ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري ڪورونا جي لهر تيزيءَ سان پکڙي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيا آهن پر ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو پڻ وڌي ويو آهي، ان صورتحال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪورونا جهڙُو مرض اڃا به ملڪ ۾ موجود آهي ۽ هاڻ ان سان اوميڪرون به شامل ٿي ويو آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو معاملا بگاڙ جو شڪار ٿي رهيا آهن پر ان سان روزمره جي زندگيءَ پڻ سخت متاثر ٿي رهي آهي. ملڪ ۾ اڃا به وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود آهن، جن ويڪسين ڪانه ڪرائي آهي، جنهن جي ڪري انهن کي هيءَ وائرس جلدي پنهنجو شڪار بڻائي رهيو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ ڪورونا جا ڪيس هر ڏينهن وڌي رهيا آهن، انهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. روزاني بنيادن تي جيڪي ڪيس رجسٽر ٿي رهيا آهن، انهن موجب حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ وڌ کان وڌ ڪيس نظر اچي رهيا آهن.
ڪالهه جيڪي انگ اکر آيا آهن انهن موجب عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 20 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 7586 نوان مريض به سامهون آيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جون 58334 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 7586 ڄڻن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي. سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 13 سيڪڙو رهي. اين سي او سي جي انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 29097 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته متاثرن جو انگ 13 لک 67 هزار 605 تائين پهچي چڪو آهي. ان کانسواءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 647 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب به ٿيا، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ وبا سبب صحتياب ٿيلن جو انگ 12 لک 68 هزار 245 ٿي ويو آهي. هن صورتحال تي جيڪڏهن غور ڪجي ته خبر پوندي ته ڪهڙي ريت ڪورونا هاڻ هڪ ڀيرو وري تيزيءَ سان عوام کي پنهنجو شڪار ڪري رهيو آهي. تنهنڪري هڪ پاسي ته ان کان بچاءُ جون تدبيرون ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ٻئي پاسي ويڪسين ڪرائڻ جي ضرورت آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ڪورونا جو ايتري تيزيءَ سان پکڙجڻ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ مصيبتن کي جنم ڏئي سگهي ٿو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڌ کان وڌ احتياط ڪيو وڃي ۽ ان کانسواءِ ويڪسين لڳائڻ تي پڻ زور ڏنو وڃي ته جيئن وبا کي پکڙجڻ کان بچائي سگهجي. ٻي صورت ۾ اهي انگ ڏينهون ڏينهن وڌندا رهندا ۽ وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو.
عمرڪوٽ جو لاوارث لائيو اسٽاڪ کاتو
سنڌ ۾ لائيو اسٽاڪ کاتو هڪ اهم ترين کاتو آهي پر ان کاتي ڏانهن ڌيان گهٽ ڏنو وڃي ٿو. جيئن انسانن کي بيمارين وقت علاج جي ضرورت هوندي آهي، تيئن جانورن کي به علاج جي ضرورت آهي ته جيئن اهي بهتر ٿي سگهن ۽ بهتر حالتن ۾ رهي سگهن. پر سنڌ ۾ جانورن جون اسپتالون بنهه خراب حالتن ۾ آهن، جتي نه انهن جانورن جو بهتر علاج ٿئي ٿو ۽ نه ئي انهن جي ڪا سار لڌي وڃي ٿي. عمرڪوٽ به سنڌ جو هڪ اهم ترين شهر آهي. جنهن ۾ لائيو اسٽاڪ کاتو بهتر نموني ڪم ڪونه ڪري رهيو آهي.
عمرڪوٽ ضلعي لائيو اسٽاڪ کاتو آفيس کان محروم ھجڻ ڪري آفيس ڪيٽل ڪالوني ۾ قائم ڪري عملدار ڪاروهنوار هلائي رهيا آهن. ذريعن کان معلوم ٿيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي سنڌ کان ضلعي جي رڳو 30 سيڪڙو جانورن کي ويڪسين ڪرڻ جي بجيٽ ملندي آهي. ضلعي عمرڪوٽ ۾ 2006ع ۾ ٿيل جانورن جي ڳڻپ موجب 15 لک جانور موجود آهن، پر 2016ع ۾ جانورن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرڻي هئي جيڪا ناهي ٿي. ضلعي ۾ مختلف نسلن جا جانور پاليا ويندا آهن. ٻڪري ٿري، ٽاپري، لاکاٽ، ڪاموري، چاولي، نسل جون پاليون وينديو آهن مينهن ڪنڊي نسل جي پالي ويندي آهي، جڏهن ته ڍڳي ضلعي عمرڪوٽ ۾ 90 سيڪڙو ٿري نسل جي پالي ويندي آهي. ان کانسواءِ ڍڳي جا ساهيوال، آسٽريلين ۽ ٻيا نسل به پاليا ويندا آهن. هوڏانهن عمرڪوٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر گڻيش کتري “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽرن ۽ اسٽاڪ اسسٽنٽ جي کوٽ آهي، انهي ڪري سينٽر ۽ اسپتالون بند آھن، سياسي ماڻهن وٽرنري سينٽر ڳوٺن ۾ تعمير ڪرائي ڇڏيا آھن، جيڪي اسان کي اڃا نه مليا آھن. معلوم ٿيو آهي ته ضلعي ۾ 25 ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي. جڏهن ته اسٽاڪ اسسٽنٽ جون 15 جايون خالي آهن، عملدارن کي رڳو 3 گاڏيون مليل آهن، ڊرائيور هڪ به ناهي رکيو ويو. مالوند ماڻهن “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو گذر سفر چوپائي مال تي آهي. جانورن ۾ مختلف بيماريون ٿين ٿيون، جنهن ڪري مال کي اڳواٽ ويڪسين ڪرڻ گهرجي، پر لائيو اسٽاڪ کاتي عمرڪوٽ جي لاپرواهي سبب وئڪسين نٿي ٿئي، جنهن ڪري چوپايو مال مري وڃي ٿو.
هن صورتحال کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته عمرڪوٽ ۾ جانورن جي اسپتالن لاءِ سهولتون بهتر نه آهن. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيترن سالن کان اتي عملو ئي پورو ڪونهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نه رڳو اسپتالن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن پر جتي جتي به وٽرنري اسٽاف جي ضرورت آهي، اهي جايون تڪڙيون ڀريون وڃن.