ماحوليات کي هٿي وٺرائيندڙ ملڪن ۾ نه رڳو ٻيلن جي واڍي کان پاسو ڪيو ويندو آهي پر جهنگلي توڙي آبي جيوت لاءِ به ماحول بهتر ڪيو ويندو آهي ته جيئن انهن کي فطري ماحول ملي سگهي. ڇاڪاڻ ته هر ساهه واري جيوَ جو اهو بنيادي حق آهي ته ان کي جيئڻ ڏنو وڃي ۽ ان کي فطري ماحول فراهم ڪيو وڃي. جتي به ماحوليات سان انسان هٿ چراند ڪندو آهي، اتي ڏاڍا ڀوائتا نتيجا سامهون ايندا آهن، جنهن جي ڪري نه رڳو تباهي انساني زندگيءَ جو مقدر ٿيندي آهي پر وڏي وقت تائين ان جي قيمت سڄي سماج کي ادا ڪرڻي پوندي آهي. سنڌ ۾ ماحول دوست سرگرميون بنهه گهٽ آهن يا وري نه هئڻ برابر آهن، پر جڏهن ته ماحوليات کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ويندا آهن ته انهن کي ساراهڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي. گذريل ڪجهه وقت کان ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جي حوالي سان وڏو معاملو اٿيل نظر اچي ٿو، وفاق پنهنجي ارهه زورائي وسيلي انهن ٻيٽن تي قبضا ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيو آهي، پر سنڌ جي ماڻهن جي احتجاج کان پوءِ وفاق کي به پاسيرو ٿيڻو پيو. هڪ ڀيرو وري انهن ٻيٽن کي ٻيلو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
خبر موجب ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خصوصي معاونن، پرنسپل سيڪريٽريز، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلدياتي نظام واري بل تي اپوزيشن پارٽين سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه لوڪل گورنمينٽ قانون جي حوالي سان اپوزيشن پارٽين سان ٿيندڙ ڳالهين بابت ڪابينا کي بريفنگ ڏني. ناصر شاهه جماعت اسلامي، پاڪ سرزمين پارٽي ۽ ٻين پارٽين سان ڳالهين جي حوالي سان ڪابينا کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ اپوزيشن پارٽين سان گڏيل نقطن تي مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته ناصر شاهه سان جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن، ان کي لاڳو ڪنداسين. ڪابينا هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت پاران اسٽيل ملز کي ڏنل زمين کي وڪرو نٿي ڪري سگهجي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي، مڪاني قانون ۾ اسٽرڪچر کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪيل ترميم ۾ ترميم ڪئي ويندي ۽ مڪاني چونڊون ٿيڻ تائين پراڻي اسٽرڪچر تحت ڪم جاري رهندو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ ڪابينا ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن کي محفوظ ڪيل ٻيلو قرار ڏيڻ لاءِ منظوري ڏني آهي ۽ جيل کاتي ۾ ڀرتين جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي هن چيو ته پوليس لاءِ پسٽل خريد ڪرڻ لاءِ ايجنڊا تي فيصلو ڪيو ويو ته مارڪيٽ مان اگهه معلوم ڪرڻ کان پوءِ هٿيار خريد ڪيا وڃن، هن چيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو ته هڪ مارچ کان ڪڻڪ خريداري شروع ڪئي ويندي، ڪوآپريٽو ۽ وڪٽوريه مارڪيٽ جي متاثرن کي معاوضي جي به منظوري ڏني وئي آهي، هن چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز تي سوئي گيس جي بقايا رهيل آهي، اطلاع آهن ته اسٽيل ملز جي زمين بقايا جي مد ۾ زمين ڏني پئي وڃي، سنڌ ڪابينا هدايت ڪئي ته اسٽيل ملز جي زمين نه ڏني وڃي، سنڌ جي زمين ڪنهن به اداري کي وڪڻڻ جو اختيار ناهي، اها زمين سنڌ جي مليڪت آهي ۽ اها وڪرو نه ٿي ڪري سگهجي هن چيو ته ڪميٽي جائزو وٺي سفارشون پيش ڪندي، هي فيصلو اچڻ کان اڳ شيون ڪافي تبديل ٿي چڪيون آهن، ڪيس جي ٻڌڻي دوران جيڪي ميئر وٽ اختيار گهٽ هئا، هاڻي وڌيڪ آهن ۽ پراپرٽي ٽيڪس جي اوڳاڙي جا اختيار به لوڪل نمائندن وٽ نه هئا. سپريم ڪورٽ ٻن سيڪشن کانسواءِ 2013ع جي قانون جي حيثيت کي تسليم ڪيو آهي، سعيد غني چيو ته هنن ٻن سيڪشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ سان ڪو وڏو مسئلو نه ٿيندو، ايل ڊي اي ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول سميت انهن ادارن جا قانون تمام گهڻا پراڻا آهن، سنڌ جا ٻيٽ سنڌ حڪومت جي مليڪت آهن ان تي ڪي پي ٽي جي ليٽر جي ڪا حيثيت ڪانهي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته نوان نمائندا ٽائون جي بنياد تي چونڊيا ويندا، تيستائين هي پراڻو سسٽم جاري رهندو.
سنڌ ۾ ٻيٽن تي ٻيلن کي بحال ڪرڻ ۽ اتي جهنگلي جيوت لاءِ ماحول سازگار بڻائڻ سٺي ڳالهه آهي. ان ڪري هن فيصلي جي آجيان ٿيڻ گهرجي. پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن انهن ٻيٽن تي انساني هٿ چراند کان پاسو ڪيو وڃي ۽ اتي جانور، پکين ۽ آبي جيوت لاءِ ماحول سازگار بڻايو وڃي. نه رڳو اهو پر سنڌ ۾ جيڪي به ٻيٽ آهن، اتي ٻيلن کي پوکيو وڃي، اتان جو فطري حسن بحال ڪيو وڃي ته جيئن جانور توڙي انسانن جو فطرت سان لاڳاپو قائم رهي سگهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جو هيءَ فيصلو هڪ بهتر فيصلو آهي، جنهن کي جلدي لاڳو ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ هي عمل رڳو ٻيٽن تائين محدود نه هئڻ گهرجي بلڪه سنڌ ۾ جتي جتي به ٻيلن يا فطري ماحول کي برقرار رکڻ يا بحال رکڻ جي ضرورت آهي، ان کي جلد بحال ڪيو وڃي ته جيئن هڪ فطرت دوست ماحول پيدا ٿي سگهي.