڌر وارا ڪڏهن به حمايت نه ڪنداسين.
احسن اقبال عوام کي به اپيل ڪئي ته ھن نئين رٿيل سازش خلاف رڪ جي ديوار بڻجي کڙا ٿين ته جيئن صدارتي سرشتي جي اوٽ ۾ ملڪ اندر ڪنھن کي به شخصي ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهي.
اپوزيشن جي ٻين ميمبرن به پنهنجي تقريرن ۾ صدارتي سسٽم جي سخت مخالفت ڪندي اھا راءِ ڏني ته جيڪڏهن ملڪ جو نظام بدلائڻ ضروري آهي تڏهن به انھيءَ آئيني مامري تي نه رڳو پارليامينٽ پر اعليٰ عدالتون، بار ڪائونسلز ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جا واڳ ڌڻي سڀ ھڪڙي ميز تي گڏ ٿي اتفاق راءِ سان منظوري ڏين ته جيئن مستقبل ۾ ٿيندڙ فائدي يا نقصان جي ذميواري به سڀني جي ڪلھن تي پوي.
جيتوڻيڪ سمورين سياسي پارٽين کي اھا اڻ تڻ آهي ته صدارتي نظام جو شوشو ناڪام ٿيل عمران خان حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن ڇوڙيو آهي يا واڳ ڌڻين پنهنجو عمراني تجربو بيڪار ۽ بي فيض سمجهي، ميڊيا وسيلي اھي افواهھ پکيڙيا آهن ته جيئن ان ڏس ۾ عوامي ردعمل جو واءُ سواءُ وٺي پوءِ ڪو فيصلو مڙھي سگھن.
پر مون کي پڪ آھي ته وزيراعظم عمران خان جي ئي ڪجهھ ساٿين کيس اھا صلاح ڏني آهي ته صدارتي نظام واسطي ريفرينڊم ڪرائي، ھو پاڻ کي بنا ڪنهن اليڪشن جي وڌيڪ پنجن سالن لاءِ پاڪستان جو صدر چونڊائي سگھي ٿو. ھونئن به اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي حڪمران پارٽي جو ضد ۽ ھٺ ڏسي اھو سمجھڻ ڏکيو ڪونهي ته مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ماريل ڪروڙين وطن واسين جي نفرت جو نشانو بڻيل ھي ناڪام ۽ بدنام حڪمران عوام جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کان جند ڪيئن ڇڏائي سگهندا؟
سڀ کان وڏي مصيبت عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن جي عدالت ۾ ھلندڙ پرڏيهي فنڊنگ وارو شاهي ڪيس آهي جنهن جا ثبوت ھو لڪائي لڪائي ٿڪجي پيو آهي پر مواد ايترو ته گھڻو ۽ ڀوائتو آهي جنهن جي ظاهر ٿيڻ سان وزيراعظم عمران خان ۽ سندس انيڪ ساٿارين جي ساک ھميشه واسطي ڌوڙ ٿي ويندي. شايد کيس ڪنھن ساٿيءَ صلاح ڏني آهي ته ملڪ تي امرجنسي لاڳو ڪري، صدارتي نظام مڙهي ھو عدالتن، نيب توڙي اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تي مڪمل پابندي لڳائي پنهنجي جند ڇڏائي سگهي ٿو پر ھو ڪھڙا به حيلا هلائي ڏسي، کيس جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي جي آفاقي قانون مطابق پنهنجو ڪيتو لوڙڻو پوندو.
(پورو ٿيو)