هي دور جنهن کي عالمگيريت جو دور چيو وڃي ٿو، جيڪو پاڻ سان نوان خيال، نيون، سوچون ۽ نوان انداز ۽ رويا کڻي آيو آهي، جنهن کي سمجهڻ ۽ پرکڻ اڄ جي دور جي عام انسان لا وڏو چئلينج ٿي پيو آهي. ڇو ته هن دور تي دنيا جا مختلف ماڻهو مختلف رايا رکن ٿا. هڪڙا هن دور جي هيڏي ترقي کي هڪ وڏو انساني ڇال سمجهن ٿا ۽ پر ٻيا سامراج پاران هٿرادو پيدا ڪيل هڪ مها ڄار سمجهن ٿا، جنهن جو مقصد انسان کي ذهني غلام رکڻ آهي. هڪڙا سڄو ڏينهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حيران ڪندڙ ڪارنامن جو ذڪر ڪندا رهن ٿا ته ٻيا ان ٽيڪنالاجي کي انسان جي روين، خيالن ۽ سوچن تي اثر انداز ٿي انسان جو هن سماج ۽ فطرت کان ڪٽجي ويڳاڻو ٿيڻ جو ڪارڻ سمجهن ٿا. تنهن ڪري هي دور تمام پيچيده آهي ۽ ان کي سمجھڻ اسان لا تمام ضروري آهي ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو “عالمگيريت ۽ انسان” ڪتاب به هن دور کي سمجهڻ جي هڪڙي ننڍڙي ڪوشش آهي، جيڪو ٽوٽل ڇهن بابن تي مشتمل آهي، هن جو پهريون باب عالمگيريت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب هن دور کي نظامن جي تاريخي پس منظر ۾ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جو خيال، سوشلسٽ نظام جي ڪمزور ٿيڻ جي ڪري سرمائيدراڻا نظام پوري دنيا ٿي حاوي ٿي ويو ۽ ان انسان کي غلام رکڻ لا ٽيڪنالاجي جو ڀرپور استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. غفور ميمڻ ان صورتحال کي بيان ڪندي صفحي 27 تي لکن ٿا ته “دنيا ۾ 1930ع کان ٽي اهم نظام ٽڪرا ۾ اچي رهيا هئا هڪ فاشزم، ٻيو لبرلزم (جمهوريت ۽ سرمائيداري ) ٽيون ڪميونزم. 1945 ۾ فاشزم کي شڪست اچي وئي، دنيا ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي وئي. عالمي جنگ جي نتيجي ۾ اڌ دنيا سوشلسٽ ڪئمپ ۾ شامل ٿي ويئي. سرمائيدار کي اهو احساس ٿيو ته جنگ سندس فائدي ۾ ناهي، جي ٽين عالمي جنگ لڳي ته سڄي دنيا ڪميونسٽ ڪئمپ ۾ تبديل ٿي ويندي، انهي ڪري هنن سرد جنگ جي شروعات ڪئي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي پنهنجي مفاد لا استعمال ڪيو، 1980ع کان ڪمپيوٽر جي ايجاد، انٽرنيٽ ۽ موبائل جي ايجاد سان سويت يونين جي مقابلي جو نئون دور شروع ٿيو. آخرڪار سرمائيداريءَ سان مقابلي ۾ سوشلسٽ دنيا پوئتي رهجي وئي، 1995ع کان پو دنيا ۾ صرف عالمي سرمائيداري جو نظام وڃي رهيو آهي.”
ان سرمائيدار دنيا جيڪا سويت يونين جي ٽٽڻ جي ڪري تمام مضبوط ٿي اڀرڻ لڳي ۽ سامراج پنهنجي تجربن مان سکڻ کان پو اهو نتيجو ڪڍيو ته عام بکين ۽ پٺتي پيل ملڪن جي ماڻهن کي ڏنڊي جي زور تي غلام نٿو رکي سگهجي ۽ نه ئي ان جو استحصال ڪري سگهجي ٿو. تنهنڪري سامراج ۽ سرمائيدار دنيا ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ۽ اُن ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ لڳو، جنهن جو اظهار ڊاڪٽر غفور اجهو هيئن ڪيو آهي “گلوبل دنيا جي سامراج پنهنجي شڪل وڌيڪ طاقتور بنائي ڇڏي. اڳ صرف سرمائيدار پنهنجيون ٽجوڙيون ڀريندو مزدوي جو استحصال ڪندو هو پر عالمي سامراج هر ماڻهو جيڪو ڀلي گهر ويٺو هجي ان جو به استحصال ڪري ٿو ڇو ته هن جون شڪليون وڌي چڪيون آهن، هاڻي ميڊيا سامراجي نظام جي اعليٰ شڪل آهي، ان کانپو عالمي ادارا، سامراج جي شڪل آ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ، اسٽاڪ ايڪسچينج آهي، جنهن جي ذريعي غريب ملڪن ۾ مداخلت ڪري انهن کي غلام ٺاهيو وڃي ٿو، اتان جي حڪمرانن کي لٽڻ ڦرڻ جي آزادي ڏيئي انهن کي بيلئنر ٿيڻ جو چانس ڏنو وڃي ٿو.”
ان کانپو ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ مختلف مفڪرن جي نظرين جي پس منظر ۾ جديديت پڄاڻان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جنهن ۾ ڪارل مارڪس جو خيال هو ته هر شي جي تاريخ هوندي آهي ۽ ان جو واسطو زمان ۽ مڪان سان هوندو آهي پر جديديت پڄاڻان دور مارڪيٽ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي روز نئون زمان مڪان آهي، جنهن کي اها “تاريخ جو خاتمو” جو نالو ڏئي ٿي.
هن دور جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته اڄ جي دور جي سڀ کان وڏي ٺڳي اليڪٽرانڪ ٺڳي آهي، جنهن ۾ ماڻهو کي ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي ٺڳيو وڃي ٿو ۽ ماڻهو بي وقوف بنايو وڃي ٿو، ۽ اهو اليڪٽرانڪ ڪاڪ مهل آهي جنهن ۾ ماڻهو هڪ دفعو گم ٿيو ته ڪٿان به نه لڀندو.
ايئن هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ عالمگيريت ۽ ان جي ڪمرشلائيزيشن تي بحث ڪيو ويو، جنهن جو مختصر جائزو ورتو ويو آهي.
ان کان پو ٻئي حصي ۾ ھن دور جو انسان ۽ ان جي ذات تي ٿيندڙ اثر جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن جو پاڻ هڪ ٻن نقطن جائزو وٺنداسين.
جديديت پڄاڻان جي هي دور جنهن ۾ لاقانونيت آهي، انارڪي ۽ انسان جي ويڳاڻپ آهي، انسان مارڪيٽ جو غلام آهي، نفسياتي طور تي خواهشن جو غلام آهي ته اتي انسان جو مستقبل ڪهڙو هوندو ڇا انسان ارتقائي ڏاڪا طئه ڪري ان حالت مان نڪري ويندو يا اڃا به وڌيڪ بدتر حالت ۾ ويندو هليو، ان سوال تي ڊاڪٽر صاحب صفحي 123 تي لکي ٿو ته “سوال اھو آهي ته ڇا انسان هڪ ٻئي نسل ۾ منتقل ٿي ويندو؟”
جيئن ڊارون چيو ته انسان بندر نما نسل مان ارتقا ڪري موجوده دور ۾ پهتو آهي بلڪل ايئن روحاني ارتقا سندس انسان هئڻ جو نشان هو پر اڄ مادي سهولتون جڏهن جسماني محنت ختم ڪري ڇڏينديون، انسان فطرت کان مڪمل ڪٽجي ويندو، ماحولياتي گدلاڻ وڌي ويندي، ٽيڪنالاجيءَ جي ٻوڏ انسان کي صرف مارڪيٽ جو وکر بنائي ڇڏيندي رشتا ناتا ختم ٿي ويندا ته ڇا سماج به ختم ٿي ويندو، انسان جي زندگي جسماني طور به ڪو نئون رخ وٺندي؟ اهو اهم سوال ته مستقبل ۾ هٿرادو ذهانت سبب انسان جي فطرتي ذهانت ختم ڪري ڇڏيندي؟
سماجي ڍانچي جي نوعيت اها نه رهندي سڀ ڪجهه آن لائن هوندن اڻ ڇهندڙ ملڪيت جنم وٺندي ته ممڪن آهي ارتقائي طور انسان ڪنهن ٻئي رخ ۾ ارتقا ڪري ڪجھه ٻيو بنجي وڃي پر گهٽ ۾ گهٽ انسان نه رهندو. ممڪن آهي ته سماج ختم ٿي وڃي هڪ نئون نسل جنم وٺي جيڪو ڪائنات جو به خطرناڪ ترين وحشي جيو هجي. ائين هن ڪتاب ۾ پاڪستان ۽ سنڌ جي حالتن کي عالمگيريت جي پس منظر سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جيڪو اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ اسان ۾ هن سماج ۽ جديديت پڄاڻان دور کي سمجهڻ جي هورا کور پيدا ٿئي ٿي. جيڪا يقينن هن ڪتاب ۽ ليکڪ جي ڪاميابي آهي.