ڪوبه سماج فرد کي مليل آزاديءَ مان سڃاتو ويندو آهي، جنهن سماج ۾ فرد جي آزادي محدود يا نه هئڻ برابر هوندي آهي، اتي ماڻهو هڪ ڊپ ۽ بي چيني واري زندگي گذاريندا آهن. سنڌ ۾ عورت ڪيتري آزاد آهي، ان جو اندازو اسان کي روز ٿيندڙ واقعن مان ٿي ويندو آهي. جتي عورت کي پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو جيون ساٿي چونڊڻ جي اجازت به ڪانه هوندي آهي. جيڪڏهن اها اهڙو فيصلو ڪري به وٺندي آهي ته کيس اها قيمت موت جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پوندي آهي ۽ نتيجي ۾ عورتن جي قتلام جو سلسلو جاري رهندو آهي. سنڌ ۾ هر سال ڪيتريون ئي عورتون ڪاريون ڪري ماريون وينديون آهن، پر اهو سلسلو اڄ ڏينهن تائين رڪجي نه سگهيو آهي. گذريل سال به عورتن کي قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ جيڪي انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن، اهي ڪافي ڇرڪائيندڙ آهن. جنهن جي ڳڻتي تي ڪري سگهجي ٿي پر اها به خبر پوي ٿي ته سنڌ عورتن لاءِ مقتل گاهه بڻجي وئي آهي.
عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي تنظيم سنڌ سھائي آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشا حسن ڌاريجو، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سھيل ميمڻ، بئريسٽر عاشر اظھر، ايڊوڪيٽ فرزانه کوسو ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪاروڪاري تحت قتلام جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. تنظيم جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشا ڌاريجو ٻڌايو ته ھن ڀيري عورتن جي عالمي ڏھاڙي 8 مارچ تي “عورت آزادي مارچ” سکر بدران ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعي ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته سال 2021ع دوران سڄي سنڌ ۾ 176 حياتين کي ڪاروڪاري جي تھمت ھڻي موت جي ننڊ سمھاريو ويو، جنھن ۾ 128 عورتون شامل آھن. ھن ٻڌايو 2021ع ۾ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعو ڪاروڪاري جي قتلام ۾ سڀ کان ٽاپ تي رھيو، ڄاڻايل ضلعي ۾ 27 انسانن جنھن ۾ 23 عورتن ۽ 4 مردن کان زندگي کسي وئي، ٻئي نمبر تي جيڪب آباد ضلعي ۾ 26 ماڻھو جنھن ۾ 14 عورتن ۽ 12 مردن کي قتل ڪيو ويو، ڪاروڪاري ھيٺ قتلام ۾ شڪارپور ضلعو ٽئين نمبر تي رھيو، جتي 18 عورتن ۽ 5 مردن کي قتل ڪيو ويو، جڏھن تھ چوٿين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ ڪيس گهوٽڪي ضلعي ۾ رپورٽ ٿيا، جتي سال دوران 17 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو، جنهن ۾ 14 عورتون ۽ 3 مرد شامل آهن. اھڙي ريت سنڌ جي باقي سمورن ضلعي ۾ ھڪ سال دوران سراسري طور 93 انساني حياتيون ڪاروڪاري ھيٺ اجل جو شڪار بڻايون ويون، جنھن ۾ گھڻائي عورتن جي شامل آھي. صحافين سان ڳالھائيندي سنڌ سُھائي آرگنائزيشن جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشا حسن ڌاريجو چيو ته قبيلائي جھالت، ڀوتارڪي نظام، ڪاروڪاري جي ڪيسن کي اڪلائڻ ۾ پوليس جي غيرسنجيدا رويي، فرسودا جاچ ۽ عدالتي نظام سبب ڪاروڪاري جا واقعا حڪومتن جي دعوائن جي ابتڙ گھٽجڻ بدران ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا آھن. ھن چيو ته پنوعاقل ۾ آرائين جوابدارن هٿان نينگري جنسي زيادتي جو شڪار ٿي. سهائي سٿ ڀرپور نموني ڪيس وڙهيو پر راڄوڻي ذريعي ڪيس کي لوڙهيو ويو. نگينا چانڊيو ڪيس ۾ اڃا تائين جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا، حيدرآباد ۾ انتهائي پڙهيل خاندان جي ڇوڪري قرت العين عرف عيني کي ڪيترن ئي مھينن تائين اذيتيون ڏيڻ کانپوءِ قتل ڪيو ويو، جوابدار گرفتار ٿيڻ باوجود ڪيس ۾ اڃا تائين اڳڀرائي ناهي ٿي. سنگرار جي پريا ڪماري جي اغوا کي 6 مهينا گذري ويا آهن پر هن وقت تائين پوليس کيس بازياب ناھي ڪرائي سگھي. ايڊووڪيٽ سھيل ميمڻ چيو ته عدالتن ۾ سينيئر سول ججز ۽ سيشن ججز جي کوٽ آهي. ججز جي کوٽ سبب ڪيس التوا جو شڪار آھن، عدالتن ۾ ججز جو انگ وڌائي ڊي اين اي جو سمورو مرحلو جج جي نگراني ۾ مڪمل ڪيو وڃي. ھن چيو ته بي حسي جي اھا انتھا آھي جو ڊاڪٽر ۽ پوليس عملدار ڏوڪڙ وٺي پوسٽ مارٽم ۽ ڊي اين اي سيمپل تبديل ٿا ڪري ڇڏين، ڪراچي جي خديجا بتول ريپ ڪيس ۾ چوٿين مک جوابدار کي ڊي اين اي سيمپلنگ تبديل ڪري بچايو ويو.
اسين سمجهون ٿا ته هڪ فرد خاص طور تي هڪ عورت کي ايتري آزادي ضرور مليل هئڻ گهرجي جو اها پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪري سگهي، اها نوڪري ڪرڻ کان وٺي پنهنجو جيون ساٿي چونڊڻ جو فيصلو ڪري سگهي. تنهنڪري ان لاءِ ضروري آهي ته وڌ کان تعليم وسيلي اها سوچ ڌاري وڃي ته عورت کي هر حال ۾ جيئڻ جو حق آهي ۽ اها ايتري آزاديءَ جي حقدار ضرور آهي، جيتري کيس ملڻ گهرجي. تنهنڪري اهو سلسلو ان صورت ۾ بند ٿي سگهي ٿو، جڏهن سوچ کي تبديل ڪيو وڃي.