پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ته سنڌ ۾ ھڪ ئي مادر علمي ھوندي ھئي؛ سنڌ يونيورسٽي جيڪا سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ھئي. پاڪستان ٺهيو ته وزير اعظم لياقت علي خان ڪراچيءَ مان نه رڳو سنڌ يونيورسٽي، بلڪ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ اسيمبلي ۽ ٻين انيڪ ادارن کي اتان لوڌي ڪڍيو ۽ ايڏي وڏي ظلم ۽ ناحق خلاف سنڌ جي سنڌي قيادت پاران ڪابه مزاحمت مون کي ته ڏسڻ ۾ نٿي اچي. مزاحمت ٿي ھجي ته نظر اچي! لڳي ٿو ته سنڌي مسلمان قيادت ھندو سنڌين کي لڏائڻ ۽ ھندستان مان ايندڙ مسلمانن کي جائتو ڪرڻ ۾ رڌل ھئي.
خير، ٻين ادارن جيان سنڌ يونيورسٽي به ڪراچيءَ مان لڏپلاڻ ڪري اچي حيدرآباد جي ماڊل اسڪول ۾ پناھه ورتي ۽ بعد ۾ ڄامشورو ۾ اڏايل نئين ڪيمپس ۾ منتقل ٿي ويئي. ھتي اسان جا علامه آ آ قاضي، رضي الدين احمد، سيد غلام مصطفي شاهه، شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جھڙا داناءَ عالم ۽ ناميارا تعليمدان ھوندا ھئا. وقت بدلجندو ويو ۽ جديد دؤر ۾ جديد ڳالهيون ٻڌڻ لڳاسين. مثال پراڻي زماني کان اھا حقيقت عالم آشڪار آهي ته پوليس ٿاڻا نيلام ٿيندا آهن. اھا ڳالهھ ٻڌڻ کانپوءِ رپورٽر جي حيثيت ۾ تحقيق ڪيم ته ڄاڻ ملي ته برابر اھو سچ آھي ته ھرھڪ ٿاڻي جو جدا جدا اگھه مقرر ٿيل آهي يعني:
جيڪو ٿاڻو، ڏي وڌ ناڻو
سو ئي سون جي اگھه اگھاڻو
ان کان پوءِ جيڪو دؤر آيو تنهن ۾ چؤٻول ٿي ويو ته ماستري وڪامجي پيئي ھيترن لکن ۾ ۽ اسڪول وڃو يا نه وڃو اوهان کي گھر ويٺي ھر مھيني پگھار ملندي رهندي. ھڪڙي مشهور پيراڻي گاديءَ جي پونيئرن جو اھو سونھري دؤر به دنيا ڏٺو. ان کان پوءِ رشوت جو موذي مرض پرائمري اسڪولن کان يونيورسٽين تائين وچڙندي ڏٺوسين. سڀ کان پهرين ته ڪوڙين ڊگرين جو رواج شروع ٿيو. اھو ھيئن ته آئين ۾ اھو شرط رکيل ھو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر، سينيٽر، وزير يا صلاحڪار ٿيڻ لاءِ گريجوئيٽ ھجڻ لازمي ھوندو. اڻپڙهيل ڄٽ وڏيرن، سردارن، چوڌرين ۽ خانن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي ته ڊگري ڪٿان پيدا ڪريون! سندن واٺن ۽ ڇاڙتن پنهنجي پنهنجي علائقي جي يونيورسٽي ۾ وڃي جڳاڙي پروفيسرن ۽ انتظامي آفيسرن کي ھٿ ڪيو جن ڳريون رقمون اوڳاڙي اسيمبلين ۽ وزارتن جي سمورن شوقين ھمراھن کي تعليم جي زيور سان سنواري سينگاري ڇڏيو.
﴿ ۽ پوءِ رشوت پنهنجي اوج تي پهچي ويئي. لکن جي جاءِ ڪروڙن والاري ڇڏي. نيٺ اھو مرحلو به اسان جي اکين آڏو آيو جڏهن ٿاڻن جي انچارج وانگر يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جا عھدا به نيلام ٿيڻ شروع ٿي ويا. اسان وٽ سنڌ ۾ انھيءَ اھم ترين عھدي تي عالم فاضل مقرر ڪرڻ لاءِ پنج سال اڳ ارڙهين ترميم تحت صوبائي ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ٺاهي ويئي جنهن جو سربراهه ڊاڪٽر عاصم نالي فقط ايم بي بي ايس پاس ڪيل حڪمران لڏي جي خاص ماڻهوءَ کي لڳايو ويو. نيلامي شروع ٿي ته نا اهل ۽ رشوت خور طبقي وارن لوڀين جي چاندي ٿي ويئي. کين خبر هئي ته ھرھڪ يونيورسٽي کي ترقياتي ڪمن لاءِ اربين روپيا سالياني بجيٽ ملندي آهي. مالڪ به خوش ته ٻانھا به راضي.
اھڙي ريت ھر يونيورسٽي جي وائيس چانسلري حاصل ڪرڻ لاءِ گھڻن ئي اميدوارن جي لائين لڳي ويئي ڊاڪٽر عاصم جي ڪلفٽن واري دفتر ٻاھران جتان ان زماني ۾ ئي رياستي ادارن جا سگهارا ماڻهو ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪري کڻي ويا ۽ ٻه اڍائي سال جيل ۾ واڙيل رهيو.
ڪمال اھو آهي ته ڊاڪٽر عاصم جي جيل وڃڻ کانپوءِ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جو ڪوبه سربراهه مقرر نه ڪيو ويو. جيئن ئي ھمراھه جيل مان ڇٽو ته وري اچي چارج سنڀالي ورتائين پنهنجي پارٽي چيئرمين جي حڪم تي ۽ ھاڻي به وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جو اختيار ڊاڪٽر عاصم وٽ آهي. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ ماحول اھڙو ئي خراب ٿي چڪو آهي جھڙو اسان جي ڳوٺن ۽ شھرن جو بڇڙو حال آهي.
خميس ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جي ھڪ شاگردياڻي جو هڪ سنڌي اخبار ۾ خط ڇپيو ته ڍورن ڍنگرن کي کارائڻ جھڙي ماني ۽ ٻوڙ ٻه سئو روپين ۾ وٺڻ تي کين مجبور ڪيو پيو وڃي. ھاسٽل ۾ رهندڙ جيڪي نياڻيون بيمار ڪندڙ انھيءَ ماني کائڻ بدران پاڻ پنهنجي ماني ٺاهڻ گھرن ٿيون ته انهن کي ذليل ڪيو ٿو وڃي. مارئي ھاسٽل ۾ رهندڙ سنڌو ملاح نالي شاگردياڻي وڌيڪ لکيو آهي ته ھتي ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کان اڳ ھڪ ليڊي ڊاڪٽر ۽ ھڪ ڊسپينسر به مقرر ٿيل هيون، جيڪي ڪنهن به اوچتو بيمار ٿيندڙ شاگردياڻي جو ھڪدم علاج ڪنديون ھيون يا جي بيماري وڌيڪ آهي ته کيس فرسٽ ايڊ ڏيئي لمس اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ جو بندوبست ڪنديون هيون. خبر ناهي ته اھا ڊاڪٽرياڻي سال ڏيڍ کان ڪيڏانهن غائب ٿي ويئي؟ جيڪڏھن ھاسٽل ۾ ڪنهن نياڻيءَ جي طبيعت خراب ٿي وڃي ته اها تڙپندي ۽ ڦٿڪندي آهي ڇو ته نه فرسٽ ايڊ ۽ نه ڪا ايمبولينس مارئي ھاسٽل کي ڏيڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميا تيار آھي. ڪيترائي مھينا دانھون ڪندي ٿيا آھن پر ھتي ڪير ٻڌڻ سڻڻ وارو ناهي.
شاگردياڻين تي پنهنجو کاڌو پاڻ پچائڻ تي پابندي ان ڪري لاڳو ڪئي ويئي آهي ته اھي ميس مان مھانگي ۽ بي سوادي ماني خريد ڪرڻ تي مجبور ٿين. ان سان گڏوگڏ مارئي ھاسٽل جي شاگردياڻين کي ھڪڙي بس مليل ھئي جنھن ۾ چڙهي ھاسٽل کان ٻاهر شهر وڃي اسين پنهنجي گھربل شين ۽ ڪتابن توڙي سودو سبزي جي خريداري ڪندا ھئاسين، اھا پوائنٽ ھاڻي ان بھاني کسي ورتي اٿن ته متان ڪي ڀڄي نه وڃن. سنڌو ملاح لکيو آهي ته جنهن ڇوڪريءَ کي ڀڄڻو ھوندو سا رڳو انهي پوائنٽ ۾ ڇو ڀڄي، ٻي ٽرانسپورٽ ۾ به وڃي سگهي ٿي. ۽ سڀ کان اھم مسئلو مارئي ھاسٽل جي شاگردياڻين جو آهي انٽرنيٽ کان محرومي! اڄڪلهه ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ سبب آن لائين پڙھائڻ جو رواج وڌيو آهي. ھونئن به جيتري علمي ڄاڻ سوشل ميڊيا ذريعي ملي ٿي، اوتري ته گوسڙو استاد نٿا ڏين. ھاسٽل جي پرووسٽ اھا ساڳي عورت مقرر ٿي ويئي آهي جنهن کي نائيلا رند جي پراسرار موت سبب ھٽايو ويو هو. ھنن سھوليتن جي اڻهوند بابت کيس دانھن ڏيون ٿا ته ھڪدم اھا ڌمڪي ڏيو ڇڏي ته شڪايت ڪندڙ کي ھاسٽل مان ڪڍي ڇڏينداسون.
رڳو سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ايتري ويڌن ناھي. خيرپور جي شاھه لطيف يونيورسٽي کان سنڌ يونيورسٽي تائين شاگردياڻين سان بدسلوڪي ۽ کين اغوا جي ڪوشش ڪرائڻ جا واقعا به پيش اچن پيا. جمعي ڏينهن سجاول جي ھڪ شاگردياڻي الماس ڪلاس روم کان مارئي ھاسٽل ڏانهن پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي رهي هئي ته ٽن موٽر سائيڪلن تي سوار ڇھن بدمعاش لوفرن کيس اغوا ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي پر نياڻيءَ جي پڪارڻ تي گھڻيون شاگردياڻيون مڙي ويون جن کي ڏسي لوفر وٺي ڀڳا. جيتوڻيڪ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳل آھن جن وسيلي ڏوھارين جي سڃاڻپ سولائيءَ سان ڪري سگهجي ٿي پر يونيورسٽي انتظاميا کي ڪھڙو لاچار آهي جو مغز ماري ڪري؟ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر تي نيب جا ڪيس داخل آهن پر گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي اٿس.
سنڌ جي حڪمرانن کي تعليم جي تباهيءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. ادارن کي تباھي کان بچائڻ خاطر تمام سٺي ساک وارن تعليمي ماهرن کي اعليٰ عھدن تي مقرر ڪيو وڃي. جيڪڏهن نيب کان ضمانت تي آزاد ٿيل ڊاڪٽر عاصم سنڌ جي ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چڱو مڙس رهيو ته پوءِ خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو ته ھنن ادارن جو رھيل کھيل سوجھرو به چٽ ٿي ويندو.