شبير شر جي نالي سان واقفيت ته منهنجي هڪڙي ڪميونسٽ دوست آفتاب جتوئي ڪرائي هئي. پر اها الڳ ڳالھه آهي جو سندس ذڪر تنقيدي انداز ۾ ٿيو هو. هن مون کي سندس ڪتاب “ڊانڊرس قيدي جي ڊائري” بابت ٻڌايو هو. تنهن کان ترت پوءِ مون کي هڪڙي ڪاليج جي ڪلاس فيلو معرفت پنهنجي زندگيءَ جو پهريون ڪيس ملي ويو هو. جنهن جي فيس ويھه هزار کن ملي هئي. آئون پيسا حلال ڪرڻ خاطر ڪورٽ مان نڪري سڌو حيدر چوڪ هليو ويو هئس. پهريان فڪشن هائوس، روشني ۽ پوءِ سنڌيڪا جي ڪتاب گهر جو رخ ڪيو هئم. جتان ڪجهھ ٻين ڪتابن سان گڏ شبير شر جو اهو ڪتاب به خريد ڪيو هئم. جنهن جو ذڪر آفتاب جتوئي ڪيو هو.
جيتوڻڪ ٻه سال کن اڳ هڪڙي ڏينهن مولانا عزيز الله ٻوهيو موهن مدهوش جي ڪويتا پبليڪشن تي ملي ويو هو. جتان کيس وٺي هوٽل تي ويو هئس. جتي چانهھ پيئندي مولانا مون کي هڪڙو ڪتاب ڏيکاريو هو. جنهن ۾ هيرا منڊيءَ جي طوائفن جا انٽرويو هئا. هن چيو هو ته جڏهن زندگيءَ جو پهريون ڪيس ملي ته انهن پيسن مان هي ڪتاب به ضرور وٺان. پر منهنجي هن موضوع سان ڪا دلچسپي نه هجڻ سبب مون اهو ڪتاب ڪونه ورتو پر فڪشن ھائوس تان سعادت حسن منٽو جي سيريز ۽ ڪامريڊ چي گويرا ۽ لينن جا ڪتاب خريد ڪيا هئم. قاسم آباد آيو هئس ته گلستان سجاد وٽ هڪڙو ڳوٺائي ڇوڪرو ۽ هاءِ اسڪول جو ڪلاس ميٽ ملي ويو هو. گڏ چانھه پيئڻ کان پوءِ مون ڪتابن جي ڪارٽن مان ٻه چار ڪتاب “سوفي جي دنيا”، “فلسفي جي تاريخ”، “ڊانڊرس قيدي جي ڊائري” ۽ “نئين سنڌ لاءِ تدبيرون ۽ حڪمت عملي” پڙھڻ لاءِ ڪڍي باقي ڪتاب ڳوٺ پهچائڻ واسطي هن جي حوالي ڪري ڇڏيا هئم. ڇو ته گهڻا ڪتاب حيدرآباد رکڻ مطلب هٿ سان پنهنجا ڪتاب کڻائڻ…تنهنڪري آئون ڪوشش ڪري هتي ڪتاب گهٽ رکندو آهيان. اڪثر ڪتاب گهر اماڻي ڇڏيندو آهيان.
بهرحال ڪمري تائين آندل ڪتابن مان شبير شر جو ڪتاب اڳ ئي پڙهيو هئم. هن ڪتاب ۾ گهڻن حقيقتن جي اکيل ٿيل هئڻ ڪري کاٻي ڌر جي سياست بابت منهنجي خيالن ۾ به خوب ڦيرو آيو. جن جو ذڪر ڪچهرين دوران دوستن سان به ڪرڻ لڳس ته همراهه هڪڙو هڪڙو ٿي پاسا مٽائي پري وڃي بيٺا.
ڪجھه وقت کان پوءِ مھيش ڪمار جي ذاتي لائبريريءَ مان ليکڪ جو هڪڙو سفرنامو هٿ چڙهي ويو. پڙهي هن ڪتاب تي تبصرو لکيم ته ڪراچيءَ مان هڪڙي پراڻي ڪامريڊ عبدالله سولنگي جي فون اچي وئي. جنهن جي معرفت شبير شر سان به دعا سلام ٿي وئي.
ڪجھه وقت کان پوءِ هڪڙي رات آئون ۽ عرفان نوحاڻي ڄامشوري ڦاٽڪ ڏي پئي وياسين جو سندس فون اچي وئي. هو انتھائي مهذب لهجي سان مخاطب ٿيو. حيدرآباد ۾ واقع پنهنجي آفيس اچڻ جي دعوت پڻ ڏنائين.
هڪ اڌ ڏينهن ۾ سندس آفيس آيس ته انتھائي سٺي ڪچهري ٿي. موڪلائڻ مهل هن پنهنجا ٻه ڪتاب “آمريڪا ۽ ڪينڊا جي اصلي رهاڪن جي ڳولا” ۽ ٻيو ڪتاب “يورپ جو سفرنامو” تحفي طور ڏنا. جيڪي ٻئي ڪتاب مون پڙهي ورتا آهن. پر آئون فقط هڪڙي ئي ڪتاب “يورپ جو سفرنامو” بابت ئي ڪجھه ڳالھيون ڪرڻ چاهيان ٿو ته ماضي جو سرخ سياستدان صحافي، ٽي وي جو اداڪار ۽ هاڻوڪو سپريم ڪورٽ جو وڏو وڪيل ليکڪ تجزيي نگار شبير شر يورپ جي يورو کي اڏائيندي جيڪي ڪجھه ڏسي ٿو، تنهن بابت ڪيئن ٿو لکي ۽ ڇا ٿو لکي.
ممتاز بخاري جي ماءِ پبليڪشن پاران شايع ٿيل 160 صحفن تي مشتمل هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ابن بطوطه مانائتي ماڻھو سامونڊي سفر جي شانائتي شھسوار محترم الطاف شيخ لکيو آهي. جن ملڪن جي بابت لکيل آهي، تن بابت به الطاف شيخ جا سفرناما ڇپيل آهن. پر هر ماڻھوءَ جو مزاج پنھنجو هوندو آهي. ان ڪري جو هو ساڳين شين کي الڳ الڳ نموني سان ڏسندو آهي.
تنهنڪري هن سفرنامي جي به پنهنجي الڳ اهميت آهي. مهاڳ ۾ شيخ صاحب لکيو آهي ته “شر صاحب جهڙي مند ۾ اتر يورپ جي ٿڌين علائقن جو سفر ڪري آيو آهي. انهن ڏينهن ۾ سئيڊن، فنلئنڊ، ڊئنمارڪ ۽ بيلجيم وغيره جو سفر ڪري ساڻيھه اچي پڳو آهي.”
اسان وٽ ڳوٺن ۾ ڪجهھ سال اڳ تائين ته اهو رواج هو جو شھر وڃي. واءُ سواءُ لهي. واپس اچي رات جو ڳوٺ جي وڏي اوطاق تي ويھبو هو. جتي اچي خبرون چارون ڪبيون هيون. ريڊيو تان بي بي سيءَ جي اردو نشريات ٻڌبي هئي. سياسي سماجي حالتن تي هرڪو پنهنجي عقل آڌار تجزيا ۽ تبصرا ڪندو هو. پر اڄ اهو سمورو خواب مثال ٿو ڀاسي.
جديدت جي جوالا مُکي ۾ اسان جي روايتي ڪلچر جون ڪافي شيون مٽجڻ لڳيون آهن. هوبهو علي اظهار جي هنن سٽن جيان ته
نه رند ئي رهيا اهي نه مئڪندا نه مئي گسار
نه هاڻ جام آڇيو اسان پيئڻ ڇڏي ڏنو.
يا اڄ جي اجڙندڙ اوطاق ڪلچر ڪچهرين ۽ گڏيل گهراڻن واران
ڪٽنبن جي منظر ڪشي لطيف سائين جي رسالي مان ائين ملي ٿي ته
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين.
آديسي اٿي ويا مڙھيون مون مارين
جي جيءُ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.
ھاڻ شبير شر ڪنهن ويجهي شھر مان ٿي ڳوٺ مينگھي فقير شر ۾ ناهي موٽيو. پر هي ته يورپ جي ياترا ڪري آيو آهي. هڪڙي ڪامريڊ جي فلسفانه رايا موجب ته مسلمان مڪي مان ٿي اچي حاجي سڏائيندا آهن. شبير شر آمريڪا ۽ يورپ مان ٿي آيو آهي. تنهنڪري هاڻ سڏيو ويندو. “سامراجي غلام شبير شر” ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان.
پر پاڻ نه حاجي نه سامراجي پر انهي شبير شر کان ٿا خبرون پڇون. جيڪو لطيف جي لفظن ۾ ائين آهي ته
کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
موتِي جي مَھراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
شبير شر پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪافي حد تائين سفري ساروڻيون قلمبند ڪيون آهن. هن يورپ جي شھري زندگي، آزاد خيال مغربي ماڻھن، حلال کاڌن جي هوٽلن ۽ يورپي موالين جو ذڪر ضرور ڪيو آهي. پر هو يورپ جي ڪنهن اديب دانشور يا ڏاهي سان ملي سندس خيال معلوم ناهي ڪري سگهيو. سندس ٻين سفرنامن جيان هن سفرنامي ۾ به اها کوٽ رهيل آهي.
ٻي اهم ڳالهھ جيڪا مون کي محسوس ٿي آهي ته شبير جو قلم ڪان جيان آهي. جنهن سان هن ٻيو ته ٺھيو پر هم سفر ساٿين جون ساريون اوڻاين جي به اپٽار ڪري ويو آهي. جن ۾ هڪ رٽائرڊ پوڙهو بيوروڪريٽ صديقي ۽ ڪامريڊ ساگر سميجو به شامل آهن.