ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

‘آخري اسٽيشن’- ڪلاچيءَ جي ڪهاڻي

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

سنڌي ادب ۾ ناول جو سفر تيزيءَ سان جاري آهي، ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب ۾ جيستائين ناول جي صنف سگهاري نٿي ٿئي، ان وقت تائين اهو ادب اڻپورو ليکيو ويندو آهي. دنيا ۾ جڏهن صنعتي انقلاب آيو ته ان وقت انسان جي سماجي، نفسياتي ۽ معاشي مسئلن کي بيان ڪندڙ صنف ناول هئي. جنهن عام ماڻهوءَ جي داخلي توڙي خارخي مسئلن کي سٺي ريت بيان ٿي ڪيو. ائين ناول سڄي دنيا ۾ تيزيءَ سان مشهور ٿي ويو. جديد ناول جي حوالي سان ڪيترن ئي ناول نگارن نوان نوان تجربا پڻ ڪيا آهن، جيڪي پڙهندڙن کي پڻ وڻن ٿا.
تازو ئي سنڌي ٻوليءَ جي ناليواري ڪهاڻيڪار رزاق سهتي جو پهريون ناول ‘آخري اسٽيشن’ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ان کان اڳ رزاق سهتي جي ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ‘اڌ وهي’ ۽ ‘لمحي جو سواد’ ڇپجي چڪا آهن. سندس هڪ سڃاڻپ ڊراما ليکڪ طور به آهي پر سنڌي پڙهندڙ کيس ڪهاڻيڪار طور وڌيڪ سڃاڻن ٿا. اڄ جڏهن اسان جا ڪي پڙهندڙ ڪهاڻين ۾ ڪو نقطو يا نياپو ڳولڻ ۾ لڳا پيا آهن، اتي رزاق سهتي جون ڪهاڻيون انساني داخليت ۽ جنسي پاسن کي بيان ڪندي پاڻ ئي ڪيترا سوال اٿارين ٿيون. ڪهاڻيڪار يا ناول نگار پنهنجي لکڻي وسيلي ڪهڙو نياپو ڏئي ٿو يا ڪوبه نياپو نٿو ڏئي، ان کان به اهم ڳالهه اها هوندي آهي ته سندس لکڻي ۾ ڪهڙن انساني جذبن کي پيش ڪيو ويو آهي ۽ ڪهڙن سوالن کي اٿاريو ويو آهي. هي دور ناصحاڻو ادب لکڻ جو دور ناهي. تنهنڪري جيڪي ماڻهو ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ به اهو سوال ڪن ٿا ته هن جو مقصد ڪهڙو آهي ته پوءِ انهن کي نصابي ڪتاب پڙهڻ گهرجن.
رزاق سهتي جي ناول ‘آخري اسٽيشن’ جي سيٽنگ ڪراچي شهر آهي. هن ناول جا موضوع، ڪميونسٽ سياست، ڪراچيءَ جون حالتون، سنڌي ماڻهن جي ويڳاڻپ ۽ مک ڪردار جي محبت آهن. ناول جو مُک ڪردار انور ڪنهن زماني ۾ سياست سان واڳيل رهيو آهي. پر سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ جيئن ته ڪميونسٽن جو خواب به ٽٽي پيو هو، ان ڪري هو به ان ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿئي ٿو. پر جيئن ته هو پاڻ مڇي مانيءَ وارو آهي، تنهنڪري کيس ڪا معاشي تنگي ناهي. ٻني ٻارو هجڻ ڪري هو ڪافي آسودو لڳي ٿو. ناول جي ڪهاڻي ٽرين کان شروع ٿئي ٿي. جنهن ۾ انور سفر ڪندو، ڪراچي ڏانهن نڪري ٿو ۽ ائين هو ٽرين جي سفر دوران مختلف مسافرن سان ملندو، ڪراچي پهچي ٿو. جتي هو مهراڻ هوٽل ۾ ڪمرو بوڪ ڪرائي رهي ٿو ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي گهٽين ۾ گهمڻ لاءِ نڪري ٿو وڃي، ڪراچيءَ ۾ کيس پراڻو ڪامريڊ زاهد بلوچ ملي ٿو، جيڪو ڪراچيءَ ۾ هن لاءِ ڄڻ وڏو ڀرجهلو ثابت ٿئي ٿو. انور کي ڪراچيءَ ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪري ڏيڻ، گهر سيٽ ڪرڻ کان وٺي ذاتي معاملن ۾ به هو سندس گهڻي مدد ڪري ٿو.
نوجوانيءَ ۾ انور ڪامريڊ دبيا جلال سان راتيون رنگين ڪري ٿو ۽ جڏهن ديبا پيٽ سان ٿئي ٿي ته هو ان ٻار کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي پر جيئن ته اهو زمانو ضيا شاهيءَ جو زمانو هو، تنهنڪري ايبارشن ڪرائڻ به مشڪل هوندو آهي ۽ ديبا پاڻ کي بيوس سمجهي نيٺ روس هلي ٿي وڃي. ان کان پوءِ اهو سلسلو به ختم ٿي ويندو آهي، پر انور پنهنجي سئوٽ سهڻيءَ سان پيار ڪرڻ لڳندو آهي، جنهن جي ساڻس شادي نه ٿي سگهندي آهي. هو کيس ساريندو رهندو آهي. ڪراچيءَ ۾ هوٽل ۾ کيس نوجوان جوڙو ملي ٿو، جنهن کي انور گل ڏئي مبارڪون ڏئي ٿو پوءِ اڳيان هلي خبر پوي ٿي ته جنهن ڇوڪري کي هو گل ڏيندو آهي هو سندس اڳ ڄائو پٽ هوندو آهي، جيڪو کيس ديبا جلال مان ٿيو هو. اڳيان هلي، هوٽل ۾ سندس ملاقات پونم ورما سان ٿئي ٿي، جنهن جا مٽ مائٽ سنڌي رهيا آهن پر هوءَ ڪاروبار جي سلسلي ۾ ٻاهر رهي ٿي، سا کيس سنڌ ۾ ڪاروبار سنڀالڻ جو چوي ٿي. سهڻي جيئن ته بيوه ٿي چڪي هوندي آهي، ان ڪري انور هن کي پنهنجي ڪنوار بڻائڻ ٿو چاهي. پر اهو مرحلو ايترو سولو نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته سهڻيءَ جي ساهرن جي سختيءَ سبب ان سڱ لاءِ ڪئين رنڊڪو کڙيون ٿي وينديون آهن پر اڳيان هلي نيٺ هو سهڻيءَ کي ماڻي ٿو وٺي ۽ کيس ڪراچي وٺي ايندو آهي.
ناول کي پڙهڻ کان پوءِ اهو احساس ٿئي ٿو ته هن ۾ هڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا سڀني ڪردارن کي گڏ کڻي هلي ٿي. ڪراچي جيڪو بنيادي طور سنڌين جو شهر رهيو آهي، پر ان شهر ۾ جيڪو ويڳاڻپ جو سوال آهي، ان کي به ناول نگار بحث هيٺ آندو آهي. ان کانسواءِ ناول نگار سڄي ناول ۾ ڪراچيءَ کي ڪلاچيءَ جي نالي سان لکيو آهي، جيڪو هن شهر جو اصلي نالو آهي. اها هڪ بهترين ڳالهه آهي جو ليکڪ شهر جي نالي جي سنڌي ويس کي قائم رکيو آهي. انور جو ڪردار جيئن ته مرڪزي ڪردار آهي، تنهنڪري سڄي ناول ۾ اهو نظر اچي ٿو. سندس اندر ۾ ٿيندڙ آنڌ مانڌ ۽ چوڌاري ماحول کي به هو بيان ڪندو رهي ٿو. انور نه رڳو هڪ رنگين مزاج ماڻهو آهي پر هو ڪميونسٽ لڏي جي هڪ اهڙي آخري علامت پڻ آهي، جنهن جي اکين ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب آهن. ڪراچي جهڙي شهر ۾ رهي، ان کي پنهنجو سمجهڻ ۽ تبديل ٿيندڙ سياسي سماجي صورتحال کي ناول نگار سٺي نموني چٽيو آهي. ڇاڪاڻ ته ناول ۾ نه رڳو هاڻوڪي دور جا قصا شامل آهن پر ماضي جا قصا حوالن جي صورت ۾ ڏنا ويا آهن. جن کي پڙهي هڪ نئون پڙهندڙ اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته ماضي ۾ سنڌ ڪهڙي ريت سياسي طور ضياءَ شاهي سان وڙهي ۽ سنڌي قوم ڪيتريون اذيتون سٺيون. ناول جو نالو آخري اسٽيشن پڻ هڪ علامتي نالو آهي. ڇاڪاڻ ته انور جي آخري اسٽيشن هڪ پاسي ته ڪراچي شهر وسائڻ آهي ۽ ٻيو سهڻيءَ کي ماڻڻ هوندو آهي. ان کانسواءِ پونم ورما سان دوستيءَ ۽ ان ڏانهن ڇڪ کائڻ واري ڪيمسٽري به اصل ۾ ٻن وڇڙي ويل ڌرتي واسين جو پاڻ ۾ ميلاپ هوندو آهي. هي ناول ڪيترن ئي حوالن سان هڪ پڙهندڙن کي متاثر ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته رزاق سهتو ناول جي ڀرپور پڄاڻي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
ناول جي سمورين خوبين جي هوندي به ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن تي بحث ڪري سگهجي ٿو. اهو بحث ڪردارن جي حوالي سان به آهي ته ناول جي ٻين پاسن جي حوالي سان به آهي. انور هڪ سياسي ڪارڪن رهيو آهي، پر هن جي متاثر هجڻ وارو عمل گهڻي ڀاڱي سنڌ تائين محدود آهي. هن جي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ جا حوالا به سنڌي ماڻهو ۽ ليکڪ ئي آهن. هو سڄي جهان جو درد پنهنجي اندر ۾کڻي هلي ٿو پر ديبا جلال جي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار کي قبولڻ لاءِ انڪار ڪري پنهنجو پاڻ کي ننڍڙو ماڻهو ٿو ثابت ڪري. ان کانسواءِ هن ڏانهن جيڪا به عورت نهاري ٿي سا هڪدم متاثر ٿيو وڃي يا هن سان ڳالهائڻ شروع ڪريو ڇڏي. جيئن ٽرين جي پهرين سين ۾ هڪ جوان عورت گهرڀاتين سان چڙهي ٿي ته اها به انور سان شروع ٿيو وڃي ۽ ائين ئي پونم لال آهي، جيڪا هوٽل جي هال ۾ کيس ڏسي ڳالهائڻ لڳي ۽ هڪدم پاڻ ۾ گهرا ٿيو وڃن. ايستائين جو هڪ هنڌ پونم اهو به چوي ٿي ته “اسان جي دوستي قائم رهندي تون فڪر نه ڪر سمجهه ته پاڻ جنم جنم جا ساٿي آهيون.” هي جملو پونم ان ڪيفيت ۾ چئي سگهي ٿي، جڏهن هوءَ انور جي پيار ۾ گرفتار ٿي هجي يا انور جو لاڙو به اهڙو هجي. ان کانسواءِ جتي جتي به سياسي تاريخ کي پيش ڪيو ويو آهي، ان جا ايڏا تفصيل ڏيڻ جي ضرورت ڪانه هئي، جيئن ابوالڪلام آزاد جو انٽرويو بيان ڪرڻ جي ضرورت نه هئي.
ڪردار کي فليش بيڪ اچڻ وقت ناول نگار انور جي ڪردار کي فرسٽ پرسن نئريٽر طور کڻي آيو آهي، جڏهن ته ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ نئريٽر ڪردار ناهي. پر ڪهاڻي ٻڌائيندڙ آهي. ٿي سگهي ٿو، ليکڪ ائين ڄاڻي واڻي رکيو هجي.
پر انهن سڀني ڳالهين هوندي به رزاق سهتي جو هيءَ ناول سنڌ جي سياسي تاريخ، سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ سنڌي ماڻهن جو ڪراچي جهڙي وڃايل شهر کي وري ماڻڻ جي ڪهاڻي بيان ڪندڙ هڪ سٺو ناول آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button