ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عالمي سياح ۽ موھن جو دڙو ايئرپورٽ

Editorial-Article-Muhammad Khan Sial

سڄي دنيا جي مختلف ملڪن جا عالمي سيلاني، سنڌ جي اھم ۽ تاريخي جاءِ “موھن جو دڙو” ڏسڻ لاءِ ڪيترن ورھين کان ھوائي جھازن جي لاڳيتي اُڏامن ذريعي ايندا رھندا ھئا پر عمران خان سرڪار اقتدار ۾ اچڻ کان ڪجھه مھينا پوءِ اڏامن تي پابندي وجهي ڇڏي، يعني سال 2018ع ۾، جيڪا اڃا به برقرار آھي.
تازو سينيٽ ۾ پارليامينٽري معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان ڄاڻايو ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي سال 2018ع کان اڏامون بند آهن. سينيٽ ۾ سوالن جي وٿيءَ دوران سيف االله ابڙو کانئس پڇيو ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي ڪڏهن کان اڏامون شروع ڪيون وينديون سو ٻڌايو؟ علي محمد خان چواڻي 2018ع کان اڏامون بند آهن. بھرحال،”ڪمرشل اڏامن” جي ڪري موهن جو دڙو ايئرپورٽ کان اڏامون، ايئر آپريٽرز جي درخواست تي شروع ٿي سگهن ٿيون. ساڳي وقت علي محمد خان مملڪتي وزير اھا به دعوى ڪئي ته صورتحال اها آهي جو وزيراعظم عمران خان جي سرڪار آهي. سال 2023ع ۾ به وزيراعظم عمران خان ئي هوندو ۽ سنڌ ۾ به پي ٽي آئي سرڪار هوندي.
اھا سو سيڪڙو سچائي آھي ته سنڌ ۾ موھن جي دڙو (لاڙڪاڻو ضلعو) جون اھم ۽ پراڻيون اڏامون، عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کان ترت ئي پوءِ، ھڪطرفيون ڪارروايون ڪري بند ڪري ڇڏيون ھيون. جڏھن ته سچائي اھا آھي ته ڪيترن ورھين کان موھن جي دڙي ايئرپورٽ تي ھر ڏھاڙي فلائيٽون ڪاميابيءَ سان ھلنديون رھيون ھيون. جڏھن وزيراعظم عمران خان اھي فلائيٽون مڪمل بند ڪيون ته انھيءَ خلاف نه رڳو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) جي سربراهه بلاول ڀُٽي زرداري، سنڌ جي ٻين اڳواڻن ۽ عام ماڻھن سخت اعتراض ڪيو ھو ته زبردست پيھه جي باوجود، اھي فلائيٽون آخر ڇو بند ڪيون ويون آھن؟ اھا دکدائڪ سچائي آھي ته عمران سرڪار جي انھيءَ ناجائز ڪارروائيءَ تي سنڌ جي عوام کي وڏو صدمو پھتو ھو جيڪو اڃا به جاري آھي.
مان انھيءَ سلسلي ۾ ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو ته مان 18 سال پي آر او، پي آءِ اي ھيڊ آفيس ڪراچيءَ ۾ رھيو ھئس ۽ اٽڪل 12 سال مارڪيٽنگ مئنيجر (ڪل 30 ورھيه). اسان جو، موھن جو دڙو ايئرپورٽ تي ھلندڙ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ ايَ) اڏامن سان به واسطو ھوندو ھو. مان ڪيترا ڀيرا موھن جو دڙو ايئرپورٽ تي ويس ۽ نوٽ ڪيم ته ھر ڏھاڙي نه رڳو فلائيٽون ھلنديون ھيون پر رش ٻنھي طرفان کان گهڻي ھوندي ھئي. ڪيترا ڀيرا وڌيڪ رش کي منھن ڏيڻ لاءِ خاص فلائيٽون به ھلايون ويون. مون کي ياد آھي ته مون موھن جو دڙو کان ڪراچي موٽڻ چاھيو ٿي ته فلائيٽ ڀريل ھئي، سو پائليٽ کي چيم جنھن جھاز جي ملازمن جي ويھڻ جي سادي جاءِ ڏني.
مکيه ڳالھه ٻڌائڻ ضروري آھي ته موھن جي دڙي ايئرپورٽ تي مون پاڻ ئي نوٽ ڪيو ھو ته سڄي دنيا مان کوڙ ٽوئرسٽ يعني سيلاني، موھن جي دڙي جي تاريخي سائيٽ ڏسڻ ايندا ھئا. منھنجي ايمانداريءَ سان راءِ آھي ته موھن جو دڙو ايئرپورٽ جون فلائيٽون، وزيراعظم عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان ترت پوءِ بند ڪرڻ، پي آءِاي کانسواءِ سنڌ سان به کليو کلايو وڏو ظلم ھو ۽ آھي ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا مان کوڙ وزيٽرز موھن جو دڙو ڏسڻ لاءِ ايندا ھئا.
اصل ۾ عمران سرڪار کي نه رڳو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي عھديدارن کانسواءِ سنڌ سان به زوردار نفرت آھي تڏھن ته سال 2018ع جي آگسٽ مھيني ۾ عمران خان ۾ اقتدار ۾ آيو ته ڪجھه مھينن کانپوءِ، ساڳي سال اندر لاڙڪاڻي جي ھر ڏھاڙي، مقبول ۽ تاريخي فلائيٽون بند ڪري ڇڏيائين جيڪو ظلم ھو. ان کان ڪجهه وقت اڳ، لاڙڪاڻي جون ڪجھه فلائيٽون ڪنھن به جائز سبب کانسواءِ اوچتو رد ڪري، مسافرن کي پريشان ڪيو ويو. اھو نه رڳو سنڌ سان پر مجموعي طور سڄي دنيا کان ايندڙ سياحن سان به وڏو ظلم ھو. ھونئن به تاريخي فلائيٽون بند ڪرڻ وارو معمولي فيصلو ڪونه ھو. انھيءَ کي جيترو به نندجي َسو جائز ھوندو. جڏھن سنڌ جون اھي اھم ڪامياب فلائيٽون بند ڪيون ويون ھيون ته مون کي بہ دلي صدمو رسيو ھو ڇاڪاڻ ته منھنجو ڪو ذاتي فائدو ان سان ڪونه ھو پر مان سنڌ جي حوالي سان سوچيان ٿو.
ھاڻي جڏھن سينيٽ ۾ موھن جو دڙو فلائيٽون بند ڪرڻ جو مسئلو کنيو ويو ته لڳي ٿو رڳو خانه پُري ڪرڻ لاءِ مملڪتي وزير علي محمد خان جواب ڏنو ۽ ڄاڻايو آھي ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ کان اڏامن کي “ايئر آپريٽرز” جي درخواست تي جلد ئي شروع ڪيو ويندو. جيئن تہ عمران خان سرڪار سال 2018ع جي لاڳيتو فلائيٽون بند ڪرڻ جو اھم فيصلو ڪيو تنھن کان چڱائيءَ جي ڪا خاص اميد رکڻ، ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آھي. بھرحال،اھو عام تاثر آھي ته “ايئر آپريٽرز” جي درخواست تي عمل ڪرڻ وارو بيان رڳو خانه پُريءَ لاءِ ڏنو ويو آھي يا وري ايڪڙ ٻيڪڙ ڪمرشل فلائيٽن لاءِ کڻي استعمال ٿيندو پر انھيءَ مان عام ماڻھن کي ڪو فائدو ڪونہ رسندو.
ھونئن به مجموعي طور ڏسجي ته عمران خان سرڪار جو ھلندڙ چوٿين سال دوران رويو، سنڌ ڏانھن نامناسب ۽ زيادتين وارو رھيو آھي. ٻيو ته ٺھيو پر وفاقي سرڪار وڏن عھدن تي جيڪي پنھنجا ماڻھو مقرر ڪيا آھن تن ۾ سنڌي نه ھئڻ برابر آھن البت جيڪي ٻه وفاقي وزير مقرر ٿيا آھن تن مان محمد ميان سومرو (اصل جيڪب آباد) جو رويو سدائين سنڌ سان غداريءَ وارو رھيو آھي، جڏھن ته فھميدا مرزا جنھن کي پ پ پ جي سربراهه آصف علي زرداري پنجن سالن تائين قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر مقرر ڪري اھم عهدو ڏنو سا به پنھنجي مڙس خاطر عمران خان سرڪار جي حامي ۽ پ پ پ سان غدار رھي آھي. يعني عمران سرڪار جي سنڌ سان زيادتين تي اکر به ڪانه ڪڇندي آھي. بھرحال، سنڌ سان زيادتين تي اعتراض نه ڪرڻ، ظالمن جي پٺڀرائي آھي. ساڳي وقت مختلف وزيرن اھا بار بار دعوى ڪئي آھي ته عمران خان سال 2023ع ۾ به وزيراعظم رھندو ۽ سنڌ سرڪار به سندس پارٽي يعني پي ٽي آءِ جي ٺھندي. سندس انھيءَ بيان تان ياد آيو ته عمران خان وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ، ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو ۽ ڪراچي پريس ڪلب ۾ اھو به سخت اعتراض جوڳو بيان ڏنو ھئائين ته “اندرون سنڌ” وارن کي ڪراچيءَ تي حڪمرانيءَ جو حق ناھي. منھنجي خيال ۾اھو اعلان بلڪل غلط ھو ڇاڪاڻ ته عمران خان سرڪار جي وفاق توڙي ٽن صوبن پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ حڪومتون آھن پر اتان جي گاديءَ وارن شھرن جو وزيراعظم ۽ ٽي وڏا وزير ناھن، رڳو سنڌ سان اھڙو غيرقانوني ۽ ناجائز اعتراض وڏو ظلم ھو. بھرحال، سنڌ سان زيادتين جو سلسلو ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان جاري آھي.
جيتوڻيڪ عمران جا وفاقي وزير ۽ سندس پارٽيءَ جا ميمبر اھا بار بار دعوى ڪن ٿا ته سنڌ ۾ ايندڙ سرڪار به عمران خان جي ھوندي. منھنجي خيال ۾ عمران خان کي سنڌ ۾ گهٽ ووٽ مليل آھن. ڪل 168 سنڌ اسيمبلي ميمبرن مان اٽڪل 100 پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) جا ميمبر آھن، سو ايندڙ اليڪشن ۾ عمران خان جي پارٽيءَ کي سنڌ مان اڃا به گهٽ ملندا ڇاڪاڻ ته وفاق جون پاليسيون چئن ورھين کان کليو کلايو سنڌ خلاف رھيون آھن. بھرحال، عمران خان جا وزير ۽ سندس پارٽي پي ٽي آءِ جا اڳواڻ، سنڌ ۾ به ايندڙ اليڪشن (سال 2023) ۾ پي ٽي آءِ سرڪار ھئڻ جا بار بار بيان ڏين ٿا جن ۾ پرڏيھي وزير شاهه محمود قريشي شامل آھي، جيڪو پ پ پ دور ۾ به پرڏيھي وزير رھيو پر ھاڻي پ پ پ ۽ سنڌ جو ڪٽر مخالف آھي. منھنجي خيال ۾ وزير ۽ سندس پارٽيءَ جا اڳواڻ سمجهن ٿا ته “اسٽيبلشمينٽ”اداري (فرشتا) جن عمران خان کي پنھنجو “سليڪٽيڊ” سمجهي اقتدار ۾ آندو آھي، سي ايندڙ عام اليڪشن 2023ع ۾ به ٽنگ اڙائي عمران خان سرڪار کي وفاق کانسواءِ سنڌ سرڪار ۾ به آڻڻ جي ڪوشش ڪندا. جيڪڏھن ائين ٿيو ته منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب اھو سنڌ سان وڏو وڏو ظلم ھوندو ۽ عمران سرڪار، سنڌ ۾ اچڻ جي صورت ۾، پنھنجي پراڻي اعلان موجب سنڌ ٽوڙڻ جي به زوردار ڪوشش ڪندي. اھا به سچائي آھي ته سنڌي قومپرست، وزيراعظم عمران خان سرڪار جي سنڌ سان چئن سالن جي کليو کلايو زيادتين خلاف سندن نالو وٺي اکر به نٿا ڪڇن. اھو عام تاثر آھي ته سنڌ سان وفاق جي لاڳيتين زيادتين خلاف نه ڪڇڻ، ان جي اڻسڌي ريت حمايت ئي آھي. ٻئي طرف، جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ يعني امير سراج الحق، عمران خان جي ڪارڪردگيءَ تي تبصرو ڪيو آھي. سندس چواڻي: وزيراعظم عمران خان نعرا ٽيپو سلطان جهڙا لڳائي ٿو پر ڪم مير جعفر (غدار) وارا ڪري ٿو.
گهرو معاملن جي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد جي چواڻي وزيراعظم ۽ فوجي اڳواڻيءَ ۾ ڪوبه اختلاف ڪونھي. ملڪ جو فائدو انھيءَ ۾ آھي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ ھڪ ئي صفحي تي ھجن. ھن بي بي سي اردو سروس کي ڏنل انٽرويو ۾ اھا دعوى ڪئي. “سليڪٽيڊ” عمران سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ملي ڀڳت، سنڌ جي وجود کانسواءِ سنڌ جي وڏي گهڻائيءَ سان چونڊيل پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) سرڪار کي ناجائز ڊاھڻ جي ڪوشش ڪندا. بھرحال، سنڌ جي عوام کي، سنڌ جي وجود توڙي عوام جي چونڊيل سرڪار ٻنھي کي بچائڻ لاءِ ھوشيار رھڻ گهرجي ۽ بچاءُ لاءِ لازمي جدوجھد به ڪرڻ گهرجي جن ۾ سنڌ توڙي عوام جي ڀلائي سمايل ھوندي. ِ

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button