ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف آڏو جهڪندڙ حڪومت

Editorial

    پي ٽي آءِ اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ عوام کي اهو يقين ڏياريو هو ته اها ڪڏهن به آءِ ايم ايف آڏو قرض لاءِ هٿ نه ٽنگيندي پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ نه رڳو پي ٽي آءِ ايم ايف کان قرض مٿان قرض کنيو پر ان عالمي مالياتي اداري جا سڀئي شرط مڃي عوام مٿان ٽيڪسن جو ايترو ته بار وڌو آهي جو عوام اهو بار هاڻ نٿو کڻي سگهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين جيڪي به قرضن جون قسطون پاڪستان کي مليون آهن، اهي سڀ مشروط آهن. آءِ ايم ايف هاڻوڪي حڪومت تي اهو زور ڀريندو رهيو آهي ته ڪيئن به ڪري عوام تي ٽيڪس مڙهيا وڃن. ٽيڪس مڙهڻ سان مهانگائي وڌي ٿي جنهن کي عوام پڄي نٿو سگهي. نتيجي ۾ ان جون مالي حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳن ٿيون. اهڙي ريت اهو سلسلو گذريل ڪيترن سالن کان جاري آهي. پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي اهو يقين ڏياريندي پئي اچي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ڪجهه مهينن ۾ گهٽجي ويندي پر اهو رڳو هڪ دلاسو آهي. حقيقتن جو ان سان ڪو واسطو ناهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي به رپورٽون مهانگائيءَ جي حوالي سان ادارا جاري ڪندا رهندا آهن، انهن موجب هر مهيني مهانگائي وڌي رهي آهي پر ڪنهن به ريت اها گهٽ ناهي ٿي، نتيجي ۾ عوام جو ويساهه حڪومت تان کڄي ويو آهي. هڪ ڀيرو وري آءِ ايم ايف پي ٽي آءِ حڪومت تي اهو زور ڀريو آهي ته بجلي مهانگي ڪئي وڃي.

    رپورٽ موجب عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان سان طئي ٿيل معاهدي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان تعميراتي شعبي لاءِ مالياتي ادارن جي ايمنسٽي اسڪيم ڪنٽرول ڪري، گڏوگڏ بجلي اگهن ۾ واڌ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ايف بي آر انڪم ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ايندڙ مالي سال ۾ ايف بي آر لاءِ 1155 ارب رپين جو واڌو ٽيڪس جو هدف رکيو ويو آهي. ايندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر ٽيڪس هدف 7255 ارب رپيا تجويز ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 406 ارب رپين جي وصولين جي تجويز آهي ۽ سڌي ريت ٽيڪسن جي مد ۾ 2711 ارب رپيا وصولي جي تجويز ڏني وئي آهي. آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان تي عمل مڪمل ڪري، پاڪستان مني لانڊرنگ خلاف 27 مان 26 نقطن تي عمل ڪيو آهي. پاڪستان گڏيل قومن طرفان دهشتگرد قرار ڏنل گروپن جي اڳواڻن خلاف جاچ ڪري سزا ڏياري. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان اي پي جي طرفان نشاندهي کان پوءِ مالياتي نظام ۾ خاميون ختم ڪري، ايندڙ مالي سال لاءِ وياج ادائيگين جي مد ۾ 3523 ارب رپين جو ڪاٿو آهي، خرچن جو ڪاٿو 12 هزار 994 ارب رپيا ۽ آمدنيءَ جو ڪاٿو 10 هزار 272 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. اڳ عوام مهانگي ترين بجلي استعمال ڪري رهيو آهي. هاڻ جيڪڏهن ان جا اگهه اڃا به وڌايا ويندا ته پوءِ ڇا عوام ان قابل هوندو ته بجلي استعمال ڪري سگهي. تنهنڪري اهو بنهه گهڻو ضروري آهي ته آءِ ايم ايف جا سڀئي شرط نه مڃيا وڃن بلڪه ان کي اهو ٻڌايو وڃي ته پاڪستان جي عوام جي آمدنيءَ ۾ گذريل ساڍن ٽن سالن کان ڪابه واڌ ڪانه ٿي آهي. تنهنڪري ان تي وڌيڪ مهانگائيءَ جو بار نٿو وجهي سگهجي. پر حڪومت اهو طئي ڇڏيو آهي ته ڪنهن به ريت عوام تي ٽيڪسن جو بار وجهي پنهنجو پاند آجو ڪرائڻو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻوڪي حڪومت ڪيتري عوام دوست آهي. عمران خان پاڻ ماضي ۾ اهو چوندو رهيو آهي ته کيس خراب لڳندو آهي، جڏهن پاڪستان جا حڪمران ڪڏهن آءِ ايم ايف وٽ ته ڪڏهن وري سعودي عرب وٽ پئسا پنڻ ويندا آهن، پر هاڻ هو پاڻ اهي عمل ڪري رهيو آهي، جيڪي کيس نٿا جڳائين.

ملڪ جو عوام هر اسم تي ٽيڪس ڀري ٿو، پر ڇا اسان جا حڪمران ٽيڪس مناسب نموني ادا ڪن ٿا، اهي واقعي به ايترو ٽيڪس ڏين ٿا،جيتري سندن آمدني آهي. جڏهن ٽيڪسن جو سڄو بار رڳو عوام تي مڙهيو ويندو آهي ته پوءِ حڪومتي معاملا توڙي ملڪ جا مالي معاملا بهتر نموني ڪونه هلي سگهندا آهن ۽ ملڪي معيشت ترو وٺندي آهي پر هن وقت تائين وزير اعظم جي معاشي ٽيم به ڪو ٻوٽو ڪونه ٻاري سگهي آهي. حڪومت عوام آڏو رڳو غلط انگ اکر پيش ڪندي رهي آهي. جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام آڏو اهي انگ اکر پيش ڪيا وڃن جيڪي حقيقت تي ٻڌل آهن.

اسين سمجهون ٿا ته ملڪي معيشت هن وقت رڳو آءِ ايم ايف جي قرض تي ڀاڙي رهي آهي، جنهن سان ڪڏهن به ملڪ جون مالي حالتون بهتر نه ٿي سگهنديون. عوام تي ٽيڪس مڙهي بجلي مهانگي ڪري ۽ ٻيا اسم مهانگا ڪري ڪنهن به ريت ملڪي ناڻو وڌائي نٿو سگهجي، تنهنڪري حڪومت عوام تي رحم ڪري ۽ مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي مناسب بندوبست ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button