ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي، عوام ۽ حڪومت

Editorial

پي ٽي آءِ سرڪار کان عوام جڏهن اها شڪايت ڪندو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وڃڻ ڪري ان جو گذر سفر بنهه ڏکيو ٿي ويو آهي ۽ اڳ جي ڀيٽ ۾ استعمال جون شيون بنهه گهڻيون مهانگيون ٿي ويون آهن ته جواب اهو ڏنو ويندو آهي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي وڌئي وئي آهي، ان ڪري پاڪستان ۾ به مهانگائي وڌي آهي پر ٻئي پاسي اهو به ٻڌايو ٿو وڃي ته پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي. هتي پيٽرول به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سستو آهي. جيڪڏهن پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي ۽ ملڪ ۾ مهانگائي ڪانهي ته پوءِ وزير اعظم عمران خان اهو ڇو چئي رهيو آهي ته کيس مهانگائي وڌڻ جي ڪري رات جو ننڊ ناهي ايندي. پهرين ڏينهن کان وٺي هاڻوڪي حڪومت ڪوڙا ۽ غلط انگ اکر پيش ڪندي پئي اچي. عمران خان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ غربت گهٽجي وئي آهي. پر جڏهن عالمي ادارا پاڪستان جي معاشي صورتحال بيان ڪن ٿا ۽ عام ماڻهو جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو، ان مان خبر پوي ٿي ته ملڪ ۾مهانگائي ۽ غربت بنهه گهڻي وڌي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن حڪومت اها دعويٰ به ڪري ٿي ته ان جي حڪومت ۾ غربت گهٽجي وئي آهي ته ان کان وڏي غلط بياني ڪا ٻي ٿي نٿي سگهي. ٻه ڏينهن اڳ وزير اعظم عمران خان جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن کي پڙهي اندازو ٿئي ٿو ته کيس سندس ٽيم گمراهه ڪري رهي آهي.
لائيو ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جڏهن رپئي تي بار پوي ٿو ته اسان جيڪا درآمد ڪريون ٿا اها مهانگي ٿي وڃي ٿي. اسان جي دور ۾ ته غربت ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته ڪورونا جي سبب سڄي دنيا سپلاءِ بحران کي منهن ڏئي رهي آهي. برطانيا جي سالياني آمدني پاڪستان جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو وڌيڪ آهي پر اتي به خوراڪ جو بحران آهي. وزيراعظم چيو آهي ته جاپان ۾ مهانگائيءَ جو 20 سالن جو رڪارڊ ٽٽو آهي. فرانس 13 سالن کان پوءِ تمام وڏي شرح آهي. جرمنيءَ ۾ مهانگائي جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽثي ويو آهي. يورپ ۾ به 30 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي وڌي وئي. وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پگهاردار طبقي کي متاثر ڪيو آهي. پگهاردار طبقي جي مدد لاءِ راشن پروگرام کي وڌائينداسين، هاڻي ٽيڪس وصولي وڌي رهي آهي عوام جي مدد ڪنداسين. عمران خان چيو ته ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ 980 ارب رپين جو منافعو ٿيو آهي. ملڪ جي وڏن واپارين سان ملاقات ڪري کين ملازمن جون پگهارون وڌائڻ لاءِ چوندس. ڪارپوريٽ سيڪٽر کي گهرجي ته پنهنجي ملازمن جون پگهارون وڌائي، توهان هر وقت ڪنهن کي چريو نٿا بڻائي سگهو. وزيراعظم اپوزيشن کي به خبردار ڪيو آهي ته حڪومت مان نڪري ويس ته اڃا وڌيڪ خطرناڪ هوندس ۽ اپوزيشن کي لِڪڻ جي جاءِ نه ملندي. اها عجيب ڳالهه آهي ته پي ٽي آءِ جو هر وزير مشير ساڳي ڳالهه ڪري ٿو ته هاڻوڪي حڪومت ۾ غربت گهٽ ٿي آهي. جڏهن ته ملڪي تاريخ ۾ غربت انتها درجي تي وڃي پهتي آهي. ان کانسواءِ هي حڪومت معاشي طور اهي هدف به ڪونه ماڻي سگهي آهي، جيڪي کيس حاصل ڪرڻا هئا. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن حڪومت نڪ جي پڪائيءَ سان اها دعويٰ ڪري ٿي ته ان ملڪي معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏي آهي ته پوءِ عمران خان ۽ سندس ٽيم کي هڪ عام ماڻهوءَ جي حالت ضرور ڏسڻ گهرجي، جيڪو روزمره جي استعمال جو سامان خريد ڪرڻ وقت پريشان ٿيندو رهي ٿو. تنهنڪري اهو چوڻ ته مهانگائيءَ جي ڪري عمران خان کي ننڊ نٿي اچي، ان سان مهانگائي گهٽجي ڪانه ويندي ۽ نه ئي عام ماڻهوءَ جي حالت بهتر ٿي ويندي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب عوام لاءِ پريشانيون به وڌي رهيون آهن ۽ انهن پريشانين جي حل لاءِ حڪومت ڪي به اپاءَ ڪانه پئي وٺي، بلڪه پي ٽي آءِ جا وزير مشير ڪڏهن عوام کي ماني گهٽ کائڻ جا مشورا ڏيندا آهن ته ڪڏهن وري کنڊ استعمال نه ڪرڻ جي صلاح ڪندا آهن. سو وزيراعظم پنهنجي ننڊ پوري ڪري يا نه ڪري پر گهٽ ۾ گهٽ عوام جي مسئلن کي حل ڪري ۽ خاص طور تي مهانگائيءَ کي گهٽائڻ لاءِ ڪجهه ڪري ڇاڪاڻ ته هن وقت حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي. تنهنڪري ان کي حل ڪرڻ کانسواءِ عوام جي مالي حالت بهتر نه ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button