ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل يا شريف خاندان جي رپورٽ؟

Editorial-Article-Asif Mehmud

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ به ڏسي ورتي آهي ۽ حڪومتي ترجمانن جي جواب ۾ بيان ڪيل غزل به. هاڻ سمجهه ۾ ڪونه پيو اچي ته پهرين ڪنهن تي روئجي.
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته پاڪستان جيڪو گذريل سال ڪرپشن پرسيپشن ريٽنگ ۾ 124هين نمبر تي هو، هن سال تنزليءَ جا مرحلا طئي ڪري، 140هين نمبر تي اچي ويو آهي ۽ اهل اقتدار جيڪي انگريزيءَ تي به دسترس رکن ٿا، اندر جي خبر ڏئي رهيا آهن ته اها رپورٽ اصل ۾ شريف خاندان جي تيار ڪيل آهي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان مخبريءَ سان گڏ اهو به ارشاد ڪيو پيو وڃي ته رپورٽ ته شريفن جي زماني ۾ ڪرپشن جي آهي ۽ ان رپورٽ ۾ ته شريفن کي ئي وائکو ڪيو ويو آهي. ڄڻ حڪومت جي فاضل ترجمانن موجب اها رپورٽ تيار به شريف خاندان ڪرائي آهي ۽ اها رپورٽ آهي به شريف خاندان جي ڪرپشن جي باري ۾. ڪيڏو عجيب اتفاق آهي ته شريف خاندان، شريف خاندان جي ڪرپشن جي رپورٽ تيار ڪرائي ۽ وضاحتون حڪومتي مشيرن کي ڏيڻيون پيون پون.
مهانگائيءَ جي هن زماني ۾ ڪنهن نوحه گر کي گڏ رکڻ جي قدرت نه ڪانهي پر مرزا غالب وانگر هي شاگرد به ايترو ضرور سوچي رهيو آهي ته پهرين دل سان روئجي پوءِ جگر تي پٽڪو ڪجي. منهنجا مشير صاحبان جي نوازش ٿيندي جيڪڏهن اهي رڳو ايترو ٻڌائي ڇڏين ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي شريف خاندان جي تيار ڪيل رپورٽ سمجهي نظر انداز ڪيو وڃي يا شريف خاندان جي ڪرپشن رپورٽ سمجهيو وڃي.
حڪومتي مشير ته هڪ وهڪري وانگر آهن، جيڪي سدائين ڇوليون هڻندا رهندا آهن نه ته رپورٽ ته ٻڌائي رهي آهي ته جڏهن کان عمران خان اقتدار سنڀاليو آهي، ان سال کان هيستائين ڪرپشن جي حالت اها آهي جو 2018ع ۾ پاڪستان 117هين نمبر تي هو 2019ع ۾ 120هين نمبر تي هليو ويو آهي. 2020ع ۾ اهو 124هين نمبر تي وڃي پهتو آهي، هاڻ 2021ع ۾ ان جو نمبر 140 آهي. يعني جڏهن کان عمران خان جي حڪومت آئي آهي، پاڪستان ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪيش ۾ به هيٺ وڃي رهيو آهي.
هي رپورٽ ماهرن ۽ ڪاروباري ماڻهن کان ڪيل سوالنامي تي آڌاريل آهي ۽ انهن ۾ اصل ڪرپشن ڪونهي، بلڪه ان ۾ تاثر جو احاطو ڪيو ويندو آهي. ان جي پويان فلسفو اهو آهي ته اصل ڪرپشن جو ماپو ڪرڻ ممڪن ڪونهي، البت ان جي تاثر کي ماپي ضرور سگهجي ٿو. جيڪو عام طور اصل ڪرپشن جي علامت هوندو آهي.
هن سال رپورٽ ۾ اشارو مليو آهي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪن سالن جي ڀيٽ ۾ ڪرپشن ۾واڌ ٿي رهي آهي. اها واڌ ايتري غيرمعمولي آهي جو فقط ٽن سالن ۾ پاڪستان ڪرپشن گراف ۾ 117هين نمبر مان ڇال ڏئي 140هين نمبر تي اچي ويو آهي. ڪنهن حڪومت جو هڪ سال ۾ ملڪ ڪرپشن انڊيڪس ۾ 16 درجنن تائين تنزليءَ جو شڪار ٿي وڃي ته ان کان وڌيڪ گهٻرائڻ جي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ان بدترين صورتحال جو سبب به بيان ڪيو آهي. ان جي خيال ۾ ڪرپشن وڌڻ جو سبب اهو آهي ته هتي قانون جي حڪمراني ۽ رياست جي گرفت موجود ڪانهي. ان کانسواءِ هڪ هڪ سال جو حساب به ٻڌائي رهيو آهي ته 2019ع ۾ صورتحال اها هئي ته 2020ع ۾ هي هئي ۽ 2021ع ۾ هي صورتحال آهي. حڪومت جي سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته پروپيگنڊا جي غيرمعمولي قوت سان ڌوڙ ته اڏائي سگهجي ٿي پر ان سان ڪا حڪومت سوڀاري نٿي ٿي سگهي. اها رپورٽ هڪ عالمي اداري جي رپورٽ آهي، ان جي مول متن جو مذاق اڏائڻ کان وڌيڪ بهتر آهي ته حڪومت پنهنجو احتساب ڪرڻ ڏانهن مائل ٿئي ۽ سڌارن ڏانهن وکون وڌائي.
هي حڪومت پنهنجي مزاج جي حساب سان ويڙهه ڪندڙ آهي جيڪا جنگ جي ميدان ۾ ئي نه پر تير ڪڇڻ واري جاءِ ۽ ايستائين جو پنهنجي خيمي ۾ اگهاڙي تلوار هٿ ۾ کڻيو ڊوڙون ٿي پائي. سلامتي ان جي نصيب ۾ آهي، جيڪو ان جي ساراهه ڪري رهيو آهي، جنهن پوري خيرخواهيءَ سان به تنقيد جا ٻه جملا ڳالهايا ته ان لاءِ ڪا به بچڻ جي جاءِ ڪانهي. تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن هڪ عالمي ادارو پوري اهتمام سان سڄي دنيا جي باري ۾ هڪ رپورٽ جاري ڪري ٿو ته هي تپيدارن جي رپورٽ آهي. ها جيڪڏهن ان رپورٽ ۾ حڪومت جي باري ۾ خير جو ڪملو پڙهيو ويو هجي ها ته هن وقت زمين تي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جهڙو ڪو ادارو معتبر نه هجي ها.
سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته حڪومت به ديانتدار ماڻهن جي هٿن ۾ آهي، وزير اعظم به صادق ۽ امين آهي، وزيرن جو دامن به ڪرپشن کان پاڪ آهي ۽ بي ايمان ماڻهو حڪومت کان ٻاهر آهن. ڪي هن ملڪ کان به ٻاهر آهن. روز اقتدار جي ڪوٽ کان اهي اعلان ٿين ٿا ته اسين ڪنهن کي به ڪونه ڇڏينداسين. حڪومتي ادارن ۾به ميرٽ ڀائي جان اچي ويا آهن ۽ رشوت ۽ حرام خوريءَ جو سرڪاري اهلڪارن کي نالو به ياد ناهي. وفاق سان گڏوگڏ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي. قومي وسيلن جي ڦرلٽ به بند ٿي چڪي آهي، ته پوءِ ڪرپشن ۾ واڌ ڪيئن ۽ ڇو ٿي رهي آهي؟
پوءِ اهو ڪيئن ٿيو جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ديانتدار ماڻهن جي حڪومت آئي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪرپشن انڊيڪش ۾ پاڪستان بدترين سطح تي پهچي ويو.
ڪٿي ائين ته ڪونهي جو گذريل ڪرپٽ حڪومتن ۾ ڊالر وانگر ڪرپشن کي به هٿرادو طور روڪڻو هو. هاڻ ديانتدارن جي حڪومت ان کي ان جي قدرتي حالت ۾ بحال ڪري ڇڏيو آهي؟
**
(انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button