هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي يوريا ڀاڻ کي بهانو بڻائي هاري مارچ جي شروعات ڪئي آهي. جنهن ۾ پ پ جا اڳواڻ زميندار پنهنجن هارين، ڪارڪنن سميت هزارين جي انگ ۾ هاري مارچ ۾ شامل ٿي رهيا آهن. جيتوڻيڪ حيدرآباد ۾ اهو مارچ 24 جنوريءَ تي ٿي گذريو آهي. جنهن ۾ پ پ ڪنهن حد تائين انڊيا اندر هارين جي تحريڪ مان سکندي ٽريڪٽر ٽراليءَ کي خوب استعمال ڪيو آهي. ماضي ۾ کڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو طرفان پ پ جو منشور لکڻ وقت هارين کي زمين ۽ حق ڏيڻ جو پروگرام ڏنو هو پر هن وقت هارين جي زندگي ۽ پ پ جي سموري دور حڪومت ۾ تضاد رهيو آهي. هن ملڪ ۾ هارين جي جدوجهد جي شاندار تاريخ رهي آهي. جنهن تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي.
حيدرآباد ۾ جنهن فتح چوڪ تي وڏو هاري مارچ ڪيو ويو آهي، ان علائقي ۾ ئي ماضي جو هاري تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ محمد رمضان خاصخيلي تازو ئي وڇڙي ويو آهي. اهو هاري اڳواڻ حيات هجي ها ته پ پ جي هارين واري مارچ تي ضرور خار کائي ها، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار هاري تحريڪ کي ارپي اصولن تي زندگي گذاري. مرحوم هاري اڳواڻ محمد رمضان جو تڏو به فتح چوڪ ڀرسان سندس رهائشگاهه تي وڇايو ويو آهي. جتي سندس پٽن ۽ اسان جي صحافي دوست ڀائرن غلام حسين خاصخيلي ۽ جاني خاصخيلي سان تعزيت جو سلسلو هلندڙ آهي. هاري مارچ واري سڏ پنڌ تان مرحوم هاري جي رهائش باوجود پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻِيا اڳواڻ مرحوم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا پونئيرن وٽ لڙي نه ويا. رڳو عمران خان حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪري هارين جي واکاڻ ڪري مارچ پڄاڻيءَ تي پهچايو.
جيتوڻيڪ پاڪستان پيپلز پارٽي هارين جي حقن واري ٽيننسي ايڪٽ 1950ع اڳيان رڪاوٽ بڻيل آهي. جنهن ٽيننسي ايڪٽ تي ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان اقبال چوڌري 2019ع ۾ تاريخي فيصلو جاري ڪيو هو. ٽيننسي ايڪٽ بابت ڏنل فيصلو 65 صحفن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هارين جي حقن، سندن معاشي زندگي، هارين جي حقن لا گڏيل قومن جي مختلف شقن، پاڪستان جي آئين، محمد علي جناح جو خطبو، علامه اقبال جي شعرن، حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد، مائي جندو ڪيس، منو ڀيل ڪيس جو فيصلو شامل آهي. فيصلي ۾ لکيل آهي ته ٽيننسي ايڪٽ جي آرٽيڪل 175 تحت شق نمبر 27، 29 ۽ 30 مطابق هارين جا ٽربيونل هلائڻ ۽ زميندارن کي سزا ڏيڻ جو اختيار اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪارن وٽ نه رهيو آهي، ان ڪري اهي ٽربيونل نٿا هلائي سگهن. اڳ ۾ ٽيننسي ايڪٽ تحت ٽربيونل هلائڻ لا مڪينزم ٺهيل هو، آفيسر شاهيءَ کان جوڊيشل اختيار کسڻ کانپو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختياڪار ڪئين ٽربيونل هلائي سگهن ٿا؟ فيصلي ۾ اهو به لکيل آهي ته ملڪ ۾ 60 سيڪڙو آبادي هارين تي ٻڌل آهي، هارين جو ڪوبه نمائندو اسيمبليءَ ۾ موجود ناهي، ٻهراڙين ۾ هارين جي حالت خراب ٿي چڪي آهي، کين علاج ۽ صحت جي سهولت به ناهي مليل. آفيسر شاهيءَ کي مئجسٽريٽ جا اختيار نه هجڻ سبب هارين لا ٺاهيل ٽربيونل کين تحفظ فراهم نٿا ڪن. زميندارن جي مرضي آهي ته جنهن وقت چاهين هارين کي بيدخل ڪري ڇڏين. اڄڪلهه مختيارڪار 6 هين فارم تي هارين جو رڪارڊ نٿا رکن، فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مهذب سماج ۾ جاگيرداريءَ کي بهتر نٿو سمجهيو وڃي. ملڪ ۾ آزاديءَ کان اڳ هارين جي خراب حالتن تي جدوجهد ڪئي وئي هئي، غير انساني حالتون ڏسي هاري اڳواڻ حيدر بخش جتوئي عهدي تان اسعتيفى ڏئي هارين کي طاقت بخشي، هڪ ڳنڀير صورتحال ۾ هارين جي اڳواڻي ڪئي، جڏهن ته ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح به هارين جي خراب حالت ڏسي هارين جي ڪميٽيءَ کان تجويزون ورتيون هيون ته هارين جي حالت ڪيئن سڌارجي.
قائد اعظم 11 آگسٽ 1947ع جي خطبي ۾ چيو ته ملڪ کي خوش ۽ آسودو ڏسڻ چاهيون ٿا، سڀ صلاحيتون غريبن جي ڀلائي لا ڪتب آڻجن، جڏهن ته نوابشاهه جي ڪليڪٽر مسعود کدر پوش 1952ع ۾ جاگيرداري نظام تي اختلافي نوٽ هڻندي لکيو هو ته جاگيرداري نظام پيڙهيل طبقي کي ڪوبه تحفظ نٿو ڏئي. اها رپورٽ به هڪ وڏي احتجاج کانپو شايع ڪئي وئي، جنهن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته ملڪ ۾ هاري اڄ به اوائلي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. اهي غلامي واري زندگي گذارين ٿا. هارين کي غلامن وانگر ڊيل ڪري مانيءَ جو سهارو ڏئي زنده رکيو وڃي ٿو، سندن ڪابه سماجي زندگي ناهي، ايتري قدر جو هاري سهڻي زال به نٿو رکي سگهي، جنهن تي زميندار حق جتائي ٿو. هاري جي زال کي زبردستي اغوا ڪري باندي بڻائي رکيو وڃي ٿو. هاري جي گوڙ ڪرڻ تي کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو وڃي ٿو. عدالت جي فيصلي ۾ گڏيل قومن طرفان هارين جي حقن بابت تفصيلي ذڪر ڪندي حڪومت کي حڪم ڏنو ويو آهي ته گڏيل قومن جي قانون مطابق هارين کي حق ڏنا وڃن. ججمنيٽ ۾ لکيو ويو آهي ته 27 شق سان مختيارڪار ۽ اي سيز وٽ مئجسٽريٽ جا اختيار نه رهيا آهن، جيڪو سزا ڪيئن ڏئي سگهي ٿو. ججمينٽ ۾ سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو ويو ته هڪ مهيني جي اندر سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٽيننسي ايڪٽ جي آرٽيڪل 175 مطابق 27 سيڪشن ۾ ترميم ڪئي وڃي. هن سيڪشن مطابق آفيسر شاهي وٽ هاڻ مئجسٽريٽ وارا اختيار نه رهيا آهن، جيڪي ٽربيونل هلائي آئين جي آرٽيڪل 175 جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري قانون کي حڪم ڏنو ته اهي سمورن ضلعن جي ڪمشنر کي هدايت ڪن ته چئن مهينن اندر هارين کي 6هين فارم تي رجسٽرڊ ڪن، جيڪي به ڪيس روينيو عملدارن وٽ موجود آهن يا هلن پيا، اهي سڀ فيصلا معطل ڪري ڪيس ڊسٽرڪٽ ڪورٽن ۽ سول ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪيا وڃن. هارين جي حق جا ڪيس جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ سول ججز حوالي ڪيا وڃن. جيڪي سيڪشن 27-29-30 مطابق هلائين، حڪومت اسيمبلين مان يو اين اي جي ڊڪليئريشن مطابق هارين جي حقن ۾ ترميم ڪري. سول ججز کي هدايت ڪئي ته پٽيشنر غلام علي لغاريءَ جو ڪيس ٽن مهيني ۾ حل ڪيو وڃي. جڏهن ته ججمينٽ ۾ سنڌ اسيمبلي طرفان 2013ع ۾ هارين جي خاندان کان بيگار وٺڻ وارو فيصلو معطل ڪندي حيدر بخش جتوئي جو 1952ع وارو فيصلو بحال رکيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته زميندار هاري جي خاندان کان بيگار نه وٺندو. ڪيس جي شنوائي ٽي ڪلاڪ هلي هئي، 5 کان وڌيڪ وڪيلن جا دليل ٻڌا ويا، ايڊووڪيٽ جهمٽ مل، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ نور الحق قريشي ۽ ايڊووڪيٽ جواد علي ساهڙ معاون وڪيل طور مدد ورتي وئي. جنهن ۾ ايڊووڪيٽ جمهٽ مل سول ججز کي ٽيننسي ايڪٽ تحت ٽربيونل هلائڻ جا اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي. هارين جي حقن واري ججمنينٽ ۾ علام اقبال جو شعر ” جس کيت سي دهقان ڪو ميسر نهين روزي، اس کيت کي گوشه گندم ڪو جلا دو” جو به ذڪر ڪيو ويو.
هن فيصلي کي وري پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو فيصلو اڃا نه آيو آهي. سانگهڙ جي شهر سنجهوري ۾ مرحوم هاري غلام علي لغاري، زميندار ممتاز جوڻيجو ۽ سندس ڀائرن طرفان هارپي جو حق نه ڏيڻ ۽ گهرن کي باهيون ڏيڻ خلاف ٽيننسي ايڪٽ جي ٽربيونل مان انصاف نه ملڻ تي سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن تي عدالت تاريخي فيصلو جاري ڪيو هو. جيتوڻيڪ فيصلو اچڻ کان اڳ ۾ هاري غلام علي لغاري زميندارن سان وڙهندي فوت ٿي ويو. جنهن کانپوءِ وري ڄاڻايل فيصلي واري ڪيس جي پيروي سندس پٽ منظور لغاري ڪئي. جنهن ۾ نامياري وڪيل ايڊووڪيٽ عبدالستار سرڪي مفت ۾ ڪيس ۾ مدد ڪئي. اڳ ۾ علي پلهه به سندن مددگار رهيو. مرحوم هاري غلام علي لغاري زميندارن کان حق وٺڻ لا ٽيننسي ايڪٽ تحت ٽربيونل سنجهوري ۾ 2014ع ۾ اپيل داخل ڪئي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سنجهورو اپيل تي آرڊر جاري ڪيو ته هاري غلام علي جون زميندار ممتاز جوڻيجو ۽ سندس ڀائرن تي 26 لک 17 هزار 8 سئو 71 روپين جون رهتون آهن، جنهن زميندار وٽ 32 سال هارپو ڪيو آهي، جنهن تي پڻ عمل نه ڪيو ويو.
جيتوڻيڪ 30 سال هارپو ڪري وڇڙي ويل هاري غلام علي لغاري به جيئرو هجي ها ته پ پ جي هاري مارچ تي اڳواڻن کي هارين کي حق نه ملڻ ۽ سستي ٿي ويل زندگيءَ جو ضرور پڇاڻو ڪري ها.