ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ريگل چوڪ III

Editorial-Article-Mubark Lashari

ايئن ناول ۾ مک پلاٽ کانسواءِ موضوعاتي طرح ٻين ننڍين پلاٽن ۽ ڪهاڻين ۾ گهڻي ورائٽي آهي، جيڪي جديد ادب جي موضوعن کي ڇهن ٿا. انهن ٻين ڪهاڻين ۾ گهڻ موضوعاتي وسعتن وارين ڪهاڻين مان باب “سکي ۽ ريگل چوڪ جو آچر”، “ڪڏهن نه بدلجندڙ دنيا”، “نون خوابن جي شروعات” ۽ “خواب: مها ڌماڪو” آهن، جن تي تفصيلي ڳالهائي ۽ سوچي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ انهن ڪهاڻين جي اڻت ڄڻ ته اڻپوري يا تڪڙي ٿيل محسوس ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته سنڌي ادب ۾ اهڙين ڪهاڻين وارن پلاٽن تي ڪم نه ٿيل آهي ۽ اهڙا ڊسڪورس نه هجڻ برابر آهن جنهن جي ڪري ٿي سگهي ٿو ته ناول نگار کلي طرح انهن ڪهاڻين کي گهڻ رخي پلاٽ ۾ نه سموئي سگهيو هجي. فني طور تي انهن سپورٽنگ ڪهاڻين يا پلاٽن تي اختلاف رکي سگهجن ٿا پر انهن جي موضوعاتي گهرائي تي داد ڏيڻ ضروري آهي. باب “سکي ۽ ريگل چوڪ جو آچر” ۾ نئريٽر سکي آهي جيڪا پنهنجي ماسات نائون مل کي ياد ڪري ٿي. اها ڪهاڻي سنڌ ۾ مذهبي متڀيد واري ڪهاڻي آهي، جنهن سموري باب ۾ خوف، ڏهڪاءُ، ٽارچر، اذيت ۽ بربريت آهي. هن باب ۾ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. نائون مل جنهن ڇوڪري سان مڱيل هو ان جو نالو ساشي آهي ساشيءَ جو پيءَ روپ چند جيڪب آباد ۾ چانورن جو واپاري هوندو آهي. جيڪب آباد ۾ هڪڙو مذهبي جنوني پير خانڻ شاهه هندوئن کي تنگ ڪندو آهي، پنهنجي مريدن ۽ ڇاڙتن ذريعي هندن جون ڇوڪريون کڻي جسم فروشيءَ لاءِ وڪرو ڪندا آهن. روپ چند انهي ظلم خلاف تحريڪ هلائڻ جو سوچيندو آهي ۽ اها خبر خانڻ شاهه کي پوندي آهي ته هو مذهبي جنونيت کي هوا ڏيندو آهي ۽ مريدن ۽ پاٿاريدارن کي سڏائي ڀاشن ڏيندو آهي “هن حرام ڄاون هندوئن کي سُک ڪونهي، هنن حرامين وري اسان جي مذهب خلاف توهين ڪئي آهي. اسان هنن ناپاڪ هندوئن خلاف جهاد جو اعلان ڪيو آهي، اسان کي هن ڌرتيءَ کي پاڪ ڪرڻ جي بشارت ملي آهي.”

ايئن تيار ڪيل غنڊن ذريعي هندن جي مندر تي حملو ڪرائيندو آهي ۽ روپ چند جي ڌيءَ ساشيءَ کي کڻي ويندا آهن ۽ سمورن گهر ڀاتين تي انتها درجي جي تشدد ڪندا آهي ۽ پورو باب پڙهندي خوف واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي ۽ اتي ناول نگار آسي زميني جو سٽون

“اي خدا! آءُ گهڙي کن هيٺ لهي آ،

پنهنجو جوڙيل ڏيهه ڏسي وڃ”

ڏيندو آهي جتي ساشيءَ هڪ هيسيل هرڻي وانگر قيد ۾ تڙڦي رهي آهي. اتي نائون مل جيڪو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو آهي ان کي پيءُ ڪال ڪري سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿو ته سندن حواس خطا ٿي ويندا آهن ۽ هو پريس ڪانفرنس ڪري ٻڌائي ٿو ته اسين هن ڌرتيءَ جا پرامن رهواسي آهيون، تنهن جي نتيجي ۾ وري ڳجهن هٿن هٿان کنڀجي وڃي ٿو ۽ تمام گهڻي تشدد جو نشانو ٿئي ٿو. جڏهن ته ساشي ان وحشي انسان کي ڌڪ هڻي ڀڄي وڃي ٿي ۽ وڃي کوهه ۾ ٽپو ڏئي ٿي. اهو سمورو باب خوف ۽ تشدد سان ڀريل آهي.

ان ڏس ۾ ٻيو اهم باب “ڪڏهن نه بلجندڙ دنيا” آهي جنهن جو نئريٽر ناظم صاحب آهي جنهن کي ساجن گوگول جو ترجمو ٿيل ڪتاب ڏئي ٿو ۽ ڪيس جي تياريءَ ۾ مدد گهري ٿو. اهو ناظم صاحب جيڪو ادبي دنيا جي تعصب يا هڪ هٽيءَ جو شڪار ليکڪ آهي جنهن کي ڪڏهن به ايوارڊ نه مليو. هتي هو ادبي دنيا جي ايوارڊن واري چڪرن کي وائکو ڪري ٿو ته ايوارڊ ڪنهن کي ۽ ڪيئن ملن ٿا؟ جيڪو بلڪل سنڌ جي ادبي دنيا جو منظر نامو آهي. ادبي دنيا جي ڪارگذارين کان هٽي هن ناول ۾ نفسياتي مسئلا گهڻا بيان ڪيا ويا آهن. ان سان گڏوگڏ ڪجهه ڳجهارتون به ڏنل آهن جهڙوڪ گوٿم شهر، ج س نقاد، ڊي سي ڪامڪس بوڪ، رڊلر، جم گورڊن وغيره اچي ٿا وڃن، جيڪو هڪڙي حوالي سان انٽرٽيڪسچوئل يعني بين المتني ٿيوريءَ جي حوالي سان سٺو مواد آهي. هن باب سان گڏ ساشي ۽ نائون مل وارو باب به بين المتني ۽ نئين تاريخيت جي حساب سان ڳڻي سگهجن ٿا. يعني تاريخي طور جيڪب آباد يا سموري سنڌ ۾ هندو مسلم مسئلا ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيا هئا ۽ انهن ڳالهين جو تذڪرو تاريخ ۾ ڪيئن موجود آهي؟ تاريخيت تنقيدي لاڙو ۽ نئين تاريخيت ان حوالي سان پيرالل تجزيو ڪن ٿا. نئين تاريخيت جو تمام گهڻو ڪم شيڪسپيئر جي ڊرامن تي ٿيل آهي. جهڙوڪ A New Historicism Study of Shakespeare’s Historical Plays Authors Jia Gao ۽ اسٽيفن گرين بلاٽ جي ڪم جو جائزو هن پيپر ۾ The New Historicism of Stephen Greenblatt: On Poetics of Culture and the Interpretation of Shakespeare Author(s): Jan R. Veenstra ڏنل آهي. هن قسم جو ڪم اسان شاهه لطيف تي بهتر نموني ڪري سگهون ٿا. اهو ئي لاڙو هن ناول تي به اطلاقي طرح لاڳو ڪري سگهجي ٿو. هن ناول ۾ ان طرح سان ڪافي ڳالهيون آهن.
انهن ڳالهين پڄاڻان ناظم صاحب واري باب ۾ تمام گهڻا نفسياتي مونجهارا آهن. جهڙوڪ ڪراس ڊريسر، نفسياتي طرح دٻيل، هاليوسينيشن جو شڪار، پيرانويا paranoia جو شڪار جهڙا مسئلا ۽ مونجهارا آهن، جيڪي هن باب کي منجهيل به بڻائن ٿا ته نفسياتي به. پيرانويا پاڻ هڪ جديديت پڄاڻان مواد آهي. انهن ۾ هڪڙي تصور ۾ کيس سگمنڊ فرائيڊ ايندو آهي جيڪو کيس خواب جي باري ۾ ٻڌائيندو آهي. جنهن ۾ هڪڙي ڪنفيوزن آهي ته ڪردار جڏهن ننڍي هوندي ڀيڻ جا ڪپڙا پائيندو هو ته اهو مسئلو خواهشن جي دٻيل هجڻ بدران ڪئير ٿيوري جو مسئلو آهي جنهن کي Transvetism يا Crossdressing چئبو آهي. اهو تقريبن فرائيڊ جي ٿيوريءَ ۾ نٿو اچي پر جيڪڏهن Oedipus Complex يا Electra Complex جو مسئلو آهي ته ان کي فرائيڊين نقطه نظر سان ڏسي سگهجي ٿو. هن مسئلي کي LGBT or QUEER لاڙي طور ڏسي سگهجي ٿو، هتي ليکڪ ٿي سگهي ٿو مونجهارن ۽ مغالطن ۾ هليو ويو هجي. ها جنسي ڇڪ واري خواهش پوري ٿيڻ وري الڳ ڳالهه آهي جنهن تحت Nancy Friday جا ڪتاب مددگار ٿي سگهن ٿا. ايئن هڪڙي ناول The Danish Girl تي خوبصورت فلم به ٺهيل آهي. ڪئير ٿيوري جو لاڙو يا ٿيوري ان ڪري اهم آهي جو جوڊٿ بٽلر Judith Butler چواڻي؛ Masculine and feminine roles are not biologically fixed but socially constructed.” مطلب ته جنسي سڃاڻپ يا ڪردار حياتياتي طرح نه پر سماجي عملي اظهار ذريعي پيدا ٿئي ٿي. ٻي هنڌ چوي ٿي؛ “A man who reads effeminate may well be consistently heterosexual, and another one might be gay. We can’t read sexuality off of gender..” ڪو مرد جيڪو عورتن جي خوبين ڏانهن مائل هجي اهو گهڻ جنسي هوندو آهي ۽ ڪو ٻيو (جيڪڏهن ايئن نه هجي ته) اهو گي ٿي سگهي ٿو. اسين جنسي خواهشن کي جنسي (حياتياتي طرح) سڃاڻپ ۾ قيد نٿا ڪري سگهون. ان جو ننڍي کنڊ ۾ وڏو مثال ميرا جي ۽ ان جي شاعري آهي جنهن تي هندستان ۾ ڪئير ۽ ايل جي بي ٽي تحت سٺا تبصرا ۽ تجزيا موجود آهن. ميرا جي پنهنجي شخصيت ۽ شاعريءَ ۾ جنسي سڃاڻپ کي ترڪ ڪري پنهنجي نئين دنيا ٺاهيندڙ هڪ انوکو ڪردار آهي جنهن جي شاعري ۾

ساري رند اوباش جهان ڪي

تجهه سي سجود ۾ رهتي هين،

بانڪي، ٽيڙهي، ترڇي، تيکي،

سب کا تجهي امام ڪيا

جي لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو جنسي ادائيگي جا مثال آهن، هتي هو عورت جي جنسي ادائيگي کي عورت تائين محدود نٿو ڪري پر هر سڃاڻپ لاءِ کولي ٿو ڇڏي. ان ڪري ناظم جو ڪردار به ان ڪئير ٿيوري جي دائري ۾ اچي ٿو. اهو نفسياتي طرح يا سماجي سڃاڻپ جي حوالي سان اهم آهي. جيئن ڊينش گرل ۾ ائير ويگنر مرد هوندو آهي پر هڪ عورت جي تصوير يا پينٽنگ لاءِ عورتاڻا ڪپڙا پائڻا پائيندو آهي ته پوءِ انهن ڪپڙن جو هو گرويده ٿي ويندو آهي ۽ نيٺ سرجري ڪري مرد جي سڃاڻپ تان هٿ کڻي ويندو آهي.

ايئن “نون خوابن جي شروعات” واري باب ۾ به نفسياتي يا ڪئير تجربا آهن جنهن ۾ ساجن کي ڪافي شيون ابتيون نظر اينديون آهن ابتڙن جو اهڙو ميلاپ بنهه انوکو آهي جنهن ۾ جاڙن ٻارن جي جنم سان هڪجهڙائي يا اُبتائي جو تصور ۽ تجزيو سائنسي، نفسياتي يا جينياتي تبديلي ذريعي ڪري سگهجي ٿو. ناول جو آخري باب “خواب: مها ڌماڪو” ۾ ڪافي جادوئي حقيقت نگاريءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. هن باب ۾ وقت ابتو سفر ڪري ٿو ۽ ساجن پنهنجي ميت کي گهر جي آڳر تي ڏسي ٿو ۽ پٺيان مائٽن پاران جيڪا ڪارگذاري ٿئي ٿي هو اهو سڀ ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو، ايئن ڪورونا وائرس، ٻيون بيماريون، عالمي جنگيون، هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽم بم ڪيرائڻ، انساني ارتقا ۾ وهم وسوسا، ويندي حيوان مان انسان ٿيڻ واري عمل کي به ڪنهن حد تائين ڏيکاري ٿو. ايئن ساجن آخر اچي سکي وٽ پهچي ٿو. اهو سمورو خواب جو ڪمال هوندو آهي. ايئن هي ناول پاڻ ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سموئي ختم ٿئي ٿو. ناول جي دنيا ۾ رڳو ڪهاڻين، ڊسڪورس يا پلاٽ جا نوان تجربا نه آهن پر انهن سان گڏ موضوع، نفسياتي، سماجي ۽ ارتقائي نوان خيال به آهن. جيتوڻيڪ هن ناول تي اڃا ڪجهه ڪم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي پئي جهڙوڪ ريگل چوڪ سان گڏ ڪراچيءَ جي جاگرافي، حالتون، ٻيون برائيون، جنگيون، جهيڙا، فساد، ڪراچي جي ڊيموگرافي ۽ نارمل ڪهاڻين جو وجود به ضروري هو ته جيئن ناول جي ڪردارن کي سمجهڻ سان گڏ ٻيون به لاڳاپيل شيون سمجهڻ ۾ مدد ٿئي ها. جهڙوڪ ناول جي سيٽنگ تي اهو ڪم نه ٿيو آهي جيڪو ٿيڻ گهرجي ها.تنهن جي باوجود به سنڌي ادب ۾ ناول جهڙي صنف ۾ هي انوکو تجربو ضرور آهي.

(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button