ملڪ کي ٺهي هاڻ وڃي 75 سال ٿيا آهن، پر اڃا تائين ان ڳالهه تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي ته هن ملڪ کي ڪهڙي نظام تحت هلايو ويندو. جڏهن ته هي ملڪ سدائين آمريتن کي ڀوڳيندو رهيو آهي. پهرين ڏينهن کان وٺي جنرل ايوب جهڙن کي ملڪ ۾ جمهوريت ڀانئين ڪونه پئي، ان ڪري هو فاطمه جناح جي ڪردار ڪشي ڪرڻ کان پوءِ پاڻ کي ملڪ جو صدر قرار ڏئي ويٺو ۽ هڪ آمر جي حيثيت ۾ 1935 واري انڊين ايڪٽ آڌار حڪومتي معاملا هلائيندو رهيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت تائين ملڪ جو ڪوبه آئين ڪونه هو. جڏهن گڏيل هندستان ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ٻئي ان ايڪٽ کي بدترين ايڪٽ قرار ڏينديون هيون.
هڪ ڀيرو وري لٺاڙيا صحافي ۽ آمريت نواز ماڻهو ملڪ ۾ صدارتي نظام آڻڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اها مهم سوشل ميڊيا تي ته بنهه گهڻي تيز ٿي وئي آهي. جتي ائين ٿو لڳي ته ملڪ ۾ صدارتي نظام اچي ويو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ صدارتي نظام رائج آهي ۽ اهي ملڪ بهتر نموني ان نظام وسيلي ملڪن کي هلائي پڻ رهيا آهن پر ائين ناهي ته اتان جا صدر ايترا آزاد آهن جو هڪ آمر طور اهي ڪم ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪو به حڪم ڪرڻ چاهين ان کي قبول ڪرڻ ادارن جو فرض آهي. پر اهي به پنهنجن ادارن ۽ عوام آڏو جوابده آهن.
صدارتي نظام ۾ عوام سڌي ريت ووٽن وسيلي صدر جي چونڊ ڪندو آهي ۽ پوءِ وري صدر پاڻ وفاقي وزيرن جي ٽيم جوڙيندو آهي. اها سندس مرضي آهي ته جنهن کي به پنهنجو وزير بڻائي. پر پارلياماني نظام ۾ ماڻهو پنهنجن تڪن مان نمائندن يعني ايم اين اي کي ووٽ ڏئي پارليامينٽ ۾ موڪليندا آهن ۽ پوءِ چونڊيل نمائندا ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي چونڊي سربراهه ٺاهيندا آهن. صدارتي نظام ۾ به صدر لاءِ هڪ مدو مقرر ڪيو ويندو آهي، پر پارليامينٽ وزيراعظم کي ووٽ عدم اعتماد جي رٿ وسيلي گهر موڪلي سگهي ٿي. صدارتي نظام ۾ گهڻا اختيار صدر وٽ هوندا آهن، جڏهن ته پارلياماني نظام ٽن ادارن تي ٻڌل هوندو آهي، جن ۾ عدليه، قانون سازي ۽ ايگزيڪٽو شامل آهن.
پر هن وقت ملڪ ۾ ان بحث کي ڇيڙڻ جي ڪهڙي ضرورت پيش آئي آهي، جو اها گهر ڪئي پئي وڃي ته ملڪ ۾ جيڪڏهن صدارتي نظام هوندو ته اسين وڌيڪ خوشحال ٿينداسين ۽ ملڪ وڌيڪ تيزيءَ سان ترقي ڪندو، جڏهن ته ملڪ ۾ صدارتي نظام هڪ ڀيرو نه پر چار ڀيرا آزمايو ويو آهي. آمر ايوب، آمر يحيٰ، آمر ضيا ۽ آمر پرويز مشرف پاڻ کي صدر ئي چورايو هو. جيڪڏهن رڳو انهن سمورن غير جمهوري صدرن جي دورن جو جائزو وٺجي ته خبر پئجي ويندي ته اسان ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو آهي. دنيا ۾ گهڻي کان گهڻا ملڪ اهڙا آهن، جتي پارلياماني نظام آهي، اتي معاملا جمهوري حوالي سان بهتر هلي رهيا آهن پر پاڪستان ۾ اهڙو ڇا آهي جو هتي معاملا نه صدارتي نظام وسيلي بهتر هلي سگهيا آهن ۽ نه ئي پارلياماني نظام وسيلي اهي سنوت ۾ اچي رهيا آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ ان حُوالي سان مسلم ليگ اڳواڻ احسن اقبال بهتر نموني ڳالهايو آهي. سندس چوڻ هو ته اسين آئين، وفاقي پارلياماني نظام ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت يا ڦير گهير کي قبول نه ڪنداسين، عوام پنهنجي ان آئيني ۽ وفاقي پارلياماني نظام جو دفاع لاءِ شيهي ديوار بڻجي ويندو. قومي اسيمبليءَ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ خطاب ڪندي هن چيو ته هي پاڪستان اڀياس جو ليڪچر ڪونهي بلڪه اسان پاڪستان جي روح جي باري ۾ ڳالهائي رهيا آهيون ته پاڪستان جي وفاق جي باري ۾ ڪهڙا ماڻهو ان قسم جون خبرون پکيڙي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو جي حڪومتي دورن جو جواب ڏيڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۽ نواز جي دورن جي حڪومت جو جواب ڏيڻ لاءِ اسين سڀ موجود آهيون پر قوم فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان جي سالن جو حساب ڪنهن کان گهري.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ننڍن صوبن جي احساس محرومي کي ڏسندي عوام ۾ آئين جي حوالي سان شڪ پيدا ڪرڻ ملڪ جي مفاد خلاف آهي، ان ڪري ان مسئلي تي بحث ڪرايو ان معاملي کي هڪ پاسي ڪيو وڃي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان کي تجربي گاهه نٿو بڻائي سگهجي، جڏهن به ڪنهن جي دل چوي هڪ نئين نظام جو فارمو پيش ڪريو ۽ ٻين قومن جي سياسي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل سان ترقي ڪئي ۽ اسين انهن تجربن جي ڪري پاڪستان جي صلاحيت کي وڃائي رهيا آهيون.
هن وقت ملڪ ۾ صدارتي ماحول جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ان ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته عمران خان نيازي ملڪ جو صدر ٿيندو. فرض ڪجي عمران خان نيازي ملڪ جو صدر ٿي ويو ته هن وٽ لڳ ڀڳ ٽيم اها ئي هوندي، جيڪا هن وقت آهي، جيڪا ٽيم پارلياماني نظام وسيلي عوام جو ڪو ڀلو نه ڪري سگهي ۽ ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي، سا صدارتي نظام ۾ عوام لاءِ ڪهڙيون کير جون نديون وهائيندي. پر ان ڳالهه تي زور ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ته عمران خان نيازي هاڻ ملڪ کي صدارتي نظام وسيلي بچائي سگهي ٿو. ڇا هو سمجهي ٿو ته ان نظام وسيلي هو ڪنهن هٿان بليڪ ميل نه ٿيندو؟ يا کيس اهو اندازو آهي ته ان سان هو ايترو ته آزاد ٿي ويندو جو هر فيصلو ڪرڻ وقت ڪا مجبوري نه هوندي. پر ڇا اهو طئي آهي ته عمران خان نيازيءَ جي صدر ٿيڻ سان ملڪ جا اهي سڀ مسئلا حل ٿي ويندا آهن، جن مان ملڪ هن وقت گذري رهيو آهي.
ملڪ ۾ صدارتي نظام قائم ڪرڻ جي خواهش انهن ماڻهن جي آهي، جن کي آمريت وارو نظام وڌيڪ وڻي ٿو، جن کي ارڙهين ترميم تي اعتراض آهن ۽ جن کي جمهوري انداز ۾ اختيارن جي هيٺئين سطح تي منتقلي کان ڊپ ٿئي ٿو، تنهنڪري اهي سمجهن ٿا ته ملڪ ۾ جيڪڏهن صدارتي نظام رائج هجي ته پوءِ سڀ مسئلا حل ٿي سگهن ٿا ۽ چونڊيل نمائندن مان جان ڇٽي ويندي، جيڪي پنهنجي تڪ جا ووٽ ان ڪري کٽي ويندا آهن جو انهن جو پنهنجن تڪن ۾ اثر هوندو آهي. جڏهن ته صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ آئين ۾ به ترميم ڪرڻي پوندي.
ملڪ کي ڪهڙي نظام تحت هلائڻو آهي، ان کان به اهم ترين مسئلو اهو آهي ملڪ کي ڪيئن هلائڻو آهي. صدارتي نظام وسيلي هلائي عوام کي بک مراڻو آهي يا پارلياماني نظام وسيلي عوام کي تباهه ڪرڻو آهي. جڏهن ملڪ ۾ هر نظام جڳاڙ تي هلايو ويندو ۽ هر شعبي ۾ انهن قوتن جي مداخلت هوندي، جنهن جو سياست ۾ ڪجهه به ڏيڻ وٺڻ ڪونهي ته پوءِ جيڪو به نظام رائج هجي ان سان ملڪ نه هلي سگهندو. تنهنڪري صدارتي نظام رائج ڪرڻ بدران پارلياماني نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. پي ٽي آءِ جهڙيون پارٽيون ٺاهڻ جي فيڪٽري بند ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ سنئين دڳ سان لڳي سگهي ۽ عوام جو ڀلو به ٿئي.