هر طاقت ۾ ڪا نه ڪا ڪمزوري هوندي آهي ۽ هر ڪمزوريءَ ۾ به هڪ طاقت موجود هجي ٿي. هن وقت “سنڌ ايڪپريس” ۾ جيڪا هڪ خبر نظر اچي رهي آهي، اها ميهڙ شهر جي هڪ ڇوڪري ام ارباب جي آهي. اها ام رباب جنهن جي والد، ڏاڏي ۽ چاچي کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ سنڌ جي سرداري ماحول ۾ اهڙو واقعو ٿيڻ بعد خاندان خوف سبب خاموش ٿي ويندا آهن ۽ انهن جو نالو به ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي پر اها تمام عجيب ڳالهه آهي ته ان ڇوڪريءَ پنهنجي عزم جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هوءَ قاتلن کي هر صورت ۾ قانوني حوالي سان ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي ۽ ان وچ ۾ هن جي مٿان نه رڳو ميڙ منٿون پر ڌمڪين ۽ دڙڪن وارا هٿيار به استعمال ڪيا ويا پر هوءَ پنهنجي پيرن تي ثابت قدم ٿي بيٺي رهي ۽ ان جي نتيجي ۾ هن وقت اهو نتيجو نڪتو آهي ته ام رباب جنهن جي مٿان پنهنجي خاندان جي خون جو الزام هنيو، انهن ۾ هڪ سندس قبيلي جو سردار به هو ۽ گذريل ڏينهن ان سردار جي ضمانت رد ٿي وئي آهي ۽ هاڻي هن جي گرفتاريءَ جي لاءِ پوليس جي مٿان دٻاءُ وڌي رهيو آهي. مون کي اهو معلوم ناهي ته هن ڏوهه جو اصل ڏوهاري ڪير آهي؟ هونءَ به جنهن واقعي جو ڪيس عدالت ۾ هجي، ان جي باري ۾عدالت ئي فيصلو ڪري سگهي ٿي. پر پاڻ هن مهل صرف ان نقطي تي فوڪس ڪري رهيا آهيون ته سنڌ جي وڏيرڪي سماج ۾ به جيڪڏهن ڪا ڪمزور نياڻي انصاف جي لاءِ آواز اٿاري ٿي ته هوءَ تمام وڏين آفتن کي منهن ڏئي به سوڀاري ٿي وڃي ٿي ۽ هن جي سوڀ سماج ۾ ان سچ جي سوڀ هجي ٿي، جيڪو بظاهر تمام ڪمزور هوندي به ڪمزور ناهي.
ام رباب جي باري ۾ اهو به چئي سگهجي ٿو ته هوءَ هڪ خوشحال خاندان سان واسطو رکي ٿي. هوءَ پاڻ به قانون جي شاگرد هئي ۽ هاڻي هوءَ وڪيل آهي ۽ هن پنهنجي ذهانت ۽ واسطن سان اهڙو ماحول به پيدا ڪري ورتو آهي جو هن جي اڳيان پويان قانون جو پهرو آهي. هن کي ميڊيا توڙي طاقتور ماڻهن سان ڊيل ڪرڻ اچي ٿو. هوءَ قانوني ۽ سماجي طور تي هڪ سکيل سيکاريل ناري آهي. هن کي منڍ کان وٺي سوشل ميڊيا به استعمال ڪرڻ اچي ٿي ۽ هن کي اهو به معلوم آهي ته ڪهڙي طرح ماڻهن جي همدردي حاصل ڪجي؟ پر جڏهن منهنجو خيال سنڌ جي سرداري نظام هٿان هڪ ٻي مقتول طرف وڃي ٿي ته ان سبب هڪ اتساهه ملي ٿو ۽ اهو اتساهه سنڌ جي سماج کي ڏيڻ واري اها ٻي ناري آهي، جيڪا نظام جوکيو جي بيواهه آهي. ام رباب ته انگريزي به ڄاڻي ٿي ۽ هن جي پرورش جنهن ماحول ۾ ٿي آهي، ان ۾ پئسي سبب تمام گهڻيون شيون ماڻهوءَ جي لاءِ مددگار ٿين ٿيون پر جڏهن اسان نظام جوکيو جي بيواهه طرف تڪيون ٿا ته اسان کي حيرت ٿئي ٿي. هوءَ هن مهل پنهنجي ذات جي سردارن جي نڙيءَ ۾ ڪنڊي وانگر اٽڪي پئي آهي. جڏهن ته هن کي نه ته قانون جي ڪا ڄاڻ آهي ۽ نه وري هن کي انگريزي اچي ٿي. هوءَ ته اردوءَ کي به صحيح طرح سان اچاري نه ٿي سگهي پر جڏهن هوءَ به ڏاڍ کي ڏاري سگهڻ جي سگهه جي مالڪ بڻجي وئي آهي ته ان مان ڇا ثابت ٿي رهيو آهي؟ ان مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته جڏهن به ڪو مظلوم پنهنجي دل ۾ ڪو پختو ارادو ڪري ٿو ته هن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون تمام ڪنهن ڪمزور ڀت وانگر ڀري هيٺ ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ هن کي پنهنجي مقصد جي طرف وڌڻ کان دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه ٿي سگهي.
اسان جي آڏو هن مهل ٻه مثال آهن. سنڌ جي زرعي ۽ گهڻي ڀاڱي جاگيرداريءَ واري ماحول جا اهي ٻه مثال پنهنجي پوري طاقت سان اسان جي آڏو اهو ثبوت پيش ڪري رهيا آهن جيڪڏهن عورت ذات به ارڏي ٿي بيهي ٿي رهي ته ان کي دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه ٿي سگهي. ام رباب جي ڪيس ۾ ته هن جا ڀائر ۽ ان ڇوڪريءَ سان گڏ هئا ۽ هو ان کي هر طرح جي مدد فراهم ڪري رهيا هئا پر ناظم جوکيو جي ڪيس ۾ هن جي بيواهه سان ڪير هو؟ هن جي بيواهه جنهن جي مٿان اها پابندي به آهي ته هوءَ گهر کان نڪري نه ٿي سگهي ۽ هن کي نه ته تعليم جو حق مليو ۽ نه وري هن جي گهر ۾ ايترو پئسو آهي جو هوءَ پنهنجي شهيد جيون ساٿيءَ جي لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ملڪ جا مهانگا وڪيل ڪري سگهي. پر هن وٽ جيڪا دل آهي، ان دل ۾ وڏو حوصلو ۽ وڏي همت آهي ۽ ان دل جي چوڻ تي هن پنهنجي مخالف قوتن کي پٺيءَ ڀر ڪيرائي وڌو آهي ۽ دنيا جي ڪا طاقت هن کي روڪي نه ٿي سگهي. ڇو ته پوري عزم ۽ ارادي سان اڳتي وڌي آهي ۽ جڏهن هوءَ اڳتي آئي آهي ته سنڌ جو شعور به هن سان ملي ويو آهي. سنڌ جي شعور مٿان سوين سلام پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ناظم جوکيو جي بيواهه پاڻ ۾ حوصلو پيدا نه ڪري ها ۽ پنهنجي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون هٽائي اڳتي نه اچي ها ته ڇا هن کي پنهنجي شهيد ور جي حوالي سان انصاف جي ڪا اميد به هجي ها؟ ڇا اسان نه ٿا ڄاڻون ته هي سرداريءَ وارو اهو سسٽم آهي، جنهن جي پيٽ ۾ تمام گهڻا قتل هضم ٿي ويا ۽ جنهن کي هن مهل تائين ڪو به لوڏي نه سگهيو آهي پر ان قاتل ۽ ان سفاڪ سرداري سسٽم سان جيڪڏهن هڪ نازڪ ناري به هٿ اٽڪائي ٿي ته ان کي پٽ تي ڪيرائڻ ۾ هن کي به گهڻو وقت نه ٿو لڳي. ان ڪري انهن ٻنهي مثالن ۾ سنڌ جي لاءِ هڪ اتساهه ڀريو پيغام آهي. سنڌ جو اهو سماج جيڪو اهو سوچي تمام گهڻو مايوس ٿي ويو آهي ته هو ايترين مشڪلاتن کي منهن ڏئي نه سگهندو، ان جي آڏو هن مهل سنڌ جون ٻه ناريون ثابت ڪري رهيون آهن ته جيڪڏهن انسان ۾ سچائي هجي ۽ هو پنهنجي دل ۾ ڪيل ارادي جي حوالي سان پڪو پختو آهي ته هر طاقت هن جي آڏو پنهنجو آڪڙيل ڪنڌ جهڪائي سگهي ٿي.
سنڌ کي جيڪڏهن هن مهل سياسي ۽ سماجي طور تي وڏيون مشڪلاتون درپيش آهن ۽ جيڪڏهن سنڌ اهو سوچي رهي آهي ته هوءَ اڪيلي سر ايترين وڏين آفتن کي منهن ڪيئن ڏئي سگهندي ته هن جي آڏو ام ارباب ۽ نظام جوکيو جو ڪيس پنهنجي پوري تفصيل سان گڏ تري ايندو ۽ هن جي آڏو اهو ڪيس پنهنجي حقيقت جو اظهار ڪري اسان کي حوصلو ڏيندو ته جيڪڏهن ايترين سارين پابندين جي باوجود به سنڌ جون ناريون حق ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻي جدوجهد ڪري سگهن ٿيون ته پوءِ سنڌ جي مردن کي مايوسيءَ ڇو سوگهو ڪيو آهي؟ اسان جڏهن سنڌ جي انهن ٻن نياڻين جي سلسلي ۾ انهن جي جدوجهد ۽ ان جدوجهد جي نتيجي ۾ انهن جي پلئه ۾ پيل انهن جي سوڀ ڏسون ٿا ته اسان کي هڪ قسم جي خوشگوار حيرت به ٿئي ٿي ۽ حوصلو به ملي ٿو. اسان جيڪڏهن ادب پڙهون ٿا ۽ اسان جيڪڏهن آرٽ کي چاهيون ٿا ته ان جو سبب ان مان حوصلو حاصل ڪرڻ هوندو آهي پر جڏهن معاشري جا مظلوم ڪردار پاڻ اڀري اچن ۽ هو انهن کي حالتن ۾ انصاف جي حاصلات جي حوالي سان پاڻ کي ڪافي حد تائين ڪامياب ثابت ڪن ٿا ته پوءِ اسان کي ان مان هڪ عظيم سبق ملي ٿو ۽ اسان ان سبق مان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا.
ام رباب جو ڪيس ته تمام گهڻي اتساهه وارو آهي پر جيڪڏهن ڀيٽ ڪجي ٿي ته اسان کي نظام جوکيو جي بيواهه جو مثال تمام گهڻي حوصلي وارو محسوس ٿئي ٿو ۽ انهن ٻنهي ڪيسن ۾ سنڌ جي لاءِ هڪ زبردست قسم جو پيغام موجود آهي ۽ اهو پيغام جيڪڏهن عمل ۾ اچي وڃي ته ان سان سنڌ جي تاريخ ۾ عظيم تبديليءَ جي لاءِ ماحول جڙي سگهي ٿو. هن وقت اسان کي پنهنجي تاريخ تي اجايو فخر ڪرڻ بدران پنهنجي لاءِ فخر جوڳي نئين تاريخ ٺاهڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ جون ٻه مظلوم نياڻيون سنڌ جي ظالم ۽ سفاڪ سرداري نظام ۾ هڪ نئين تاريخ جوڙي سگهن ٿيون ته سنڌ جي ڌرتي پنهنجي تاريخ کي تبديل ڪري ڇو نه ٿي سگهي؟