مهاجر لوڪن جو قومي وجود ان وقت تحليل ٿي ويو هو، جڏهن ورهاڱي وقت هندستان جي مختلف علائقن مان قسمين قسمين ثقافتي پسمنظر رکندڙ ۽ اردو ٻوليءَ جا مختلف لهجا ڳالهائيندڙ هي لوڪ لڏپلاڻ ڪري سنڌ پهتا. ان وقت لياقت علي خان جيڪو پاڪستان جو وزير اعظم هو، جنهن آبادڪاري جي وزارت قائم ڪري هنن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ننڍن شھرن ۾ آباد ڪيو هو پر هنن لوڪن جي آباديءَ جي وڏي اڪثريت کي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ ئي آباد ڪيو ويو هو. ان سان گڏ هندن طرفان ڇڏيل ملڪيتون، زمينون، گھر هنن کي ڪليم ۾ الاٽ ڪري ڏنا ويا هئا. هي گهر ۽ زمينون، ملڪيتون انھن سنڌي هندن جون هيون جيڪي پاڪستان جي ٺهڻ جي ڪيئي سالن کانپوءِ لياقت اينڊ ڪمپنيءَ جي باقاعده پلاننگ سان ڌمڪين، هندو نوجوانن جي سر عام قتلام ۽ گھرن تي زوريءَ قبضا ٿيڻ سبب مجبور ٿي سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري ويا. هن لڏپلاڻ ۾ 14 لک (چوڏهن لک) سنڌي هندو سنڌ ڇڏي هندستان لڏي ويا هئا. جڏهن ته هندو مسلم فسادن جو مرڪز پنجاب ۽ ڍاڪا هئا.
لياقت علي جو مهاجرن کي وڏي اڪثريت ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪرڻ جو منطق اهوئي نظر اچي ٿو ته جيئن مهاجر آبادي جو مضبوط اليڪشني تڪ جڙي جنھن جو ملڪ جي سياسي اٿل پٿل ۽ حڪومتن جي جوڙجڪ ۾ اثر رسوخ ۽ اهم ڪردار هجي ۽ پاڪستان جي تازي ۽ برطانوي سامراج جي هٿن ۾ پليل اسٽيبلشمينٽ جي به هن لساني گروهه تي نظر هئي، جنھن کان مستقل جي ٺهندڙ سياسي منطر نامي ۾ ڪيترائي ڪم وٺڻا هئا.
مهاجر”مسلم قوميت” جي نعري تي هندستان مان نڪتا هئا، هتي پهچڻ کانپوءِ پنهنجي سڃاڻپ به مسلم قوميت ۾ ئي ڳولڻ لڳا. انهيءَ ڳولا ۾ هي لوڪ آسانيءَ سان پاڪستان جي انهن ازغيبي قوتن جا آله ڪار بڻجي ويا. جن ايوب، يحيي،ٰ ضياءَ، مشرف جي روپ ۾ هتان جي قومن جا سياسي، قومي، معاشي ۽ آئيني حقن کي پائمال ڪيو. انھي منظر نامي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مهاجرن جي سياسي تربيت ٿيڻ لڳي ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا مهاجر ان وقت مذهبي ۽ لساني تنظيمن سان به گهڻو جڙندي نظر اچن ٿا. ٻئي پاسي سنڌ جي ننڍن شھرن ۾ آباد ٿيندڙ مهاجرن اتي پنهنجا ڌنڌا جمائڻ شروع ڪيا جن ۾ پان جون ڪيبنون کولڻ، ننڍا هوٽل، ٽرانسپورٽ سروس شروع ڪرڻ، لوهارڪو ڪم ڪرڻ جنھن ۾ زمين جا زرعي آلا ٺاهڻ ۽ ٻين ٽيڪنيڪل ڌنڌن ذريعي پنهنجي گذر سفر جي ڪم کي جنبي ويا ۽ سنڌي آبادي به هنن کي قبول ڪرڻ شروع ڪيو هو. ان جو اظهار هن صورت ۾ نظر اچي ٿو جو هنن ننڍن شهرن ۾ مهاجر لوڪ اقليتي آبادي هوندي به سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳا. سنڌي آباديءَ ۾ ئي هي ڪائونسلر ۽ ٽائون ڪميٽين جا چيئرمين به ٿيڻ لڳا ۽ مقامي سنڌين جي ڪورٽ ڪچهري جا فيصلا به هنن جي هٿن ۾ ٿيڻ شروع ٿيا، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ مهاجرن کي مذهبي تنظيمن ۽ لساني سياست ڪندڙ گروهن ٽرڪ جي بتي پٺيان لڳائي ڇڏيو هو ۽ بدقسمتيءَ سان سنڌ جي ننڍن شهرن جا مهاجر به شهري مهاجرن جي سياسي اثر رسوخ ۾ هئا جنھن سبب اهي مهاجر سنڌين سان جڙن بدران پنهنجي مهاجر ڪميونٽيءَ سان جڙيل رهڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا هئا. ان ڪري سنڌ ۾ سياسي ۽ قومي مسئلن تي هلندڙ هر تحريڪ کان هي لوڪ لاتعلق بڻيل هئا. ان جا ڪيئي سماجي ۽ سياسي سبب به نظر اچن ٿا، جيئن پيپلز پارٽي ملڪ جي مشهور ۽ پاپولر پارٽي رهي آهي ۽ سنڌ ۾ هن جو سياسي ميدان سنڌ جون ٻهراڙيون ئي رهيون آهن. 1970ع کان وٺي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ ئي ميدان ماريندي رهي آهي ته هن جا سياسي مهرا به مخدوم، جتوئي، وساڻ، لياري جا بلوچ، ڀٽا، سنڌ جا سيد ۽ جاگيردار هئا ۽ مذهبي لساني تنظيمون مهاجر آباديءَ کي اهو گمان ويهارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون هيون ته هي پارٽي سنڌين جي ئي آهي ۽ انهيءَ وھم سبب پيپلز پارٽي مهاجر آباديءَ وٽان ڪا حوصلا افزا حمايت حاصل نه ڪري سگهي ۽ اهو ئي سبب هو جو جڏهن 1975 _1974ع جي عام اليڪشن ۾ ڀٽو جي ڌانڌلين خلاف مفتي محمود جي قيادت ۾ تحريڪ هلي هئي ته ان تحريڪ جو مرڪز ڪراچي ۽ حيدرآباد هئا.
ائين به ڪونھي جو مهاجر سدائين لاتعلق ۽ منفي سياست جو شڪار رهيا هجن. مهاجر آباديءَ جي مثبت سياسي سرگرميءَ جا ڏس ان وقت نظر اچن ٿا، جڏهن 1967ع ۾ ايوب حڪومت معاشي بحران جو شڪار ٿي وئي هئي. کنڊ، اٽو ۽ دالين جا اگھه چوٽ چڙهي ويا هئا. ڪراچيءَ ۾ اٽو اڻ لڀ ٿي ويو هو. سجي ملڪ ۾ اهوئي نعرو گونجي رهيو هيو ته “لاٺي چارج نهين چلي گي، گولي کا ڪر آزادي لين گي” ۽ ڪراچي جي شاهراهن تي به اهي نعرا گونجيا هئا. ان وقت ايوب حڪومت جو واپار واري وزير عبدالغفور هوتي ڪراچي آيو هو ته گهٽي گهٽي ۾ اهو نعرو لڳو هيو ته “ايوب دي کوتي عبدالغفور هوتي.”
1971 _1970ع جي اليڪشن ۽ واقعن کانپوءِ سنڌ جو سياسي منظر نامو سنڌي – مهاجر جي سڌي جنگ ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي ٿو. ان جا ظاهري طور ٻه سبب نمايان نظر اچن ٿا، اهي هي هئا. پيپلز پارٽي حڪومت جو ڪوٽا سسٽم کي آئيني ڪور ڏيڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ جو سنڌ اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ. هنن ٻنهي فيصلن سان مهاجر آباديءَ جا ڪي سياسي ۽ معاشي حق پائمال ته ڪونه پئي ٿيا پر لساني تنظيمن کي سنڌي مهاجر فساد برپا ڪرڻو هو ۽ هو ان ۾ ڪامياب ويا. خاص طور اردو ميڊيا انهيءَ خوني فساد کي هن طرح سان به ڀڙڪايو جو جنگ اخبار پنهنجي پهريئن صفحي تي روزانو اهو نعرو معمول ڪري ڇڏيو هو ته “اردو ڪا جنازه ذرا ڌوم سي نڪلي” ۽ ٿيو به ائين
حقيقت جو جيڪڏھن جائزو ورتو وجي ته لياقت علي خان پاڻ مهاجر آباديءَ کي ۽ پنجابين کي وڌيڪ حصو ڏيڻ لاءِ 1948ع ۾ ڪوٽا سسٽم کي لاڳو ڪيو هو، جنھن تحت 58 سيڪڙو اولهه پاڪستان (موجوده پاڪستان) ۽ 42 سيڪڙو اوڀر پاڪستان (موجوده بنگلاديش) لاءِ وقف ڪيو ويو هو ۽ جڏهن ته ڪراچيءَ جي مهاجر آبادي لاءِ اسپيشل 15سيڪڙو رکيو ويو ۽ مٿان وري ڪراچيءَ جي پنهنجي جنرل ڪوٽا الڳ هئي. هن ڪوٽا سسٽم جي نفاذ سان سپريئر نوڪريون مهاجرن جي حوالي ٿي ويون ۽ سنڌي نه هئڻ برابر ٿي ويا. ان ٿيندڙ ناانصافي کي ته يحييٰ خان سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم لاڳو ڪري ختم ڪيو جنھن تحت 60 سيڪڙو ٻهراڙي ۽ 40 سيڪڙو شهري ڪوٽا رکي ويئي ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت انهي نفاذ کي آئيني ڪور ڏنو.
جڏهن به سنڌي مهاجر فساد ٿيڻ جي سببن جو جائزو ورتو ويندو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي بل کي ئي سنڌي مهاجر فساد جي جڙ قرار ڏنو ويو آهي. اهو ان ڪري جو هي بل ممتاز ڀٽو جي وزارت اعليٰ دوران سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو هو. پيپلز پارٽي اهو بل پيش ڪري ممتاز کي ڏهيسر سنڌ بنائي سنڌ ۾ سنڌين جي دل گهري پارٽي جي اميج کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ پئي چاهيو يا ان بل کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ازغيبي قوتن جي به ڪا مرضي هئي، اهو پنهجي وقت جو اهم سوال آهي. هئڻ ته ائين گهربو هو ته پيپلز پارٽي کي ٻولي وارو بل قومي اسيمبليءَ ۾ آئين جي تياري دوران ئي پاس ڪرائڻ گهرجي ها ٻوليءَ جي تحفظ جي شقن کي ائين ۾ شامل ڪري ان کي پاس ڪرائي پئي سگهي پر پيپلز پارٽي ائين نه ڪيو ۽ ان بل کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ کڻي آئي ۽ ان جا نتيجا سنڌ ۽ ٻنهي آبادين لاءِ ڀيانڪ نڪتا ۽ پوءِ ٻنهي آبادين طرفان خون جي هولي کيڏي ويئي جنھن ۾ مهاجرن جون نسل پرست تنظيمون به هيون ته قومپرست تنظيمن جا اهي نسل پرست ڌڙا جيڪي سنڌي مهاجر فساد ۾ خوني معرڪا سرانجام ڏيئي ليڊر ٿيا ۽ نالو ۽ ناڻو ڪمايو.
اڄ سنڌ جي سياسي منظر نامي ۾ حالتون تبديل نظر اچي رهيون آهن. اڄ جڏھن وسيم اختر الطاف واري ٻولي ڳالهائي ٿو ته مهاجر لوڪ انڌا ڌنڌ ڊوڙي اڳي وانگيان خون جي هولي کيڏڻ کان ڪيٻائين ٿا ۽ سنڌ جون قومپرست پارٽيون مهاجر لوڪن کي سنڌ جو حصو سمجهن ٿيون پر ڪيترن ئي ڏهاڪن جي نفرت ۽ جنگ سنڌ جي ٻنهي آبادين جي ضم ٿيڻ واري عمل کي تمام گهڻو پري اڇلائي ڇڏيو آهي. هاڻي ٻنهي آبادين جو گڏيل شعور ئي سنڌي مهاجر جا مامرا بهتر نموني سان طئي ڪري سگهي ٿو، جنهن جو پري پري تائين نالو نشان به نظر ڪونه ٿو اچي.