ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تعصب، جنگ ۽ عوام

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

تعصب ۽ جنگ ۾ ڪنهن جو نقصان ۽ ڪنهن جو فائدو آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب تمام آسان ۽ هر هڪ کي سمجهھ ۾ ايندڙ آهي دنيا جو ڪهڙو انساني آباديءَ جو علائقو اهڙو رهيو آهي جيڪو پنهنجي تاريخ ۾ تعصب ۽ جنگ جي تضادن مان ناهي گذريو ۽ هن وقت به ڪٿي ان جا بقايات ته ڪٿي انهيءَ جي شدت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي جيڪڏهن پاڻ هي چئون ته تعصب ۽ جنگ جهالت ۽ جنونيت جي پيداوار آهن ته اهو اصولن ۽ امن پسندانا نقطِ نگاھه کان ته ٺيڪ ٿيندو پر حقيقت جي بنيادن تي صرف ايترو چوڻ شين کي نه سمجھڻ يا احساساتي ۽ جذباتي راءِ ۽ تجزيو ئي چئي سگھجي ٿو، ڇو ته تعصب ۽ جنگ اهي ٻئي اهي هٿيار آهن جيڪي هر وقت استحصالي ۽ ظالم طبقي پنهنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوام کي الجھائي ۽ انهيءَ ۾ جارحانه نظريا اڀاري هڪ طرف پنهنجي مڪارانا سياست ڪئي آهي ته ٻئي طرف هن تعصب ۽ جنگ جي بنيادن تي تمام گھڻو پنهنجو ڪاروبار ڪيو آهي.
جنگي ڪاروبار ته هن وقت دنيا ۾ بلڪل کليل ۽ سمجھه ۾ ايندڙ اهڙي حقيقت آهي جيڪا هن وقت تمام قومن جي عوام کي گھڻي ڀاڱي سمجھه ۾ اچي چڪي آهي ته جنگي هٿيار ۽ جنگ جو جنون جو خوف پيدا ڪري ڪهڙو ڪاروباري طبقو پنهنجون صنعتون هلائي پيو ۽ انهيءَ ۾ ان کي ڪيترو فائدو آهي پر انهيءَ جي باوجود تمام گھڻن ترقي يافته ملڪن جي اندر جنگ جو تصور قومي بقا جي نالي تي يا قومي مفادن کي حاصل ڪرڻ جي نالي تي ڪافي حد تائين طاقتور ۽ مضبوط بنياد رکي ٿو، جيڪڏهن ائين نه هجي ته ترقي يافته ملڪن جي اندر جنگي هٿيارن جي خلاف تحريڪون ايڏي وڏي طاقتور ۽ عروج تي پهتل هجن جو جنگ جا هٿيار ٺاهيندڙ ڪارخانا سرمائيدار طبقو بند ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزدور هٿيار ٺاهڻ بند ڪري ڇڏين پر ائين هڪ خواهش جي حد تائين ته ممڪن ٿي سگھي ٿو پر عملي طرح عوام ۽ مزدور پنهنجي روزگار ۽ خوشحاليءَ جي خواهشن ۾ قيد رهندي اهو سڄو سارو ڪم ايئن ڪري رهيا آهن جيئن فوج ۾ سپاهي ڀرتي ٿي پهريان تصور ملڪي بچاءَ جو رکي ويندا آهن پر بعد ۾ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ هو هاءِ ڪمانڊ جو حڪم مڃڻ ۾ ان حد تائين پنهنجي فرض شناسي تصور ڪندا آهن جنهن ۾ هنن جو دماغ ٻئي طرف سوچڻ به گوارا ناهي ڪندو.
ڪمزور ۽ مظلوم قومن تي چڙهائي ڪرڻ انهن جو قتلِ عام ڪرڻ ۽ فاتحانه نعرا لڳائڻ هنن جي مزاج ۾ داخل ڪري پروفيشنلزم جي بنيادن تي کين جڪڙيو ويندو آهي ۽ اها ئي سائڪي ۽ گرفت هنن کي وقتن به وقتن خود پنهنجي ملڪ جي اندر پنهنجي عوام جي خلاف بندوقون تاڻي گوليون هلائي ۽ لٺيون يا گيس جا ڳوڙها ڦٽي ڪري اهو سڀ ڪجهھ فرض شناسي جي نالي تي ڪرايو ويندو آهي ۽ هو ڪندا رهندا آهن.
حڪمران طبقو نوڪري ۽ فرض شناسي جي نفسيات کي پوري طاقتور انداز سان استعمال ڪرڻ جو صدين کان ڏانءُ رکي ٿو، جهڙي طرح فوج جي سپاهي جو دنيا ۾ حڪمران طبقا استحصال ڪن ٿا يعني جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته دنيا جي ملڪن جيڪي به جنگيون ڪيون آهن انهن ۾ 10 سيڪڙو جنگيون به بمشڪل جارحيت جي خلاف ٿيون آهن، باقي تقريبن جنگيون ۽ حملا ڪمزورن جي خلاف طاقتور ملڪن ۽ طبقن ڪيا آهن، مظلومن جي لٽ مار ڪندڙ طبقو تمام ٿورڙو فائدو پگھارن ۽ مراعتن جي حد تائين پنهنجي فورس کي ڏئي ٿو باقي اٽي ۾ لوڻ برابر فائدو پنهنجي ملڪ جي عوام کي ڏيندو آهي.
هي بحث تمام گھڻو تفصيل طلب آهي ته موجوده يورپ جي ترقي دنيا جي استحصال جي پلر تي بيٺل آهي يا سائنسي ۽ مشينري ترقي سان مارڪيٽ تي قابض هجڻ جي نتيجي ۾ ڪاروباري استحصال جي بنيادن تي بيٺل آهي. اڄ به يورپ ۽ آمريڪا جي ڪروڙن جي آبادي ۾ پندرهن ويھه سيڪڙو ماڻهو پرسڪون ۽ پر عياش زندگي گذارن ٿا باقي خوبصورت هوٽلن ڪلبن ۽ روڊن ۽ رستن جون رونقون انجاءِ ڪندي 80 سيڪڙو ماڻهو پنهنجو وقت گذاري ٿو.

جڏهن به دنيا جي اندر ڪا وبا يا معاشي بحران اچي ٿو ته ترقي يافته ملڪن جون حقيقتون اڳيان کلي اچي ٿيون وڃن، پوئتي پيل ۽ ملڪن جو حشر اهڙي صورتحال ۾ ڪهڙو ۽ ڪيئن هوندو، انهيءَ کي سمجھڻ ڏکيو ناهي پر استحصالي ملڪن جون حرڪتون ۽ لٽ مار ساڳئي ئي انداز سان ٿيندي نظر اينديون، مثال هن خطي جي اندر جيتريون به جنگيون ٿيون آهن انهن ۾ انساني زندگين جو جيڪو زيان ٿيو آهي پر انهيءَ جو فائدو هر دور جي حاڪم ۽ فاتح گروھه کي ئي ٿيندو آيو آهي، بلڪل ساڳئي طرح بلڪه انهيءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ هن خطي جي صورتحال اها رهي آهي ته هتي عوام کي هڪ ٻئي کي دست گريبان رکڻ جي لاءِ هر وقت تعصب جو هٿيار لساني ۽ مذهبي بنيادن تي استعمال ٿيندو رهيو آهي تاريخ جو ڪهڙو دور آهي جنهن ۾ عوام پرسڪون زندگي گذاري هجي. سون سالن جي تاريخ ۾ شايد ڏھه سال به اهڙا ناهن گذريا جنهن ۾ ڀرپور امن ۽ سڪون رهيو هجي. عوام کي ويڙهايو ۽ انهيءَ تي حڪومت ڪيو انهيءَ جو استحصال ڪيو، جنون ۾ مبتلا رکو، اها حڪمتِ عملي ورهاڱي کان پوءِ هن خطي ۾ پوري شدت سان اڄ به موجود آهي.
پاڻ جنهن حصي ۾ زندگي گذاريون ٿا يعني موجوده پاڪستان ۾ انهيءَ ۾ اهو ڪهڙو دور رهيو آهي جنهن ۾ مذهبي ۽ لساني فساد ناهن ڪرايا ويا ۽ انهيءَ جي ڪنهن کي خبر ناهي ته اهي ڪرائيندڙ ڪير ۽ ڪهڙيون قوتون آهن جيترو لٽريچر هن وقت ڪتابن ۽ نيٽ تي موجود آهي انهيءَ مان جيڪڏهن هڪ سيڪڙو به يا انهيءَ جو به ڪجھه حصو ان سازشن جي حوالي سان پڙهجي ته حقيقتون اسان جي اڳيان صاف ۽ شفاف بنيادن تي اچي وينديون پر انهيءَ کان به وڌيڪ زندگي گذاريندڙ عام ماڻهو انهن سڀني شين کي سمجھي پيو پاڻ گھڻي تفصيل ۾ نٿا وڃون ۽ نه گھڻو ورجاءَ ٿا ڪريون ته پنجاب جي اندر مذهبي انتها پسندي ۽ فرقا پرستي جي گروھه بندي ڪنهن ڪئي ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪئي ساڳئي طرح ڪي پي ڪي جي صورتحال اسان جي اڳيان آهي. بلوچستان جي حالتن خراب ڪرڻ ۾ ڪهڙو دماغ مهرن کي اڳتي پوئتي ڪندو رهيو آهي پر واپس پاڻ اچي سنڌ تي بيهون ٿا ته سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ وڌ کان وڌ تضاد ۽ ٽڪراءَ لساني بنيادن تي سنڌ ڀوڳيو آهي ۽ خاص ڪري ڪراچي، حيدرآباد ان بٺيءَ ۾ سڙندا رهيا آهن. ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو عام ماڻهو به اها ڳالھه سمجھي ٿو ته لسانيت جي ڳالھه ڪندڙ انهن سان ڪيترو مخلص ۽ سچو آهي. ڪراچي جي ترقي ۽ تعليم ڪنهن برباد ڪئي، صنعتن کي غير محفوظ ڪندڙ ڪير هئا، ڀتي ۽ چندي جي نالي تي ڪنهن سان ڪهڙا ويل وهايا ويا پر پوءِ به جيڪو تعصبانه رويو ۽ دماغ جوڙيو ويو آهي انهيءَ جو فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ باربار انهيءَ ٽول کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. هي ڪيتري نه افسوسناڪ صورتحال آهي لوڪل باڊي قانون تي بحث رڳو ڪراچي جي حوالي سان ٿئي. ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته جيڪي به گروهھ يا جماعتون انهيءَ قانون جي خلاف آهن اهي پوري سنڌ جي لاءِ پنهنجو مطالبو ڪن ها، بيشڪ جدوجهد ڪراچي ۾ ٿئي ڇو ته ڪراچي سنڌ جي دارالحڪومت سٽي آهي پر مطالبو سنڌ جي عوام جو ٿيڻ گھربو هو ۽ ڪيو وڃي پر انهيءَ جي بجاءِ صرف ۽ صرف اهوئي ڪارڊ استعمال ڪيو ٿو وڃي، جنهن اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ ۾ تعصب ۽ مفروضاتي تڪبر جي آبياري ڪئي آهي.
شروعاتي ٽڪرائن ۾ ته ماڻهو استعمال ٿيا پر 30 سالن جي تجربي ۽ عرصي وري به ساڳي ساڳي سوچ جو شڪار ٿيڻ جو مطلب هي آهي ته اردو آباديءَ کي هن وقت تائين تعصبن جي تصورن کان ٻاهر ناهي ڪڍيو ويو ۽ نه وري انهيءَ جي ري ايڪشن ۾ پيدا ٿيل تعصب جي ڌارا جيڪا سنڌين، پٺاڻن ۽ پنجابين ۾ موجود آهي انهيءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي يا ڪئي وئي آهي. اڄ به لوڪل باڊي قانون جي نالي تي اهڙي گيم کيڏي ٿي وڃي جنهن هزارين زندگيون برباد ڪيون، ڀلي اهو الزام وڌ کان وڌ متحده ۽ ٻين تي لڳي پر پاڻ انهن سياستدانن ۽ دانشورن کان سوال ٿا ڪريون جيڪي لسانيت
۽ تعصب جي خلاف آهن، انهن پنهنجو سياسي، سماجي ۽ علمي ڪردار ڪهڙو ۽ ڪيترو ادا ڪيو آهي ۽ ڪيتري ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان کي هي ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته عوامي نفسيات ۽ صدين جي مزاج کي سياسي سماجي تحريڪون تمام وڏي پورهئي ۽ محنت سان تبديل ڪنديون آهي ۽ انهيءَ جي اسان کي تمام گھڻي ضرورت آهي ڇو ته امن ۽ جمهوريت کان سواءِ عوام جي خوشحالي ناممڪن آهي تعصب لسانيت ۽ جنگ وڌ کان وڌ نقصان عوام جو ئي ٿي ڪري ۽ اها بربادي عوام جي ئي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button