ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نه نه ڪري مهانگائي مڃيندڙ حڪومت

Editorial

وڏي وقت تائين پي ٽي آءِ حڪومت اهو چوندي رهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ڪانهي ۽ پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي. پر ڪجهه ڏينهن کان وزير اعظم عمران خان اهو قبولڻ شروع ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ايتري مهانگائي آهي جو کيس راتين جو ننڊ نٿي اچي. اهڙي ريت ريت هاڻ پي ٽي آءِ جا وزير به ان ڳالهه کي سمجهڻ لڳا آهن ته ملڪ ۾ واقعي به مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اپوزيشن پارٽيون ۽ عوام رڙيون ڪندو رهيو ته ملڪ ۾ ايتري مهانگائي ٿي وئي آهي جو عوام عام واهپي جون شيون به خريد نٿو ڪري سگهي، جنهن جي ڪري هن حڪومت کان عوام اهو ئي مطالبو ڪندو رهيو ته مهرباني ڪري مهانگائي گهٽائي وڃي پر حڪومت نه رڳو مهانگائي وڌائڻ تي زور ڏيندي رهي آهي پر عوام جي مطالبي کي به اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو آهي. نيٺ ناڻي وري وفاقي وزير شوڪت ترين مڃيو آهي ته مهانگائي وڌي وئي آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته ڪورونا سبب ڏکيائيون پيش آيون، معيشت جي بهتري لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، حڪومت پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف وٽ وئي ته سخت شرط رکيا ويا، جنهن جي ڪري اسان کي ڊسڪائونٽ ريٽ کي وڌائڻو پيو، رپئي جو قدر گهٽائڻو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي وڌي، وزيراعظم هڪ غير مقبول پر سٺو فيصلو ڪيو، هن چيو ته ڪورونا بحران دوران ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي. وزيراعظم جي ويزن تحت سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو، هاڻ برطانوي وزيراعظم به چئي رهيو آهي ته ملڪ بند نه ڪنداسين. هن چيو ته 2021ع ۾ گروٿ ريٽ 5 ڏهائي 37 سيڪڙو رهيو، ڪو به ايتري گروٿ ريٽ جي اميد نه ڪري رهيو هو. منهنجي خيال ۾ هن سال 5 سيڪڙو تائين گروٿ هوندي، 31 ارب ڊالرن جون شيون ۽ ساڍا 3 ارب ڊالرن جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ ڪنداسين، اسٽيٽ بئنڪ کان 2019ع کان ڪو قرض ناهي ورتو پر ان کي 18 ڏهائي 5 ٽريلين رپيا واپس ڪيا ويا. ٽيڪس وصوليون هدف کان 13 سيڪڙو وڌيڪ رهيون. هن چيو ته ٻه ڪروڙ گهراڻن کي احساس راشن تحت شين تي سبسڊي ڏينداسين، ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت ماهوار 10 ارب رپين جو قرض ڏينداسين. شوڪت ترين مهانگائي کي امپورٽڊ قرار ڏيندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه 90 سيڪڙو تائين وڌيا، تيل اگهه وڌڻ سان واپاري خسارو وڌيو. هن چيو ته افغان بحران سبب به اسان جي رپئي تي دٻاءُ آيو، آمريڪا افغانستان جا اثاثا منجمد ڪيا ته افغانستان جو دارومدار پاڪستان تي وڌي ويو، افغانستان اسان جي مارڪيٽ مان ڊالر کڻڻ شروع ڪيو ۽ ڊالر تي درآمد ۽ برآمد شروع ڪئي، هڪ وقت اهڙو به آيو ته اها نوبت روزاني 2 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي وئي. هن چيو ته اسان افغانستان کي سمجهايو ته توهان اسان کان شيون رپئي ۾ خريد ڪريو جيئن پاڪستاني رپئي تي دٻا گهٽ ٿئي، اهڙي ريت اسان صورتحال کي هينڊل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. هاڻ معيشت درست رستي ڏانهن وڌي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مهانگائيءَ جو سڀ کان وڌيڪ بار پگهاردار طبقي تي پيو آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پگهاردار طبقي لاءِ نئون پروگرام شروع ڪريون پيا. انهن جي آمدني وڌائڻ لاءِ قدم کڻنداسين پر ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ٻن ٽن مهينن ۾ اگهه هيٺ نه اچن.
اسين سمجهون ٿا ته شوڪت ترين هڪ پاسي ته مهانگائيءَ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي پر ٻئي پاسي جيڪي انگ اکر پيش ڪري رهيو آهي، اهي حقيقتن سان ميل نٿا کائين ڇاڪاڻ ته هو جنهن گروٿ ريٽ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جيڪا واقعي به ايتري بهتر آهي ته پوءِ ملڪ ۾ مهانگائي ايتري نه هجڻ گهرجي ها ۽ ان کانسواءِ پگهاردار طبقي لاءِ اهڙُي ڪهڙي رٿا آهي، جنهن سان عوام لاءِ خوشحالي ايندي، تنهنڪري عوام کي سچ ٻڌايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button