ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائيءَ جو ماريل عوام

Editorial

جڏهن کان پي ٽي آءِ اقتدار ۾ آئي آهي، ان سان نه رڳو ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي آهي پر مهانگائي پڻ گهڻي وڌي وئي آهي. جنهن جي ڪري هن وقت عام ماڻهوءَ جي حالت بنهه خراب لڳي پئي آهي. پر حڪومت ان ڳالهه کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب عوام پريشان آهي ۽ هو وڌيڪ مهانگائيءَ جو بار نٿو سهي سگهي. تنهن هوندي به مهانگائيءَ جي شرح گهٽ ناهي ٿي بلڪه وڌي رهي آهي. هڪ ڀيرو وري جيڪي رپورٽون مهانگائيءَ جي حوالي سان آيون آهن، اهي ڪي بهتر ڪونه آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مهانگائيءَ جي شرح ٻن سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، ماهوار بنيادن تي جنوري دوران ملڪ ۾ مهانگائي ٻڙي ڏهائي 39 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جنوريءَ ۾ مهانگائيءَ جي شرح 12 ڏهائي 96 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ستن مهينن جولاءِ کان جنوري دوران مهانگائيءَ جي سراسري شرح 10 ڏهائي 26 سيڪڙو رهي. ملڪ ۾مهانگائيءَ جي شرح ۾ واڌ جو بنيادي سبب پيٽروليم اسمن جي قيمتن ۽ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ واڌ ٿي آهي. مالي سال دوران پيٽرول، ڊيزل، بجلي ۽ کاڌي پيتي جي ڪيترين ئي شين جي قيمتن ۾ واڌ نمايان نظر آئي. ان کان سواءِ صحت، تعليم ۽ تفريحي سهولتون به مهانگيون ٿيون آهن. هن رپورٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت ڏينهون ڏينهن مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ ان جو احساس به حڪومت کي ناهي، ڇا حڪومت کي ان ڳالهه جو اندازو ناهي ته عام ماڻهو خاص طور تي نوڪري پيشه ۽ پگهادار طبقو ڪهڙي ريت پنهنجو گذر سفر ڪري رهيو آهي. ان صورتحال ۾ وچون طبقو يا هيٺيون طبقو ڪهڙي ريت گذارو ڪندو هوندو، ان جو اندازو به حڪومت کي شايد ناهي، جنهن کي هر وقت اهو ٿو لڳي ته ملڪي معيشت ترقي ڪري رهي آهي ۽ عوام سکيو پيو ٿئي. نواز شريف واري دور ۾ جيڪا معيشت جي صورتحال هئي، ان لاءِ چيو ويو ته هي جعلي معيشت آهي. حڪومت صحيح انگ اکر پيش ڪانه پئي ڪري ته ڇا عمران خان جي حڪومت عوام آڏو صحيح انگ اکر پيش ڪري رهي آهي. ملڪ جي سڄي معيشت هن وقت قرض کڻي هلائي پئي وڃي، ان کانسواءِ صورتحال اها آهي جو حڪومت عوام کي ڪوبه رليف ڏيڻ لاءِ تيار ڪانهي. ان جو مطلب اهو آهي ته هي حڪومت سمورن ٽيڪسن جو بار به عوام تي وجهڻ ٿي چاهي ته ان کانسواءِ اها عوام لاءِ مهانگائيءَ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي.
پي ٽي آءِ جا وزير مشير ملڪي معيشت ۽ مهانگائيءَ کي ٻين ملڪن سان ڀيٽيندا آهن پر ڪڏهن انهن عوام جي آمدنيءَ کي ٻين ملڪن سان ناهي ڀيٽو. ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن جي آمدني پاڪستان ۾ ڪمائيندڙ عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾بهتر آهي. پر هن وقت تائين به اسان کي وزير اعظم عمران خان ۽ سندس وزير مشير اهي ڳالهيون ڪندي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي. جڏهن ته پاڪستان هن وقت دنيا جي ٽن مهانگن ترين ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي. ڇا اهي سڀ انگ اکر ڪوڙا آهن، جيڪي هن وقت تائين آزاد ادارا پيش ڪندا رهيا آهن، جن ۾ عالمي سطح جا ادارا به شامل آهن. ان کانسواءِ تازو ئي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي جيڪا رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي، ان ۾ به اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن انتها درجي تائين پهچي وئي آهي. جنهن جو مطلب آهي ته هاڻوڪي حڪومت ڪرپشن کي به ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي ۽ نه ئي هي حڪومت ان نعري کي عملي طور ثابت ڪري سگهي، جنهن موجب عمران خان نوي ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ پئي چاهي. تنهنڪري حڪومت کي نه رڳو ان سچائيءَ کي قبول ڪرڻو پوندو ته هي حڪومت هر حوالي سان عوامي ڀلائي واري شعبي ۾ ناڪام وئي آهي پر پنهنجي انتظامڪاريءَ ۾ به بري طرح ناڪام وئي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ جي شرح عوام لاءِ وڌيڪ تڪليفن کي جنم ڏئي رهي آهي. تنهنڪري ان کي گهٽائڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت عوام جو مذاق اڏائڻ بدران حقيقتن کي قبول ڪرڻ ۽ ڪي عملي اپاءَ پڻ کڻي ته جيئن عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهي، اهو گهٽ ۾ گهٽ عام استعمال جون شيون سستي اگهه تي خريد ڪري سگهي. ٻي صورت ۾ عوام اٽو کائڻ لاءِ به سڪي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button