اسان جي اڄوڪي لکڻيءَ جو موضوع سنڌو ماٿري ۽ هندستان تي ٻڌل ننڍي کنڊ واري خطي کي 1947ع ۾ انگريزن کان مليل آزادي ۽ هڪ ئي وقت ۾ٻن آزاد ملڪن، پاڪستان ۽ هندستان جي دنيا جي نقشي تي اڀري اچڻ واري تاريخي واقعي ۽ عمل واري منظرنامي ۾تاريخ جي ڪجهه اهڙن لڪل پاسن ۽ تڪراري معاملن جو جائزو وٺڻ آهي، جيڪي اڄ ڏينهن تائين اسان جي قوم ۽ سماج ۾ مونجهارن ۽ تڪرارن جو سبب بڻيل آهن، جنهن سان قوم ۾ پنهنجي تاريخ ۽ وطن سان لاتعلقي ۽ پنهنجي حقن ۽ قومي مستقبل سان مايوسي ۽ فڪري ۽ ذهني مونجهارن جا تهن مٿان تهه چڙهي ۽ ڄمي رهيا آهن ۽ قوم جا ساڃهه وند ۽ سياسي ڌريون ۽ ڪارڪن پنهنجن تاريخي، سياسي، سماجي وهنوار تي درست ڏسا ۾قدم وڌائڻ ۾مشڪلاتن جو شڪار آهن ۽ پنهنجا فيصلا ۽ ڪم ذهني دٻاءُ ۽ مايوسين ۽ پريشانين واري ڪيفيت ۾ ڪرڻ ڪري نتيجا غلط ٿي رهيا آهن ۽ اسان جي زمين ئي اسان جي پيرن هيٺان نڪري رهي آهي. اسان جو پنهنجو ملڪ اسان کان ڦرجي رهيو آهي ۽ ملڪ تي والار ڪندڙ ڌريون ڪڏهن اسلام جي نالي ۾، ڪڏهن جهادين ۽ ڪڏهن ملڪ جي مالڪن خلاف سنڌو ديش ٺهڻ وارا خوف اٿاري ڪارروايون ڪري ملڪ جي وسيلن، زمينن، رياست ۽ ملڪ جي اقتدار اعليٰ تي پڻ قابض ٿي رهيا آهن. اسان جو قديم ۽ تاريخي وطن لڳاتار والار جو شڪار آهي.
ننڍي کنڊ جي هڪ ئي وقت تي آزادي واري عمل ۾14 آگسٽ 1946ع تي قائم ٿيندڙ ملڪ، پاڪستان جي حوالي سان ڪيتريون ئي بنيادي نوعيت جون غلط فهميون اڃا تائين سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾عام طور تي بحث هيٺ رهن ٿيون. جنهن ۾ ڪجهه اهم سوال هن ريت آهن ته، ڇا ٻه قومي نظرئي تحت وجود ۾ ايندڙ ملڪ پاڪستان، سنڌو ماٿري وارين قومن جي جمهوري وفاق طور وجود ۾ آيو يا اهو ملڪ هندستان جي سمورن مسلمانن جي ملڪ طور قائم ڪيو ويو هو؟ پاڪستان جي قديم قومن جي عام راءِ موجب، هي ملڪ هتان جي قديم قومن جو قديم وطن آهي، جنهن جي سڃاڻپ مذهب سان نه پر سنڌو ماٿري وارين قديم قومن سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، بلوچ ۽ پختون واري سڃاڻپ سان آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي هن خطي جون اصل قومون ۽ عوام پنهنجي ملڪ ۾موجود هو ۽ انهن پنهنجو وطن پنهنجي ووٽ ۽ جدوجهد سان پنهنجي جياپي ۽ پنهنجي قومي سڃاڻپ لاءِ آزاد ڪرايو آهي. هن خطي جو نئون نالو وفاق پاڪستان آهي پر اهو هندستان جي قومن ۽ هندستان يا دنيا جي مختلف علائقن جي آبادڪارن لاءِ ناهي. اهڙي قسم جون سياسي غلط فهميون هندستان ۾ پڻ موجود آهن ته، جيڪڏهن هندستان ٻه قومي نظرئي تحت هندن جي ملڪ طور آزاد ٿيو ته پوءِ اتي هندستان جي مسلمانن کي ڇو حق ڏنا وڃن ۽ اهي هندستان ڇڏي مسلمانن جي ملڪ پاڪستان هليا وڃن.
ٻي عالمي جنگ جي هاڃيڪارين جو شڪار ٿي 1945ع ۾ جڏهن انگريزن کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ لاءِ قبضا ڇڏڻا پيا ۽ بيٺڪيتن کي آزاد ڪرڻو پيو. برطانوي پارليامينٽ ۽ برطانوي حڪومت طرفان اهڙي صورتحال ۾ به پنهنجي قبضن جي ڌار ڌار تاريخ کي سامهون رکي فيصلا ڪيا ويندا رهيا ۽ حڪومت جي انهن فيصلن کي برطانيا جي راڻيءَ جي پڻ منظوري حاصل رهي. اهڙي ريت، هندستان ۽ سنڌو ماٿري وارين رياستن کي آزادي ڏيڻ وارا فيصلا پڻ انهي طريقيڪار موجب ڪيا ويا ۽ هن خطي ۾ ٻن ملڪن کي آزاد ڪرڻ واو فيصلو پڻ برطانوي پارليمان ۽ حڪومت طرفان ڪيو ويو ۽ ان تي عملدرآمد پڻ ڪيو ويو. آل انڊيا مسلم ليگ ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي سخت مخالف ڪانگريسي اڳواڻ ابوالڪلام آزاد جي لکيل ڪتاب موجب ”پاڪستان ٺهڻ جي فيصلي ۽ اعلان کانپوءِ جناح پنهنجي پوئلڳن (آل انڊيا مسلم ليگ) جي نالي ان پيغام سان ڪراچي روانو ٿيو ته، ملڪ هاڻي ورهائجي چڪو آهي ۽ هندستان جي مسلمانن کي هاڻي هندستان جو وفادار شهري هجڻ گهرجي.“ يعني، قائد اعظم طرفان پاڪستان کي اتان جي قومن جو ملڪ قرار ڏيڻ ۽ هندستان جي باقي مسلمانن کي هندستان جو ئي شهري قرار ڏيندي اتي رهڻ ۽ هندستان سان وفادار رهڻ وارو پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. (حوالو ڪتاب: اسانجي آزادي INDIA WINS FREEDOM ، صفحو 231 ، ليکڪ، ابوالڪلام آزاد، اڳوڻو صدر انڊين نيشنل ڪانگريس).
هوڏانهن، نئين قائم ٿيندڙ ملڪ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح طرفان ملڪ جي قانونساز اسيمبليءَ جي پهرين اجلاس کي 11 آگسٽ 1946ع تي خطاب ڪيو ويو. جنهن ۾ نئين ملڪ جي سياسي نظام ۽ سرشتي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن موجب ”هن ملڪ ۾ سمورن مذهبن جا عوام برابريءَ جي بنياد تي ملڪ جا شهري هوندا ۽ انهن کي هڪٻئي تي رنگ نسل جي بنياد تي متڀيد حاصل نه هوندو ۽ سمورن شهرين کي پنهنجن مذهبن ۽ عقيدن تي عمل ڪرڻ جا هڪجهڙا اختيار ۽ حق حاصل هوندا. هو پنهنجن مندرن، مسجدن، گرجا گهرن ۽ هرقسم جي عبادتگاهن ۾ وڃڻ لاءِ مڪمل طور تي آزاد هوندا. ملڪ جي سمورن شهرين کي برابريءَ جي بنيادن تي حق حاصل هوندا.“ قائد اعظم جي پنهنجي جماعت جي اخبار ڊيلي ڊان ۾ سنگل ڪالم ۾ شائع ٿي سگهيو. يعني ملڪ ٺهڻ کان اڳ ئي ڌارين جي قبضي ۾ هليو ويو.
ننڍي کنڊ جي آزاديءَ کان ٿورڙو اڳ پنجاب جو مذهبي بنيادن تي ورهاڱو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾هن خطي ۽ پنجاب جي عوام جي تاريخ جي هڪ وڏي رتوڇاڻ وارو سانحو ٿيو، رڪارڊ موجب ان ورهاڱي ۾ 8 لکن کان وڌيڪ معصوم انسان هڪٻئي جي هٿان ماريا ويا ۽ معذور بڻجي ويا ۽ هڪٻئي جي گهرن تي بي درديءَ سان حملا ڪيا ويا ۽ بي حرمتيون ڪيون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي. اولهه پنجاب مان 55 لک سک ۽ هندو اوڀر پنجاب منتقل ٿيا ۽ اتان 50 لکن کان مٿي پنجابي مهاجر مسلمان اولهه پنجاب ۾ داخل ٿيا. اهڙي ريت، هندستان جي ٻين علائقن دهلي، بمبئي اتر پرديش، هماچل پرديش ۽ ٻين رياستن مان پڻ لکين مهاجر پاڪستان منتقل ٿيا جنهن جو هڪ وڏو حصو سنڌ صوبي جي ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾آباد ڪيو ويو. نئين ملڪ جي حوالي سان ڳڻتي واري ڳالهه اها هئي ته، ملڪ جي قائم ٿيڻ کانپوءِ هي هيڏو وڏو ملڪ پنهنجي بنيادي روشن خيال ۽ سيڪيولر رياست واري رستي تي ته هلي نه سگهيو پر عام قسم جو جمهوري سرشتو پڻ هلڻ جي طاقت کان محروم ٿي ويو ۽ مڪمل طور تي سياسي بحرانن جو شڪار ٿي ويو. ملڪ، مارشل لائن جي ور چڙهڻ ۽ هندستان سان ٻن وڏين لڙائين ملڪ جي اقتصادي ۽ انتظامي طور تي چيلهه ڀڃي ڇڏي. اوڀر پاڪستان وارو حصو ڌار ٿي بنگلاديش بنجي ويو پر اسان جي سنڌو ماٿريءَ واري ملڪ تي لڳاتار هر پاسي کان ڌارين جا ڪٽڪ ولار ڪري رهيا آهن ۽ وسيلن، زمينن ۽ اختيارن تي قابض ٿي رهيا آهن. ان ڏس ۾ ڳڻتي واري ڳالهه ته اها آهي جو، ملڪ جون مالڪ اصل قومون پنهنجن حقن جي حفاظت ۽ جياپي لاءِ متحد ۽ گڏ ٿيڻ بدران پنهنجن پيرن هيٺان زمين نڪرندي ڏسي فقط حيران ۽ پريشان ٿي رهيون آهن.