پهرين پاڻ سوويت يونين ۽ آمريڪا جي سرد جنگ جي هڪ ڪهاڻي ٻڌائينداسين پوءِ پاڻ ٻي سرد جنگ جي ڪهاڻي ٻڌائينداسين.
پهرين سرد جنگ جي عروج ۾ ائٽمي هٿيارن سان ڀريل 12 کان 24 آمريڪي 52- B بمبار دنيا جي سمورين ڪنڊن تائين رسائيءَ لاءِ مختلف رستن تي 24 ڪلاڪ اڏام ۾ رهيا ته جيئن ڪنهن لمحي سوويت يونين ائٽمي حملي ۾ اڳرائي ڪري ته وقت سر اثرائتو شروعاتي جواب ڏئي سگهجي.
17 جنوري 1966ع تي اهڙو ئي هڪ 52- B جهاز آمريڪي ساحلي رياست اتر ڪيرولينا کان روم جي سمنڊ تائين گشتي دائري ۾ اڏام ڪري رهيو هو ته ان کي ري فيولنگ جي ضرورت پيش آئي، تنهنڪري آمريڪي هوائي فوج جو هڪ ڪي.سي-135 آئل ٽينڪر ڏکڻ اسپين کان اڏيو ۽ 52- B کي ري فيول (تيل ڀرڻ) ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ٽڪرائجي ويو. ٻئي جهاز باهه جو گولو بڻجي ويا. ري فيولنگ ٽينڪر جو چار رڪني عملو سڙي تباهه ٿي ويو ۽ 52- B جي ست رڪني عملي مان 4 پيراشوٽنگ ڪري ويا، ٻنهي جهازن جو ملبو ڏکڻ اسپين جي ساحلي ڳوٺ پلوماريز جي چوڌاري پکڙجي ويو.
جهازن جا حادثا ته ٿيندا رهندا آهن پر مسئلو اهو هو ته ان 52- B جهاز تي هڪ هائيڊروجن بم ۽ ٽي ائٽم بم موجود هئا. ٽئي ايٽم بم خشڪي تي ڪريا، هڪ صحيح سلامت ملي ويو، باقي ٻن جا جيئن ته پيراشوٽ نه کلي سگهيا تنهنڪري اهي لهڻ بدران ڪرندي ئي زمين ۾ گهڙي ويا. انهن جو خول ٽٽڻ سان لڳ ڀڳ 100 ايڪڙ جي ايراضي ۾ 7 کان 10 ڪلوگرام پلوٽونيم پکڙجي ويو، تنهنڪري ان علائقي کي خالي ڪرائي ناڪابندي ڪئي وئي ۽ 24 ڪلاڪن اندر 7 سئو آمريڪي فوجن ۽ دفاعي ماهرن ٽئي بم ناڪارا بڻائي ڇڏيا.
مسئلو چوٿين بم جو هو ۽ هي هائڊروجن بم هو، جيڪو سمنڊ ۾ وڃي ڪريو هو ۽ 2 هزار 8 سئو پنجاهه فوٽ جي گهرائي ۾ دٻجي ويو. خدشو هو ته ڀرپاسي اڏامندڙ سوويت جاسوسي جهاز ڪٿي ان کي قبضي ۾ وٺڻ جي ڪوشش نه ڪن. ويهه کان مٿي آمريڪي جهازن ۽ آبدوزن کي گهرايو ويو ۽ چئن مهينن جي ڳولا کانپوءِ به ملي ويو.
سمنڊ مان ڪڍيل ان بم جون تصويرون اولهه جي اخبارن ۾ شايع ڪرايون ويون. ته جيئن سوويت يونين ٽيڪنالاجيءَ ۾ آمريڪي اڳڀرائي جي باري ۾ ڪنهن غلط فهميءَ جو شڪار نه ٿئي ۽ ان کي ائٽمي هٿيارن جي تحفظ جي آمريڪي صلاحيت جي باري ۾ پروپيگنڊا جو تازو هٿيار نه ملي سگهي. ان آپريشن تي 1966ع ۾ 10 ملين ڊالر خرچ ٿيا. اڄ به پلوماريز ڳوٺ جو 100 ايڪڙ ٽڪرو تابڪاري سبب منع ٿيل علائقو بڻيل آهي ۽ آمريڪا ان جي مڪمل صفائيءَ لاءِ ڪو خاص سهڪار ناهي ڪيو. البت ٻين ممڪنه متاثر علائقن جي 3-3 انچ زمين کوٽي ان جي مٽيءَ کي ضرور ٺڪاڻي لڳايو ويو آهي.
اسپين ۽ آمريڪي دنيا کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هي علائقو تابڪاريءَ کان پاڪ آهي ۽ اسپين ۾ آمريڪي سفير بڊل ڊيوڪ جي پلوماريز جي ساحل تي وهنجندي تصويرون به شايع ٿيون پر اڄ 56 سالن کانپوءِ به سياح ان ڳوٺ جو رخ ڪرڻ کان لهرائين ٿا ۽ هتان جي هارين کي زرعي پيداوار جي وڪري ۾ به ڏکيائي پيش اچي ٿي.
1974ع ۾ آمريڪي رياست هوائي ويجهو هڪ سوويت آبدوز حادثي ۾ ٻڏي وئي. آمريڪي سي آءِ اي ان کي ڪيترن ئي ڪوششن کان پوءِ سمنڊ جي تهه مان ڪڍي ڇڏيو ته جيئن سوويت ٽيڪنالاجيءَ جو مطالعو ۽ ان جو ٽوڙ ٿي سگهي. پهرين سرد جنگ جو خاتمو ته 1990ع ۾ سوويت زوال سان ٿي ويو هو هاڻي 21هين صديءَ جي سرد جنگ ۾ آمريڪا سان مقابلو ڪندڙ چين آهي.
گذريل هفتي 24 جنوريءَ تي هڪ ايف-35 جهاز چيني سمنڊ ۾ آمريڪي جهاز کڻي ويندڙ جهاز ڪال ونسنٽ جي ڊيڪ تان اڏام ڀريندي سمنڊ ۾ وڃي ڪريو ۽ 8 هزار فوٽ گهرائي ۾ هليو ويو. هي حادثو جيتوڻيڪ عالمي سامونڊي حدن ۾ ٿيو پر مشڪل اها آهي ته چين ڏکڻ سمنڊ جي پوري علائقي جو دعويدار آهي. ان حادثي جي اهميت ان لاءِ جو ايف-35 هن وقت آمريڪي هوائي فوج ۽ نيوي جو فخر آهي. هڪ سئو ملين ڊالر جي قيمت وارو هي ويڙهاڪ جهاز 19 سئو ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان دشمن جي ريڊار جي زد ۾ اچڻ کان سواءِ اڏام ڪري سگهي ٿو. ايف-35 کي آمريڪي پيار مان اڏامندڙ سپر ڪمپيوٽر چون ٿا ۽ اها به دعويٰ ڪن ٿا ته هي گهٽ ۾ گهٽ 2050ع تائين آمريڪي هوائي دفاع جي ڪرنگهي جي هڏي هوندو.
چيني پرڏيهي وزير ڊرائولي جيان چيو آهي ته هنن کي ان حادثي ۾ ڪا دلچسپي ڪانهي پر آمريڪين کي ڳڻتي آهي ته ڳولا جي اوزارن سان ڀريل آمريڪي نيوي جي خاص جهازن کي ان علائقي ۾ پهچڻ ۾ 10 کان 15 ڏينهن لڳي سگهن ٿا ۽ اهو مدو ڪنهن به رساگيري لاءِ گهڻو آهي. جڏهن ته آمريڪي نيوي مئي 2019ع ۾ فلپينز جي سامونڊي فوج وارين حدن ۾ ساڍا 18 هزار فوٽ گهرائي مان هڪ فوجي ٽرانسپورٽ جهاز جو ڍانچو ڪڍي گنيز بڪ ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري چڪي آهي.
آمريڪين کي بظاهر اهو اطمينان آهي ته چين وٽ ايتري سامونڊي گهرائيءَ ۾ ڪو ڍانچو ڪڍڻ جي مهارت يا ٽيڪنالاجي ناهي پر ان مفروضي تي ڀاڙي به نٿو سگهجي. ڀلا ڪير دشمن نه چاهيندو ته آمريڪي جنهن جهاز تي ايتري قدر بانور ڪري ٿو، ان جي ڪل پرزي ۽ اعصابي نظام جي پوسٽ مارٽم جو ڪو به امڪان ضايع ٿئي. 1972ع ۾ چين جي اتر ساحلي علائقي ۾ ٻڏندڙ هڪ برطانوي آبدوز پوسيڊون جو ڍانچو ڪڍي چڪو آهي. جڏهن ته ان وقت چين ايترو ترقي يافته به ڪو نه هو.
اپريل 2001ع ۾ هڪ آمريڪي اي.پي-3 جاسوس جهاز چيني حدن ۾ اڏام دوران هڪ جهاز سان ٽڪرائجي هنگامي طور هنان صوبي ۾ لهي ويو. ان حادثي ۾ چيني پائليٽ مارجي ويو. چين پنهنجي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ۽ پائليٽ جي موت تي سخت احتجاج ڪيو ۽ 11 ڏينهن کانپوءِ ڪيل لکت واري آمريڪي معذرت کانپوءِ جاسوس جي 24 رڪني عملي کي وڃڻ جي اجازت ڏني. البت جاسوس جهاز ٽن مهينن تائين چينين جي تحويل ۾ رهيو.
آمريڪين کي پورو يقين آهي ته مئي 2011ع ۾ اساما بن لادن کي گرفتار ڪرڻ دوران ريڊار تي نظر نه ايندڙ جيڪو آمريڪي هيليڪاپٽر بن لادن جي ڪمپائونڊ ۾ لهندي تباهه ٿي ويو هو. ان جي ڍانچي تي چيني جانچ ڪندڙ هٿ صاف ڪري چڪا آهن. تنهنڪري جيستائين آمريڪي دفاعي ماڻڪ ايف-35 سمنڊ مان نٿو نڪري، دفاع واري کاتي جي ننڊ حرام آهي.