ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

انسان انقلاب جي راهه ۾ سون بڻجي ويندو آهي

Editorial-Article- Altamash/Javed

ٻين جي مِحنت تي عياشي ڪرڻ وارن طَبقن سدائين ٻين جي ڪيل مِحنت کي حقير ۽ گهٽ سمجهي اُن کي ڌڪاريو آهي يا اُن جو ڀرپُور فائدو حاصل ڪيو آهي.
ڪنهن به دور جي حاڪم ۽ طاقتور طبقي جي نفسيات ئي اُن سماج تي حاوي رهي آهي. انهي صورتحال ۾ پيڙهيل طبقا به ان نفسيات جو شِڪار ٿي ويندا آهن ۽ پاڻ کي گهٽ سمجهڻ لڳندا آهن. حُڪمران ۽ طاقتور طبقي سدائين محنت ڪندڙن جي استحصال سان گڏ انهن کي سدائين احساس ڪمتري ۽ سماج جو ڪمزور فرد هُئڻ واري غير مُنفي سوچ ۾ مُبتلا رکيو آهي. نهايت ئي چالاڪيءَ ۽ مڪاريءَ سان اُن طبقي پورهيت طبقي تي اهو رُعب رکيو آهي ته اُنهن جي اِن صوتحال جو ذميوار اُنهن جو خُدا، تقدير ۽ ڀاڳُ آهن. اُن ڪري ئي هُو اهڙي صورتحال ۾ آهن. جيڪي ڪُجهه به سماجَ ۾ اُنهن سان ٿي رهيو آهي سو سندن تقدير ۾ لِکيل آهي، اِهو ئي سَندن مُقدر آهي.
غلاميءَ ۾ عورتَ کي اڌُ اِنسان ۽ غُلامن کي انسان به تصور نه ڪيو ويندو هُو. اِها ئي صورتحال مُختلف سَماجن جي رَهي آهي،جاگيردار جي ڀرسان يا بَرابر ويهَڻُ به گُناهه تصور ڪيو ويندو هُو. سرمائيداري نِظام ۾ به اِن طبقي جي حيثيت ڪا ساراهه لائق نه هُئي جِنهن سان هُو سَماجَ ۾ برابريءَ سان رَهي سَگهن. غلامي واري نظام ۾ جيئَن غُلامن جا مالڪ جيڪي کَين خريد ڪَندا هُئا پوءِ اُنهن جي زندگين جا رِيموٽَ اُنهن جي مالڪن جي هَٿن ۾ هُوندا هُئا، جاگيرداري نِظام ۾ زَميندارَ ۽ جاگيردار ئي عزت جا حقدار رهيا آهن. ايئَن ئي هِنَ سرمائيداري دور ۾ به عِزَتدار ڪمپنيون، بئنڪون، تعليمي ادارا، اسپتالون ۽ ميڊيا سان گڏُ ٻَين اِدارن جا مالڪ سرمائيدار آهن. دور سان گڏ حالتون ۽ حالتن سان گڏُ نيون سازشون رِٿڻ جا گُر به نوان ئي استعمال ڪيا پيا وڃن.
اَميرُ سرمائيدارن جي باري ۾ اهڙيون ڪهاڻيون جوڙيون ٿيون وڃن جو ڄَڻ اُهي هِن سياري جي مَخلوقَ نه پَر فرشتا هُجَن. اُنهن جي دولت ۽ طبقاتي حيثيت جي ڪري اُنهن کي اُُتم، ذهين ۽ جَفاڪَشُ چيو ٿو وڃي جِنهن مَنزِلُ تي هُو اَڄُ آهن، اِها اُنهن سرمائيدارن جي اَڻٿڪُ مِحنتَ آهي. اُنهن جي لائيف اِسٽائيل جيئَڻَ جي ڍَنگَ ۽ دولتَ کي ڪاميابيءَ جو حقيقي جواز ڄاڻايو وَڃي ٿو. جنهن دولت جي ڊوڙَ ۾ اربين، کربين اِنسانن کي جيڪو مَقام حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوڙايو ٿو وڃي، جِنهن ۾ ڪامياب ٿيندڙن جو اَنگُ سون يا هزارن جي انگ ۾ مَس هوندو آهي. اهو اُن ڪري ناهي ٿيندو جو اُنهن ۾ صلاحيتن جي کوٽُ هوندي آهي، اُهي نااهل هوندا آهن پر اُن لاءِ ٿيندو آهي ته هِن سَماجَ ۾ ڪجهه چونڊيل ۽ مَخصوص قسم جي ماڻهن لاءِ حڪمران طبقي جا ٺهيل پنهنجا معيار هوندا آهن، سڀني انسانن لاءِ اڳتي وڌڻ جا هڪجهڙا موقعا ناهن. اربن جي انگ ۾ انسانن جي دولت ڳڙڪائي ويندي آهي، لُٽجندي آهي، تڏهن ڪجهه سرمائيدار پيدا ٿيندا آهن، هوائي جهازن ۾ سفر ڪرڻ وارا پيرين اُگهاڙي پنڌُ هَلڻ وارن کان اڳ ۾ منزل تي رسائي حاصل ڪري وٺندا آهن، اُنهيءَ ڪري اِها ڊوڙَ اُهي کٽي ويندا آهن ۽ پهرين منزل تي پُهچي ويندا آهن.
هِنَ نِظام ۾ سڀ کان وڏو گُناه غُربت آهي. ماضيءَ ۾ انفرادي هُنر هُئَڻَ جي ڪري اِنسانَ کي جيڪا عِزتَ ۽ اُن جو سَماجَ ۾ قَدرُ هُو، اُن کي به ختم ڪري سرمائيداري عِزتَ جو واحد معيار قائم ڪيو ۽ اُهو سرمايو آهي. ڪارل مارڪس ڪميونسٽ مينيفيسٽو ۾ لِکي ٿو ته “سرمائيداري عزت ۽ اَدبَ سان ڏِسَڻَ واري هر شيءِ کان اُن جو وَقارُ کسي وَرتو آهي، اُنَ ڊاڪٽر، وڪيل، ملان، شاعر ۽ سائنسدان کي پَنهنجي هِڪ اَجورو وٺندڙ مزدور ۾ تبديلُ ڪري ڇڏيو آهي.” انهن ڌنڌن سان لاڳاپيل اُهي مزدوري وٺندڙ مزدور پنهنجي طبقاتي حيثيت کي اُنهن ڌنڌن جي عظمت جيڪا اُنهن کي ماضي ۾ حاصل هُئي، ان کي لِڪائڻَ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڇو ته هِنَ سَماجَ جي سرمائيداري نِظامَ ۾ سَموري پيداوار ۽ دولت جي خالق پورهيتن ۽ جاکوڙيندڙن کي گهٽ، ڪم چور، ڪِريل ۽ حَقيرُ سمجهيو وڃي ٿو. هِتي صفائي ڪَرڻَ واري کي ٻالو، گدلو، لور ڪلاس ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ماحولياتي آلودگيءَ کي وڌائڻ وارا جيڪي نه فقط اِنسان پر ٻي جيوت جو به انَتُ آڻي رهيا آهن، اُنهن سرمائيدارن کي پاڪ ۽ اعليٰ سمجهي پوڄيو وڃي ٿو، وڏن بنگلن ۾ رهڻ وارن ۽ مهانگي گاڏين ۾ گُهمڻ وارن انسان کي وڏو ۽ عظيم ماڻُهو سمجهيو وڃي ٿو ۽ اُنهن کي ان منزل تي رسائڻ وارن کي ڪمتر سمجهي اُنهن جي سماج ۾ ڪا به حيثيت نٿي سمجهي وڃي. هن سَماجَ کي هلائڻ واري طبقي جي سُڃاڻپ پورهيت ۽ مزدور لفظ کي گار طور استعمال ڪيو ٿو وڃي، ڪيترن ئي مزدورن جون ڪي اهڙيون ڪيفيتون هونديون آهن، جڏهن هُو پاڻ کي ان پيشي سان لاڳاپجي پاڻ کي مزدور سڏڻ ۾ به شرم محسوس ڪندا آهن. استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر ٻيا هُنرمند ۽ محنت ڪندڙن جون ٻيون ڪيفيتون پاڻ کي محنت ڪندڙ سڏرائڻ ۾ به بي عزتي محسوس ڪندا آهن.
حڪمران طبقو مختلف شعبن ۾ اجورو ۽ عهدن ذريعي فرق ڪري محنت کي حصن ۾ ورهائي پورهيت ماڻهن جو استعمال ڪندو آهي، جيڪو محنت کپائي اجورو حاصل ڪري ٿو، اهو پورهيت آهي. سماج ۾ محنت ڪندڙ کي ڪمتري وارو مقام حاصل آهي، انهي ڪري غريب ۽ مزدور طبقو اڪثر ڪري پنهنجي غربت، محرومين، مجبورين ۽ ذلتن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجي احساس ڪمتريءَ کي لڪائڻ لاءِ هو ان ڊوڙ ۾ ٻين شعبن جي ماڻهن سان پنهنجي ڀيٽ ڪري انهن جي عهدن جي نسبت سان پاڻ کي بهتر سمجهڻ جي ڪوش ڪندا آهن يا رنگ، نسل، ذات يا مذهبي بنيادن تي پاڻ کي حڪمران طبقي سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
نِج مادي حقيقتن کي مصنوعي نظرين ۽ تعصب جو ويس ڌڪائي سدائين راز ۾ رکي لڪايو ٿو وڃي. معاشي حالتون ۽ روزاني بنياد تي سماجي اذيتون مزدور طبقي کي نه رڳو اها صورتحال بغاوت ڪرڻ تي اُڪسائيندي آهي پر هر ان سوچ ۽ نظريي جي خلاف بغاوت ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي. انهيَ بنياد تي ڪارل مارڪس چيو هو ته اهو ضروري ناهي ته حڪمران ۽ طاقتور طبقي کي انقلاب ذريعي بي دخل ڪيو وڃي، پر انقلاب انهيءَ لاءِ به ضروري آهي، جو انقلاب اسان جي ذات ۾ تبديلي آڻي ٿو، جنهن اسان انقلابيءَ جا سماجي اڻبرابريءَ وارا داغ صاف ٿي وڃن ٿا ۽ هوُ چمڪندڙ هيرو بڻجي وڃي ٿو.
اڄ جي دور ۾ سرمائيدارن کي شڪست ڏئي پوءِ ئي پيڙهيل مزدور طبقو پنهنجي محنت کي استحصال کان بچائي سگهي ٿو ۽ هزارين سالن کان نفسياتي غلاميءَ کي شڪست ڏئي سگهي ٿو، جيڪا انسان کي انسان تسليم نٿي ڪري. مزدور طبقو فقط مظلوم طبقو ناهي پر سماج جي پيڙهه جو پٿر آهي، هن سماج کي هلائيندڙ به اهو ئي طبقو آهي ۽ ان طبقي کي جيڪو بدلائي اهو انقلابي طبقو آهي.
سرمائيداري، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهيءَ جو مِثال هِن وقت سنڌ ۽ پاڪستان ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جيڪي عوام جي ناڻي تي قبضو ڄمائي ان جا ملڪ بڻيو ويٺا آهن ۽ انهي ناڻي مان حجَ ۽ عُمرا ڪن پيا. غريبن جو استحصال ڪنهن کان لڪڻ وٽان آهي ڪونه، پاڪستاني توڙي سنڌي سياستدان وڏيرا شاهي جا عُمده مثال آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button