ٽنڊو الهيار ۾ ڏيڍ سال اڳ ايس ٽي پي جي سينيئر وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل کانپو وري خليل رحمان عرف ڀولو خانزادو جي قتل جي واقعي کانپو سوشل ميڊيا ۾ خاص طور تي فيس بڪ ۽ ٻين فورمن تي هنن واقعن کي ٻولي ۽ لسانيت جي ور چاڙهڻ لا ڪنهن به وسان نه گهٽايو آهي. سوشل ميڊيا تي اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي، جيڪي ڪنهن به روشن خيال يا سياسي حوالي سان سڄاڻ طور سامهون نه رهيا آهن.
مهانگي موبائل جي سستي انٽرنيٽ پيڪيج تي هڪ شهر کي برباد ڪرڻ جا رڳو سانباها پئي ٿيا. ان وقت وري ڪراچي پريس ڪلب تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ وسيم اختر جي ٽوپي واري ڳالهه ڪرڻ کانپو هر ماڻهو ٽوپي پائي پنهنجو ردي عمل ڏيکارڻ ۾ رڌل نظر آيو پئي.
هن وقت تائين ٽنڊو الهيار ۾ ٻن سياسي اڳواڻن جي قتل جي واقعن کانپو رينجرز ۽ پوليس جي حڪمت عملي کانپو شهر کي ڏني ويندڙ نفرت وڌائڻ ۾ ڪير به ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي. ايس ٽي پي جي سينيئر وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد اسلم رند، ضمير رند ۽ ٻيا جيل ۾ پيل آهن. ساڳئي قتل ڪيس ۾ نامزد رحمان ڀولو قتل ٿي ويو آهي. جنهن جو قتل ڪيس وري مقتول الطاف جسڪاڻي جي ڀائرن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ڪيس ۾ هڪ نامزد اسد جسڪاڻي ڄامشورو اسپتال ۾ پوليس جي پهري هيٺ علاج هيٺ آهي. جنهن لا ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي گذريل ڏينهن ايس ٽي پي هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن، کين برابر جو شهري سمجهون ٿا، جيڪي مهاجريت جي نالي تي ٽنڊو الهيار واقعي تي زهر اڇلي رهيا آهن انهن جو مقصد ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ آهي، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، هن چيو ته ٽنڊوالهيار ۾ الطاف جسڪاڻي جي قتل بعد اسان صبر ۽ امن جو رستو ورتو. جيڪڏهن صبر نه ڪيون ها ته نقصان ٿئي ها، پر اسان پنهنجي ساٿي جو لاش قبر ۾ صبر سان لاٿو ۽ قانوني رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جي قتل ۾ اسلم رند ۽ خليل الرحمان ڀولو ملوث هئا، اسلم رند جيل ۾ آهي. هن چيو ته قتل ٿيل خليل الرحمان ڀولو، الطاف جسڪاڻي جي ڀاءُ اسد جسڪاڻي سان عدالت ۾ گذريل پيشي وقت به منهن ماري ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون هيون. هن چيو ته اسد جسڪاڻي جي زندگي کي اسپتال ۾ به خطرو آهي.
جڏهن ته قتل ٿيل خليل الرحمان ڀولو جي تڏي تي ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ فاروق ستار، عامر خان، امين الحق ۽ ٻيا پهتا. هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن ساٿي خليل الرحمان جي قتل کي لسانيت جي هوا ڏني پئي وڃي، جيڪا سراسر بي بنياد آهي، اسان انصاف گهرون ٿا، اسان تي ئي ظلم ٿي رهيو آهي هن واقعي جي آڙ ۾ لسانيت جي فضا قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن کي اسان ناڪام ڪنداسين، سنڌ حڪومت نوٽس وٺي ته ڪير قاتل کي بچائي رهيو آهي. ڇا پرامن احتجاج ڪرڻ گناهه آهي جتي پوليس عورتن تي ڏنڊا وسائي ظلم ڪيو آهي. سنڌ حڪومت جيڪڏهن سنجيده آهي ته في الفور واقعي جي ذميوار پوليس آفيسرن کي سسپينڊ ڪري ۽ پوليس ان سان گڏ ايف آئي آر ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪري ائين نه ٿيو ته سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
رحمان ڀولو جي قتل واقعي بعد ٻن ڏينهن تائين ٽنڊو الهيار شهر ۾ خوف حراس رهيو. مڇريل ماڻهن طرفان 15 مددگار پوليس جي چوڪي کي باهه ڏيڻ سان گڏ هڪ اهلڪار جي ڪار کي به ساڙيو ويو. جنهن بعد پوليس چوڪي کي باهه ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪري گرفتاريون پڻ ڪيون، ڀولو جي قتل واقعي بعد ٽنڊي الهيار شهر جا ڪاروباري مرڪز بند رهيا، مک علائقا شاهي بازار، ريشم گهٽي، نصرپور روڊ، بڪيرا روڊ، حيدرآباد روڊ، ميرپورخاص روڊ، چمبڙ روڊ، سبزي مارڪيٽ سميت شهر جا تمام ڪاروباري مرڪز، پيٽرول پمپ، نجي اسڪول بند رهيا، شهر ۾ اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لا شهر ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گشت جاري رکيو ويو.
گذريل ڏينهن ڀولو خانزادا جي برادري جي ماڻهن حيدرآباد پريس ڪلب پريس ڪانفرنس لا پهتا هئا، جيڪي پريس ڪانفرنس ڪرڻ کانسوا هليا ويا هئا، جن لکيل پريس ريليز ۾ چيو هو ته اسان جي زخمن تي مرهم رکڻ بدران سياست چمڪائي پئي وڃي. سنڌ ۾ لسانيت جي باهه نه ڀڙڪائين. قتل جي بهاني سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ روايتن ۾ زهر نه ڀريو وڃي. هنن چيو ته اسان الطاف جسڪاڻي کان وٺي رحمان ڀولو تائين جي قتل واقعن جون اصل حقيقتون ڄاڻڻ چاهيون ٿا، اصل سبب ڄاڻي ڪارروائي جو مطالبو ڪريون ٿا. هنن چيو ته ٽنڊو الهيار پوليس به سندن خلاف ڪاررواين تي لهي آئي آهي.
ايس ٽي پي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ خانزادا برادري جي ماڻهن طرفان پنهنجو موقف پيش ڪرڻ کانپو ماضي جهڙي نفرتن کي ورجائڻ واري ايجنڊا ڪامياب نه ٿي آهي. هنن جي ملتوي ڪيل پريس ڪانفرنس تائين ايس ايس پي ٽنڊو الهيار رخسار کهاوڙ بدلي ٿي چڪو هو.
هونئن به ٽنڊو الهيار شهر ۾ ايس ٽي پي، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آ کان وٺي پاپولر پارٽين جي ڪارڪنن تائين جهيڙا ٿيندا رهيا آهن. مافياز جي آزاد گروهن جا جهيڙا به رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. هن شهر جي زرعي ۽ ڪمرشل زمين تي به تڪرارن جي هڪ تاريخ آهي. منشيات جي ريل پيل به جيتري هن شهر جي حصي ۾ آئي آهي. ان جو مقابلو ڪوبه ضلعو شهر نٿو ڪري سگهي. ان منشياف فروشن جي ڪمائي تان به تڪرار ڪر کڻندا رهيا آهن. ان شهر سان گڏ هتي رهندڙ عوام ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ نفرتن جي سياست ڪڏهن به پنهنجون پاڙون مضبوط نه ڪري سگهي آهي. ماڻهن جي پاڻ سان ڪاروباري تعلقات کان وٺي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جون پاڻ ۾ رشتيداري ٿيڻ جي ڪري هو هڪ خاندان ۾ جڙي چڪا آهن. جنهن ۾ نفرتن بدران هڪٻئي سان ڀائيچاري واري فضا به هن شهر جي حصي ۾ آيل آهي. جنهن کي ختم ڪرڻ لا ڪنهن ٻن سياسي ڌرين جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ذاتي جهيڙي کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.
هاڻي الطاف جسڪاڻي کان وٺي رحمان ڀولو جي قتل ڪيسن جو فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي. ٻيو قتل ڪيس جي انويسٽيگيشن پوليس کي ڪرڻي آهي.
پوليس جي جاچ آفيسر اسلم لانگاهه مونکي ٻڌايو ته عدالتن مان سزائن جو عمل تيز ٿئي، پو ڪير به ائين ڪا آساني سان دهشتگردي نه ڪندو. هڪٻئي جي سياسي پارٽين جي جهيڙن ۾ پوليس کي به ڀوڳڻو پوندو آهي. هن ٻڌايو ته رحمان ڀولو جي داخل ڪيل قتل ڪيس ۾ مک جوابدار فرار آهن، سندن سهولتڪارن جون گرفتاريون جاري آهن. هن ٻڌايو ته الطاف جسڪاڻي قتل ڪيس جا جوابدار جيل ۾ پيل آهن. پوليس پنهنجا چالان پيش ڪيا آهن. هاڻي ڪورٽون ئي ڪيس جو فيصلو ٻڌائينديون.
ڪالهه تائين رحمان ڀولو جي قتل جي پوسٽ مارٽم رپورٽ به جاري ٿي آهي. جنهن ۾ ميڊيڪل ڪندڙ ڊاڪٽرن رحمان ڀولو کي 3 کان 5 فٽن تان دل، گردن ۽ پاسراٽين ۾ 9 کان 10 گوليون ڪلاشنڪوف جون لڳڻ بابت ٻڌايو آهي. پوليس واقعي واري هنڌ تان گولين جا خول به هٿ ڪري ورتا آهن. ڪيس جي وڌيڪ جاچ لا ٽن ڊي ايس پيز ۽ ٽن ايس ايڇ اوز تي ٻڌل جي آ ٽي پڻ جوڙي وئي آهي. جيڪا يقينن قتل ڪيس جون شاهديون گڏ ڪري قتل ڪيس کي منظر عام تي آڻيندي.