پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهندا هئاسين. ڪرسٽوفر مارلو جو ڊرامو ڊاڪٽر فاسٽس پڙھڻ دوران ستن خوفناڪ ڏوهن بابت پڙهايو ويو، جنهن ۾ غرور پھرين نمبر جو خطرناڪ گناھه هو. ڪلاس ۾ هٺ، غرور ۽ وڏائيءَ کي نندڻ کانپوءِ اسان ٻاھر نڪرندا هئاسين ته اسان مان هرڪو چاهي استاد هجي يا شاگرد ان بيماريءَ ۾ ورتل هوندو هو. هر ڪو پنهنجي انا ۽ هلڪڙائپ جي ور چڙهيل هوندو هو. اسان ڊاڪٽر فاسٽس جي شيطاني روپ ۽ پيراڊائيز لاسٽ جي شيطان سان جام نفرت ڪئي پر الائي ڇو پاڻ ۾ اها بيماري هوندي پاڻ سان ڪڏهن نفرت نه ڪري سگھياسين.
هيڄُ نه هوندو جَنِ، سي ڪيئن وِندُرِ وينديون؟
وِھو وِچِ رهن، سَھسين سَڌُنِ وارِيون.
شايد اسان کي پنهنجو پاڻ کي سڌارڻ يا سماج کي سڌارڻ جي سڪ نه هئي. اسان مان اڪثريت کي براين جي سُڌ هوندي به حق ۽ سچ جي رستي نه هلياسين ۽ وچ رستي (نوڪري، دولت، سک) کي ڏسي ويھي رھياسين. ائين ڇو ٿيو؟ ان جا کوڙا سارا سماجي، نفسياتي، طبقاتي، تاريخي سبب ٿي سگهن ٿا پر هڪ سبب جنهن جو ذڪر مان ڪرڻ چاهيان ٿو اهو هيءُ آهي ته پاڻ کي فقيري سنگت نصيب نه ٿي. پاڻ کي پاڻ سڃاڻڻ وارو، عشق ۽ نيستيءَ جي راھه تي هلائڻ وارو نه مليو. اڪثريت اهڙن جي ملي جيڪي آسمان ۽ هوائن تي هلندا هئا زمين ته هلڻ وارا ڪونه مليا. جي اڃا واضح ڪري لکجي ته سنگت جا ٻه قسم هوندا آهن جنهن بابت مرشد ٻڌايو. هڪ سنگت آهي،
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏاڍو ٿئي.
۽ ٻي سنگت آهي،
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏور ٿئي.
ته پاڻ وٽ عمومن جيڪا سنگت آهي ان سان ويھجي ته ڏک ڏاڍا ٿي ويندا آھن يعني وڌي ويندا آهن. انهن جي زندگيءَ جو مقصد روڪڙو، پئسو، طاقت، مشھوري ۽ عجيب فينٽسي هوندي آهي. انهن سان ڪچھري ڪريو بحث جا موضوع علم ۽ سچ کان علاوه هوندا آهن. اهي پنهنجي ذات، رعب ۽ دٻدٻي جي خمار ۾ پيل هوندا آھن. انهن جي هڪ ٻئي سان سنگت به جاري ته سنگت جي گلا به جاري ته اھڙي واري سنگت کان مرشد چيو،
سا مجلس ئِي مَٽِ، جي حاصل هوءِ هزار جو.
مرشد اهڙي محفل ۽ سنگت کي مٽائڻ جي صلاح ڏئي ٿو، ڀلي اهڙي سنگت مان توهان کي هزارن جو آسرو هجي (اڄ جي حساب سان ڪروڙن جو) اهڙي سنگت مان هٿ ڪڍو. جنهن سنگت ۾ پيار، علم، سچ، ڏاھپ جو اڃ وچ ئي ناهي اهڙي سنگت مان اوهان ڀلي دنيا جا فائدا وٺو پر سڪون ڪڏهن وٺي نه سگھندا.
ٻيءَ سنگت بابت مرشد چوي ٿو ته اها آهي جن سان ويھجي ٿو ته ڏک پري ڀڄي وڃن ٿا. اهيا فقيرن جي سنگت آهي. اها انهن جي سنگت آهي جيڪي پنهنجي روح جي بيمارين سان وڙهندا آهن. جن وٽ دوستي سچي پيار ۽ احترام جو نالو هوندو آهي. هي سچ، حق، محبت، انسانيت کي ڳولڻ وارن مان هوندا آهن. هنن وٽ انا ۽ هوڏ ناهي هوندو. هي اهي هوندا آهن جيڪي مرڻ کان اڳ مري چڪا هوندا آهن. مرشد لطيف اهڙي سنگت لاءِ چيو،
تَنَ! تنين سي ڪَٽِ، اوڏا اَڏي پَکڙا.
اهڙو فقراءُ لڏو جيڪو اسان جي ستل، بي حس، ۽ بي هوش اندر کي جاڳائي وجھي. اها دوستي يا اهو پيار جيڪو اسان کي پنهنجي اندر جو کوٽون ٻڌائي ته مرشد چئي ٿو ته انهن جي پاڙي ۾ وڃي رهھ. سر رامڪلي ۾ جوڳي، فقير ۽ سامي مرشد لطيف جي شخصيت تي اهڙو اثر ڇڏي ويا جو مرشد چئي ڏنو؛
سُتي سيڄ هياس، مون کي آھه اٿاريو،
جنين جاڳاياس، آئون نه جئندي اُنِ ري.
مان ڏاڍو سک ۽ آرام سان ستل هيس پر هنن ڪا اهڙي آھه يا رڙ ڪئي جو اندر ۾ ٿرٿلو مڃي ويو. لطيف محسوس ڪيو ته هو ڪھڙي اگھور ننڊ ۾ پيل هو. هاڻي جنهن جاڳايو آهي اهڙي فقيرن کانسواءِ نه جيئندس. هو اهي هئا جيڪي دنيا جي ڪوڙن دستورن تي هلڻ وارا نه ھئا. هي اهي هئا جن کي نيستي جو راز سمجهھ ۾ آيل هو. جڏهن اهي لطيف کي بغير ٻڌائڻ جي هليا وڃن ٿا ته مرشد بي چين ٿي چوي ٿو ته؛
ڳوليان ۽ ڳُنڌيان، ويا ويراڳي نڪري،
صحبت جا سنديان، آئون نه جئندي ان ريءَ.
سر ڪارايل ۾ هنج ۽ ٻگھه پکي جي تمثيل ۾ مرشد ساڳي ڳالهھ سيکاري ٿو ته هنج پکي صاف ۽ گھري پاڻي (انسان جو اندر) لاءِ سڪندو ۽ ان طرف ويندو آهي ته جيئن ڏاهپ ۽ نماڻپ جا موتي هٿ ڪري اچي جڏهن ته ٻنگھه ڪنارن ۽ مٿاڇرن (دنيا يا ٻاھريون ڏيک) جي فڪر ۾ بيهي گپ چچ گڏ ڪندو آهي ۽ پو مرشد فرمايو؛
هنجن سين هيڪار، جي ڳڻ ڪري نھارئين،
ٻگھن ساڻ ٻيھار، ٻيلھه نه ٻڌين ڪڏهين.
جنهن هڪ دفعو هنجن (فقيرن، دل جي صاف ماڻهن) سان قرب جو واسطو رکي ڏٺو، اهي ٻيو دفعو ڪڏهن ٻگھن (منافقن، ڪوڙن، هوڏ پرستن) سان صحبت نه ڪري سگھندا. تنهنڪري ڪھڙي سنگت ۽ دوستي ۾ رهڻ گھرجي اهو ڄاڻڻ تمام اهم آهي ته جيئن اسان پاڻ ۾ انسانپڻي جون خوبيون پيدا ڪري سگھون. انسانپڻي جون اهي خوبيون جيڪي اسان سڀني وٽ هونديون آهن پر اسان هنجن جھڙو اندر رکندڙ پنھنجي ناداني سبب ڪانير (ٻگھن) جي سنگت ۾ رهي پنهنجي من کي ڪارو ڪري ڇڏيندا آهيون. مرشد ان ڪري ڪانيرن جي سنگت کان خبردار ڪري ٿو
ھاريا هنج! ٻگھن سين، ڪيھي ٻُڌي ٻيل؟
ميرو مٽائج تون، اڇي ڪر اُڪيل،
ڪنگن ساڻ ڪويل، للا! جم لُڙُ پئين.
جيڪڏهن ڪير اهڙي فقراءِ لڏي جي سنگت کان محروم آهي ته وري به هو پنهنجي ذات تي ڪم ڪري سگھي ٿو. سماج پاران ڏنل سڃاڻپ کي پرزا پرزا ڪري سگھي ٿو، پاڻ کي فنا ۽ نيستيءَ جي رستي طرف وٺي وڃي سگهي ٿو جيڪو بلا شڪ انتھائي ڏکيو ۽ خوفناڪ عمل آهي. پنهنجيءَ ذات کي سچ ۽ عشق جا هٿوڙا هڻي ڊاهڻ ڪيترو هيبتناڪ عمل ٿي سگھي ٿو، اهو مرشد لطيف جي هيٺئين بيت ۾ ڏسو جنهن جي هتي ٿيل تشريح توهان کي ٿي سگهي ٿو ته عام رواجي تشريح کان الڳ لڳي.
گھڙي گَھڙو هَٿ ڪري، اِلاهي تُھار!
ڄَنگَهھ ڄَرڪي وات ۾، سِسِي کي سيسارَ
چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙهيَس وار،
لَکين چُهَٽيس لوهِڻيوُن، ٿيلھيُون ٿَرِنئوُن ڌارَ،
مِڙِيا مَڇَ هزارَ، ڀاڱا ٿيندي سُھڻِي!
مٿئين بيت جي لفظي معنيٰ ۾ لطيف سھڻيءَ جو پاڻي ۾ خدا جي آسري دلو کڻي لھڻ جي ڳالھه ڪئي ۽ پوءِ ڇرڪائيندڙ منظر ڪشي ڪئي اٿائين ته ڪيئنءَ سھڻي جي ڄنگھه ڄرڪي جي وات ۾ ۽ هن جي منڊي واڳونءَ جي وات ۾ آهي، وار پاڻي ۾ لڙهندي نظر اچن پيا ۽ ٻانھن ۾ پاتل چوڙيون پاڻي جي مخلوقن جي چڪن سبب چٻيون ٿي ويون آهن. سھڻيءَ جي بدن جي چوڌاري لکين مڇيون ۽ هزارين مانگر مڇ چوڌاري ڦري ويا اٿس ۽ اڄ سھڻي ذرا ذرا ٿي ويندي.
پر تمثيلي معنيٰ ۾ هيءُ بيت ماڻهوءَ جي ان نفسياتي حالت کي اظھاري ٿو جنهن ۾ فرد پنهنجي پراڻي يا سماج طرفان ڏنل ذات مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش دوران ذهني ۽ روحاني تشدد کي محسوس ڪندو آهي. اھڙي ذهني ڪرب جي باري ۾ اهڙن فردن کان پڇو جن سماج سان بغاوت ڪري، سماج طرفان ڏنل ذات کي ڀوري پرزا ڪري پاڻ سڃاڻڻ جي عمل ۾ پيا. جن پاڻ کي، سماج کي ۽ ڪائنات کي سمجھڻ جي ڪاوش ڪئي. اھڙي ذهني ڪرب جو انهن کان پڇو اهي توهان کي ٻڌائيندا ته اُڌاري شناخت مان جان ڇڏائڻ ڪيترو مشڪل ۽ ڏکيو ڪم آهي. اهي ڪيتري پيڙا ۽ ذهني تشدد مان گذرن ٿا. مٿئين بيت ۾ مرشد لطيف سھڻيءَ جي جسماني تشدد جو جيڪو پس منظر چٽيو آهي اهو دراصل اهو تشدد آهي جيڪو هر انسان ذهني طور محسوس ڪندو جڏهن هو سماجي روايتن ۽ خيالن کان انڪار ڪري پنهنجي نئين شناخت جوڙڻ جي ڪرت ڪندو. بھرحال پس منظر ظاھري هجي يا باطني هڪ جيترا ئي خوفناڪ آهن ڇو جو پنهنجي پراڻ مان هٿ ڪڍڻ سولو ناهي هوندو جنهن کي هي بيت واضح ڪري ٿو.
منهن جنھنجي مون، ڏٺو مُنهن ميھارَ جو
آهيَمِ ساھَه سئُون، سو ڪيئن گھڙو گھوريان؟
سھڻي چوي ٿي ته اهو دلو ئي ته آهي جنهن جي بھاني محبوب جو ديدار ڪري اچان ٿي ساھه به پيارو آهي ان گھڙي (ظاھري شناخت) مان هٿ ڪيئن ڪڍان؟ اسان به شناخت مان جان ناھيون ڇڏائي سگھيا. لڳندو آهي ته سماج پاران ڏنل سڃاڻپ ئي اسان جو سچ آهي. پوءِ فرد شڪ ۽ وسوسن جو شڪار ٿيندو آهي. سماجي دٻاءُ، جيئڻ جو شوق هن کي گھڙو (شناخت) ڀڃڻ کان روڪيندو آهي پر مرشد لطيف چوي ٿو،
گھڙو ڀڳو ته گھوريو، مر چور ٿئي چوڙو
يا
گھڙو ڀڳو ته گھوريو پاڻ هوءَ حجاب.
اهو گھڙو (شناخت) ڀڳو ته ڀلو آهي. اهو گھڙو توهان جي پرين يا پنهنجي اندر جي سچائي سان ملائڻ ۾ رڪاوٽ هئي. ۽ جڏهن ڪير پنهنجي شناخت ڊاھڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته مرشد هن کي هي خوشخبري ٻڌائي ٿو،
گھڙو ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا ويا
تنهان پوءِ سئا سھڻي سڏ ميهار جا.
(گھڙو ڀڳو) پنهنجي شناخت کي ختم ڪري، (منڌ مئي) مرڻ کان اڳ پاڻ کي ماري، (وسيلا ويا) دنياوي سڀ آسرا ختم ڪري، جڏهن سھڻي عشق جي سمنڊ ۾ غوطو هڻي ٿي تنهن کانپوءِ هن کي (ميھار جا سڏ) زندگي جو مقصد يا راز ملي پوي ٿو.
(هلندڙ)