ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان جي فورسز تي منظم نموني حملا ٿي رهيا آهن، جنهن جي ڪري ملڪ کي ڳرو نقصان سهڻو پيو پوي. هونئن ته حڪومت اها دعويٰ ڪندي رهندي آهي ته ان دشمنن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي پر تنهن هوندي به اهي چيلهه ڀڳل دشمن ملڪي سلامتيءَ تي حملا ڪندا رهندا آهن. بلوچستان ۾ ٿيل فوجي جوانن تي حملن مان به اهو ظاهر ٿيو ته هڪ ڀيرو دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ تيزي اچي رهي آهي، جنهن جي ڪري ملڪي امن امان جي صورتحال بنهه خراب ٿي رهي آهي. اهڙي ريت گذريل ڪجهه ڏينهن کان اولهندي سرحد تي صورتحال ڪجهه خراب نظر اچي رهي آهي. جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ توڙي دهشتگرد حملن کي ناڪام بڻائڻ ضروري آهي. جيتوڻيڪ فورسز ڪيترن ئي دهشتگردن کي ماريو به آهي ۽ انهن خلاف ڪارروايون به ڪيون پيون وڃن پر وري به دهشتگرديءَ کي پاڙان پٽڻ جي ضرورت آهي. ڪالهه جيڪي حملا ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرم ۾ پاڪ – افغان بارڊر تي ٿيا آهن، سي به خطرناڪ آهن. جن ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا آهن.
خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرم ۾ پاڪ – افغان سرحد پار کان دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪستان فوج جي تعلقات عامه واري شعبي موجب ضلعي ڪرم ۾ افغانستان کان دهشتگردن سيڪيورٽي فروسز تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فورسز جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي ڳرو نقصان ٿيو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگردن پاران افغان سرزمين جي استعمال جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ افغان عبوري حڪومت سان مستقبل ۾ اهڙيون سرگرميون نه هئڻ جي اميد ڪري ٿو. وڌيڪ چيو ويو ته فوج دهشتگرديءَ جي جنگ خلاف پاڪستان جي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن. عام طور تي اهڙا حملا ٿيڻ کان پوءِ اهو پڻ چيو ويندو آهي ته ان ۾ ٻاهرين قوتن جو هٿ آهي. جيڪڏهن ٻاهرين قوتن جو هٿ آهي ته ان هٿ جو خاتمو پڻ ضروري آهي. جڏهن ته پاڪستان دهشتگرديءَ جو سلسلو ڏهاڪن کان جاري آهي. ان کي ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ضروري آهي. پاڪستان هڪ پاسي پنهنجي معاشي جنگ وڙهي رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري سرحدن تي ٿيندڙ حملا آهن، جن جي ڪري اڃا به صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. تنهنڪري هن وقت حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي. وزير اعظم عمران خان هن ماحول ۾ به اپوزيشن پارٽين خلاف واويلا ڪري رهيو آهي. پر صورتحال اهڙي آهي جو ملڪ جي سموري سياسي قيادت کي دهشتگرديءَ جي اهم مسئلي خلاف گڏجي بيهڻ گهرجي. پر ڇا عمران خان دهشتگردي خلاف گڏيل اپائن لاءِ اپوزيشن سان گڏ بيهڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته هي معاملو سامهون آيو آهي، ان وقت کان وٺي حڪومت پاران سنجيدگي گهٽ نظر اچي رهي آهي. پر هي هڪ اهم ترين معاملو آهي. ڇاڪاڻ ته دهشتگردي سبب نه رڳو سيڪيورٽي فورسز پر عوام به گهڻو ڀوڳيو آهي. اسين پنهنجين قربانين کي ته ڳڻايون ٿا پر ڇا اهو ضروري آهي ته اسان جو عوام دهشتگرديءَ جي آڙ ۾ رڳو مرندو رهي ۽ اسين ان کي قربانيءَ جو نالو ڏيندا رهون. اهو ممڪن ناهي ته دهشتگرد ملڪ جو آسانيءَ سان پيڇو ڇڏي ڏين، ڇاڪاڻ ته اهي اڄ به ڪيترن ئي علائقن ۾ منظم لڳا پيا آهن. ان کان سواءِ اهي ٻين ملڪن جي سرزمين به استعمال ڪري رهيا آهن. تنهنڪري ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وقت هي حملا افغانستان واري سرحد وٽان ٿيا آهن. تنهنڪري افغانستان کي خطي جي امن جو خيال رکڻ گهرجي
اسين سمجهون ٿا ته دهشتگرد هڪ ڀيرو وري منظم ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن اهي وڌيڪ منظم ٿيندا رهيا آهن ته اهي وڌيڪ ڪارروايون ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آهن. تنهنڪري هن معاملي تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ ۾ امن امان قائم رهي سگهي.