عمران خان جنهن اطمينان سان عوام جي مٿان مهانگائيءَ جو مينهن وسائي رهيو آهي، ان مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هن سان ايندڙ مدي جو به واعدو ڪيو ويو آهي. هاڻي اهو واعدو وفا ٿئي يا نه ٿئي! پر هن جي ڪن ۾ ڪجهه ته ڀڻڪيو ويو آهي. هو ايترو ٻالو ڀولو ناهي جو ائين آرام سان ويٺو هجي. هن جو اصرار اهو آهي ته سندس سرڪار ملڪ جا معاشي بنياد مضبوط ڪيا آهن. هن کي پنهنجي حيثيت تي ان حوالي سان ناز آهي ته هو نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ وانگر پنهنجا اثاثا ٺاهڻ جي پويان نه لڳل آهي. ان کان سواءِ هن وٽ اهو به دليل آهي ته ڪنهن به حڪمران کي پنهنجا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سال گهرجن. ان ڏس ۾ هو هن ڀيري پنهنجي خيال مطابق اقتدار جي پهرين اننگ کيڏي رهيو آهي. عمران خان سياستدان جهڙو به هجي پر شخصي طور تي هڪ تيز ذهن جو مالڪ ماڻهو آهي. هن کي معلوم آهي ته ملڪ لاءِ حڪمرانن جي چونڊ ڪندڙن کي هن جهڙو ايماندار ۽ فرمانبردار وزير اعظم نه ملندو. هو اسٽيبلشمينٽ لاءِ هڪ پرفيڪٽ ماسڪ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن جهڙو ماسڪ اسٽيبلشمينٽ کي ٻيو ڪٿي ملندو؟
عمران خان سياسي طور تي هڪ چال تمام ڪاميابيءَ سان چلي رهيو آهي ته هو پنهنجي مخالف ڌر سان اسٽيبلشمينٽ جا تڪرار تمام مهارت سان تيز ڪري رهيو آهي. هن جي ان حڪمت عمليءَ جو هاڻي مخالف ڌر کي به احساس ٿي ويو آهي. ان ڪري مخالف ڌر يعني ميان نواز شريف ۽ هن جا همنوا ڪجهه وقت کان وٺي اسٽيبلشمينٽ خلاف دونهيدار تقريرون ڪرڻ کان پرهيز ڪري رهيا آهن. ان جو مطلب اهو به آهي ته هو بيڪ ڊور ڊپلوميسي Backdoor Diplomacy جي ذريعي پنهنجا بگڙيل تعلق بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. عمران خان جي لاءِ پيپلز پارٽي ته تر جيترو به خطرو ناهي. عمران خان کي معلوم آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي بلاول کي اڳيان ڪري ڪنهن لانگ مارچ جي به رٿا ڪري رهي آهي ته ان جو مطلب هن کي فرينڊلي اپوزيشن طور اسپيس ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. پيپلز پارٽيءَ کي ڀلي ڀت معلوم آهي ته هوءَ پنجاب ۾ پنهنجي پاڙ هڻي ايتريون سيٽون نه ميڙي سگهندي جو هوءَ وفاقي حڪومت ۾ ڪو حصو به حاصل ڪرڻ جي حسرت ڪري سگهي. هن وقت پيپلز پارٽيءَ جي پوري ڪوشش اها آهي ته هوءَ سنڌ ۾ چوٿون ڀيرو به حڪومت ماڻي سگهي ۽ پيپلز پارٽيءَ کي اها پريشاني آهي ته هن کي اڳين ڀيري سنڌ ۾ سرڪار هلائڻ جو موقعو مشڪل ملي.
عمران خان کي جيڪڏهن اڳين ڀيري به اقتدار ملڻ جو آسرو آهي ته پوءِ مسلم ليگ ن جو ڇا ٿيندو؟ مسلم ليگ ن جون پنجاب ۾ جڙون تمام پختيون آهن. مسلم ليگ ن نه صرف عوامي سطح تي پنجاب ۾ مقبول سياسي ڌر آهي پر هوءَ پنجاب جي برادري سسٽم ۾ تمام گهري طرح سان پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري ويٺل آهي. هن جا نمائندا پنهنجي پنهنجي برادرين ۾ تمام گهڻي اٿ ويهه سبب مشهور آهن. اها پنجابي ثقافت جون شرطون پوريون رکڻ ۾ مهارت رکندڙ پارٽي آهي. ڇا عمران خان جي فرمائش تي پنجاب جي ايتري گهڻي سياسي دٻاءَ کي اسٽيبلشمينٽ نظرانداز ڪري سگهي ٿي؟ اسٽيبلشمينٽ جي منڍ کان وٺي اها ڪوشش رهي آهي ته ڪنهن طرح سان مسلم ليگ مٿان ميان نواز شريف جي خانداني گرپ Grip گهٽائي سگهي. اسٽيبلشمينٽ جي اها پراڻي خواهش آهي. جڏهن پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪري ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو بڻيو هو ته هو ان مهل پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ کي ملڪ جي سياسي اثاثو قرار ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته انهن مٿان جيڪي خاندان قابض آهن، اهي ڪرپٽ آهن. هن ڀيري به اسٽيبلشمينٽ جي اها ڪوشش هوندي ته ڪنهن طرح سان شريف فيملي ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ ڪو فاصلو پيدا ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ وٽ سياسي پتن جي ڪا کوٽ ناهي. آخر چوڌري نثار به ته ماٺ ڪري ويٺو آهي. اهو چوڌري نثار جيڪو ڪڏهن ميان نواز شريف جي چيتي طور مشهور هو. ان کي ميان نواز شريف ڪيتري نه تذليل سان پارٽيءَ مان پاسيرو ڪيو؟
مسلم ليگ ن جي اندر هر پارٽيءَ وانگر تمام گهڻا تضاد آهن ۽ اهي تضاد پنهنجي مخصوص وقت جا منتظر آهن. اسٽيبشلمينٽ جي پوري ڪوشش هوندي ته انهن تضادن کي تيز ڪري مسلم ليگ کي ٽڪرن ۾ ائين ورهايو وڃي، جيئن پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيو هو. پر اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ ڪو جادوءَ جو چراغ ناهي جو اها حڪم هلائي ۽ حالتون اهڙو رخ اختيار ڪري وٺن. هن وقت اسٽيبلشمينٽ جي مٿان به تمام گهڻا دٻاءَ آهن. سڀ کان شديد دٻاءُ ته اقتصادي بحران جو آهي. اسٽيبلشمينٽ ان بحران جي منطقي نتيجن کان آگاهه آهي. ان کان سواءِ اهو به نه سمجهڻ گهرجي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو آهي. اقتدار جي دنيا ۾ پنهنجو به پرايو هوندو آهي. عمران خان سان اسٽيبلشمينٽ جي ڪا خاص الفت ناهي. عمران خان کي به ان ڳالهه جو احساس آهي. ان ڪري هن جي مسلسل ڪوشش آهي ته هو اسٽبلشمينٽ جي ڪم جو ماڻهو ٿي سگهي. اها خواهش صرف هن جي ناهي پر پاڪستان ۾ سياست ڪندڙ اڪثر ڌرين جي دل ۾ اها حسرت ڪٺل ڪڪڙ وانگر ڇڙهيون هڻندي آهي ته ڪڏهن هن جي موبائيل تي اها ڪال اچي، جنهن جو نمبر اسڪرين تي نمودار نه ٿيندو آهي. عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ مسلسل ٻن محاذن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هڪ ته هو اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجا امڪاني اختلاف به مڪمل طرح سان ملياميٽ ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو ته هو اسٽيبلشمينٽ ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ هڪ وڇوٽي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهندو آيو آهي.
عمران خان جي پهرين ڪوشش يعني اسٽيبلشمينٽ سان مثالي سرچاءُ رکڻ ۾ هو ڪيترو ڪامياب ٿيو آهي؟ ان باري ۾ ڪيترائي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ان سلسلي ۾ ڪو اعتراض وارڻ تمام مشڪل محسوس ٿي رهيو آهي ته هن مخالف ڌر يعني مسلم ليگ ن جي قيادت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ دود دکائڻ جي سلسلي ۾ سوڀ حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻي مسلم ليگ ن به اهو سمجهي وئي آهي ته عمران خان ڪهڙي حڪمت عمليءَ تي عمل پيرا آهي؟ مسلم ليگ ن کي پنهنجن حلقن مان به اهو چيو ويو آهي ته تاڙي صرف هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي. تاڙيءَ لاءِ ٻن هٿن جي ضرورت درپيش هوندي آهي. جيڪڏهن عمران خان جي ڪوشش آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ ۽ مسلم ليگ ن جي وچ ۾ تعلق بگاڙي ته ان سلسلي ۾ مسلم ليگ ن جي قيادت به پنهنجو پير پوئتي نه ڪيو آهي. مسلم ليگ ن جي ليڊرشپ جهڙي طرح جلسن ۾ نالا کڻي اسٽيبلشمينٽ جي مٿان تنقيد ڪئي آهي، ان سان اسٽيبلشمينٽ جي ساک صرف ملڪ جي اندر ئي نه پر ٻاهر به متاثر ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي ته اسٽيبلشمينٽ پاران ٻيو ڪنهن به پارٽيءَ سان سرچاءَ جي ترديد نه آئي آهي پر مسلم ليگ ن جي حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ضروري سمجهيو ته اها ان پروپيگنڊا جا دروازا بند ڪري ته مسلم ليگ ن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ سرچاءُ ٿي چڪو آهي. جڏهن ان قسم جي وضاحت جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي ته ان سان تعلقاتن جي بگاڙ جي ماپ ماپي سگهجي ٿي. تعلقاتن جيان بگاڙ ۽ دوريءَ جو ڪريڊٽ صرف عمران خان کي ڏئي نه ٿو سگهجي. ڇو ته ميان نواز شريف ۾ جيڪا مخالفن کي معاف نه ڪرڻ واري عادت آهي، ان جا هن جي سياست تمام گهڻا نقصان سٺا آهن. هن جي مٿان هن جي پارٽي به ان سلسلي ۾ تنقيد ڪندي رهي آهي پر هو ڪڏهن به باز نه آيو آهي. هن ۾ ذاتي طور تي جيڪا انا آهي، ان جي بنياد تي هو سياسي فاعدن کي نظرانداز ڪرڻ ۾ گهڻي تڪليف محسوس نه ڪندو آهي. هن وقت هن جي ڌيءَ مريم نواز جهڙي ريت سياست ۾ عملي طرح سان سرگرم آهي، هاڻي هو پنهنجي مرضيءَ جي خلاف به ٻه ٻول ٻڌي وڃي ٿو.
سياسي حڪمت عملين جي علم جا ماهر ان نقطي تي متفق آهن ته هڪ ڪامياب سياستدان کي مخالفن جي ڪمزورين تي نظر رکڻ گهرجي ۽ جڏهن به موقعو ملي ته انهن ڪمزورين مان مفاد حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوئي پل ضايع نه ڪجي. عمران خان کي ميان نواز شريف جي ان ڪمزوريءَ جو نه صرف احساس آهي پر هن ان مان فائدو به ورتو آهي ۽ اهو فائدو حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ئي هن کي اقتدار جي ايندڙ مدي جو نه صرف آسرو پر پڪ آهي. هن جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي هن جهڙو سدائين سمجهوتي لاءِ تيار رهندڙ وزير اعظم ٻيو ڪير ملندو؟
عمران خان ۾ هن مهل سڀ کان وڌيڪ سياسي عيب اهو آهي ته هن مخالف ڌر واري دور ۾ عوام سان ڪيل واعدا وفا نه ڪيا ۽ هن نه صرف واعدن تي عمل نه ڪيو پر هن عوام مٿان مهانگائيءَ جو ايترو ته بار اڇلائي ڇڏيو جو عام ماڻهو دانهون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو. عمران خان جي ان عمل سبب هن ۾ موجود ڪشش مڪمل طرح سان ختم ٿي وئي آهي. عوام ۾ اهو تاثر عام آهي ته عمران خان هڪ بيوفا سياستدان آهي. ان ڪري عمران خان کي هن ڀيري ايترا ووٽ ملڻ محال آهن، جيترا هن اڳين ڀيري کڻي انڌي منڊي اقتدار جون شرطون پوريون ڪيون هيون. عمران خان جي عوامي شهرت کي ته شديد نقصان پهتل آهي پر جيڪڏهن اڳين ڀيري به عمران خان کي تخت تي ويهارڻو آهي ته پوءِ اسٽيبلشمينٽ وٽ ان جون ڪيتريون ئي صورتون ٿي سگهن ٿيون. هونءَ ته سياستدان پنهنجي چهري جو اصل تاثر لڪائڻ ۾ وڏي مهارت رکندا آهن پر عمران خان جي منهن تي جيڪو مستقل اطمينان آهي، ان مان اندازو اهو لڳي رهيو آهي ته هن سان صرف هڪ مدي جو واعدو ٿيل ناهي. جڏهن ته سياست ۾ اصل فيصلا حالتن جي حوالي هوندا آهن. هن وقت جيڪڏهن عمران خان کي اطمينان به آهي ته اهو ايندڙ وقت ۾ تالان والان ٿي سگهي ٿو. ڇو ته سياست ۾ ڪڏهن به وڏي مدي وارا واعدا نه هوندا آهن. سياست ۾ وعدا به سياسي هوندا آهن. سياست سبب ٿيندڙ ۽ سياست سبب ٽٽندڙ!!