شهيد مرتضى ڀٽو جي نياڻي فاطمه ڀٽو، جنهن سياست کان هٽي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ هڪ ليکڪه جي حيثيت سان ڪرائي آهي، سندس ناول ۽ شاعريءَ جا ڪتاب اچي چڪا آهن، پر انهن سڀني ۾ اهم ڪتاب آهي رت ۽ تلوار جا گيت (Songs of Blood and Sword). هي ڪتاب مرتضى ڀٽو جي سوانحي ڪهاڻي آهي، جنهن کي فاطمه ڀٽو تمام گهڻي حساس انداز سان لکيو آهي، ان سان گڏوگڏ ڪجهه جاين تي هوءَ تمام گهڻي Aggressive به نظر اچي ٿي. ان جو سبب ظاهر آهي، سندس پنهنجي خاندان خاص طور پنهنجي والد سان جذباتي لڳاءُ آهي. شايد اهوئي سبب آهي جو اسڪاٽش ليکڪ وليم ڊيلريمپل لکيو آهي ته “اها ڪهاڻي فقط فاطمه ڀٽو ئي لکي پئي سگهي.”
فاطمه ڀٽو هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ پاڪستان ۽ خاص طور ڪراچيءَ جي مسئلن جي حوالي سان لکيو آهي، جنهن ۾ وڌندڙ آبادي، گوڙ گهمسان، بيروزگاري، لوڊشيڊنگ، جنهن ۾ هڪ جملو ته “ٻهراڙين ۾ جيڪڏهن ڏينهن ۾ ٻه ڪلاڪ بجلي هلي ٿي اها ڳوٺاڻن لاءِ وڏي غنيمت آهي.” ان بعد ڪتاب جي پهرئين باب ۾ مرتضى ڀٽو جي شهادت واري واقعي جي تفصيلي منظرڪشي ڪيل آهي، جنهن ۾ مرتضى جون ان ڏينهن جون سياسي سرگرميون، سندن ذاتي ۽ خانداني مصروفيتون، مرتضى جي ساٿي علي سوناري جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان لاپته ٿيڻ، مرتضى ڀٽو جو آڌيءَ رات سندس ڳولا ۾ نڪري پوڻ، وري ٻئي ڏينهن پريس ڪانفرنس ۽ جلسي تان واپسي جنهن دوران مرتضى ڀٽو جو قتل ٿيو، ان وقت جي ڪيفيتن کي ڏاڍي حساس انداز سان بيان ڪيو ويو آهي.
ان بعد ڪهاڻيءَ جي ماضيءَ ڏانهن وڃي ٿي، جنهن ۾ ڀٽي خاندان جي سياسي تاريخ، پاڪستان کان اڳ سندن خاندان جو سياسي ڪردار، تعليم و تربيت، شاهنواز ڀٽي جي باري ۾ لکيو ويو آهي، پر گهڻو تفصيل ذوالفقار علي ڀٽي جي باري ۾ آهي. جيئن ته هي ڪتاب مرتضى ڀٽو جي ڪهاڻي آهي ۽ اها سندس ڌيءَ جي پاران لکي ويئي آهي، ان ڪري سموري ڪتاب ۾ مرتضى ڀٽو جي قدمن جي حمايت، ان جي سرگرمين جو پسمنظر، ان تي آيل الزامن جا جواب لکيا ويا آهن. بينظير ڀٽو کي سموري ڪتاب ۾ چال باز، اقتدار جي حوس رکندڙ شخصيت ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جنهن جي باري ۾ هن ڪافي دليل به ڏنا آهن. جڏهن مرتضى ڀٽي جو سندس ئي ڀيڻ جي حڪومت ۾ قتل ٿيو ته فاطمه ان وقت 14 سالن جي هئي ۽ سندس الزام آهي ته سندس والد کي قتل ڪرڻ جو مقصد ڀٽي خاندان جي اصل جانشين کي رستي تان هٽائڻ هيو.
بقول هن جي ته ذوالفقار علي ڀٽو حاڪم زرداريءَ کي پسند نه ڪندو هو، ان ڪري هن کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏني هئائين ۽ پوءِ حاڪم علي زرداري ڀٽي جي ڦاسيءَ جي حمايت ڪئي هئي. مرتضى، حاڪم زرداري کي حاڪو ڊاڪو سڏيندو هو. آصف زرداري جي والدين کي سندس رشتو بينظير سان ڪرائڻ جو مشورو ضياءُ الحق جي سيڪريٽري رهندڙ روئيداد خان ڏنو هو، جنهن بعد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڀيڻ معرفت اهو رشتو ٿيو.
بينظير ۽ مرتضى جي اختلافن جو پسمنظر ٻڌائيندي لکي ٿي ته جڏهن 88ع جي اليڪشن ٿي پئي ته ٽڪيٽون آصف زرداري پئي ورهايون، جنهن ۾ ذوالفقار ڀٽي جي ساٿين ۽ پيپلز پارٽيءَ جو ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيندڙن کي نظر انداز ڪيو پئي ويو ۽ اهڙن ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون پئي ويون جيڪي ضياءَ جا ويجها هئا، جن ڀٽي جي شهادت تي جشن ملهايا ۽ مٺايون ورهايون هيون، پر بينظير سندس راءِ کي اهميت نه ڏني. بعد ۾ جڏهن اليڪشن جي رزلٽ آئي ته مرتضى ۽ نصرت ڀٽو جي راءِ هئي ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، ان ڪري پيپلزپارٽي توقع کان گهٽ سيٽون حاصل ڪيون آهن، انهن نتيجن کي تسليم نه ڪرڻ کپي، ڇو ته ان سان جيڪا حڪومت ٺهندي اها ايتري طاقتور نه هوندي، تنهنڪري حڪومت بجاءِ اپوزيشن ۾ ويهڻ کپي. پر بينظير ڀٽو سندن ان راءِ کي به اهميت نه ڏني ۽ ان وقت جي ملٽري اسٽيبشلمينٽ جي شرطن مطابق اقتدار قبول ڪيو، جيڪا ڳالهه مرتضى سان سندس وڌيڪ اختلافن جو سبب بڻي. ان کان پوءِ به هو ايترو پري نه ٿيا هئا پر جڏهن 93ع جي اليڪشن دوران مرتضى ڏيهه واپس ورڻ پئي چاهيو ته هن پنهنجي ۽ ڪجهه ويجهن ساٿين لاءِ 9 ٽڪيٽن جي گهر ڪئي، پر بينظير اهي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ فقط هڪ صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ مرتضى کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا هن قبول نه ڪئي ۽ آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهي ايم پي اي چونڊيو ويو، بعد ۾ پنهنجي الڳ پارٽيءَ جو بنياد رکيائين.
هڪ جاءِ تي پارٽي ورڪر جو حوالو ڏيندي لکي ٿي ته ان ٻڌايو هو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي اڳيان پارٽي اڳواڻ ڪوڙ ڳالهائڻ کان ڊڄندا هئا، جڏهن ته بينظير جي اڳيان سچ ڳالهائڻ کان ڊڄندا آهن. ان سان گڏ بينظير جنهن کي پاڻ وڏي بوا سڏيندي هئي، جي حڪومت جي آپريشن ڪلين اپ سميت ٻين ڪافي ڳالهين تي تنقيد ڪئي آهي. بقول سندس جنهن وقت مرتضى ملڪ کان ٻاهر رهي پنهنجي والد لاءِ انصاف ۽ حمايت حاصل ڪرڻ ۾ رڌل هو، ان وقت بينظير ملٽري جي شرطن مطابق اقتدار قبول ڪري پنهنجي والد جي قاتلن سان هڪ طرح جو سمجهوتو ڪيو. هوءَ لکي ٿي ته مرتضى ڀٽو جڏهن پنهنجي والد جي آزادي لاءِ پرامن جدوجهد ڪري رهيو هو ته ان وقت هن کي هڪ خط مليو جنهن ۾ کيس هدايت ڪيل هئي ته جيڪڏهن کيس (ذوالفقار علي ڀٽي) کي قتل ڪيو وڃي ته سندس پٽ (مرتضى ۽ شاهنواز) سندس قتل جو بدلو وٺن. بقول فاطمه جي ان پاڻ اهو خط نه پڙهيو پر ان جي باري ۾ کيس سندس والد جي يوناني دوست ڊيلا رونڪ ٻڌايو. ڊيلا رونڪ يوناني جنرل روفو گالس جي زال هئي، ڪتاب ۾ ان جي مرتضى سان تمام گهڻي ويجهڙائپ ۽ عشق ڏيکاريل آهي. ايتري قدر جو مرتضى، ڊيلا کي شاديءَ جي آڇ به ڪئي هئي. ان سان گڏ فاطمه پنهنجي افغان ماءُ فوزيا ۽ پنهنجي ماسي ريحانه جو ۽ انهن جي مرتضى ۽ شاهنواز سان ويجهڙائپ جو ذڪر به ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ فاطمه، بينظير تي هڪ ٻيو الزام به هنيو آهي. بقول سندس جڏهن هو شاهنواز جو ڪيس وڙهندڙ وڪيل زاڪ برجس کيس ٻڌايو هو ته بينظير ان جي مٿان دٻاءُ وڌو هو ته هو شاهنواز جي قتل کي دٻائي ڇڏي، نه ته مرتضى ان ڪوشش ۾ هو ته ان قتل جي جاچ ڪرائي پاڪستان تي عالمي دٻاءُ ۾ اضافو ڪري پر بينظير پاڪستاني اسٽيبشليمنٽ ۽ سگهارن ادارن کي ناراض نه پئي ڪرڻ چاهيو. آصف زرداري جيڪا ڪرپشن بينظير جي دور حڪومت ۾ ڪئي اها بينظير جي حمايت سان ڪئي، بينظير شايد شريف خاندان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ دولت پئي گڏ ڪرڻ چاهي.
ان سان گڏ هوءَ لکي ٿي ته شام جي صدر حافظ الاسد، پنهنجي خاص جهاز ۾ مرتضى کي پاڪستان پهچائڻ پئي چاهيو پر بينظير ان جي اجازت نه ڏني يا جڏهن مرتضى تي ڪو ڪيس ثابت نه ٿيو ته به بينظير هن کي جيل مان آزاد ڪرڻ نه ٿي چاهيو. هوءَ چوي ٿي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي ٺاهيل پيپلزپارٽي کيس ڏنل ڦاسيءَ سان گڏ ختم ٿي ويئي، ان کان پوءِ واري پيپلزپارٽي نئين پارٽي هئي جنهن ۾ آصف زرداري جا دوست ۽ ضياءَ جا ساٿي شامل ٿيا.
هن سموري روئيداد ۾ جتي فاطمه ڀٽو مختلف وقتن ۾ مرتضى تي لڳل الزامن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي، اتي موجوده پيپلزپارٽي، آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽيءَ جي انهن ماڻهن تي تنقيد ڪئي آهي جيڪي ضياءُالحق جي مارشل لا دور ۾ مخلتف سياسي عهدن تي ويٺل هئا. ان سان گڏ بينظير جي شهادت واري واقعي تي ڪافي ڏکويل به نظر اچي ٿي. ان سان گڏ جڏهن هوءَ سندس ڀاءُ ذوالفقار ڀٽي جو ذڪر ڪري ٿي ته ان وقت هڪ خوف ۽ حساسيت جو شڪار نظر اچي ٿي، جنهن ۾ مرتضى جي قتل وقت گهر ٻاهران فائرنگ جا آواز ٻڌڻ وقت سندس ڪيفيت يا جڏهن هوءَ چوي ٿي ته بينظير جي تدفين وقت ذولفي جونيئر 17 سالن جو هو پر هن ان خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن ته هو ڀٽي خاندان جو اڪيلو مرد آهي، ان ڪري هن کي ضرور تدفين ۾ شرڪت ڪرڻ گهرجي، ان ڪري هو سخت خطري باوجود تدفين ۾ ويو ۽ بعد جڏهن آصف زرداري پيپلزپارٽيءَ جي قيادت سان گڏ ملڪ جي صدارت جي منصب تي پهتو تڏهن پڻ هو خوف ۾ مبتلا ٿي پيا ته ڀٽي خاندان جي اڪيلي بچيل وارث کي نقصان پهچايو ويندو.
هن ڪتاب لکڻ لاءِ فاطمه ڀٽو خاندان جي مختلف فردن جي ڊائرين، خطن، اخبارن، رسالن، مخلتف ڪتابن مان مدد وٺڻ سان گڏ سندس خاندان جي ويجهي رهندڙ فردن جا انٽرويو به ڪيا آهن. ان سان گڏ پيپلزپارٽيءَ جي ڀٽي جي دور جي ماڻهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون، جن جي ذريعي هن ڪتاب لاءِ مواد به گڏ ڪيو ۽ هڪ طرح پنهنجي والد جي قتل جو ڪيس پڙهندڙن اڳيان رکيو آهي. جنهن ۾ محبت، نفرت، ڏک، ڪاوڙ، خوف، جوش جذبي واريون سموريون ڪيفيتون نظر اچن ٿيون. باقي بيان ڪيل تاريخي واقعا ڪيتري قدر حقيقت تي ٻڌل آهن يا اهي فقط نفرت جي اظهار طور بيان ڪيا ويا آهن، ان جو اندازو هن ملڪ جي سياسي تاريخ جا ڄاڻو ئي لڳائي سگهن ٿا.