ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قتل جي واقعن کي ڪير روڪيندو؟

Editorial-Article-Rashid Leghari

هن وقت سماج ۾ هڪ وحشت جي فضا قائم ٿي چڪي آهي. هر پاسي هڪ غير يقيني ۽ عدم تحفظ جي صورتحال نظر اچي رهي آهي. ڌرتيءَ تي جيئندڙ هڪ بيوس انسان ئي آهي، جيڪو سموري سماج جي نفرتن کي برداشت ڪرڻ سان گڏ ڀوڳي به رهيو آهي. هڪ تڪليف ڄڻ ته ان بيوس انسان جي حصي ۾ آئي هجي. پو چاهي مرد هجي، ٻار يا عورت هجي، اهي ننڍي سطح جي ظلم کان وٺي رياسي ڏاڍ ۽ جبر جو آسانيءَ سان نشانو بڻجي وڃن ٿا. اهڙي ظلم ۾ ڪير تحفظ ڏيندو، اهو اڄ جي سماج جو اهم سوال هجڻ گهرجي. جنهن ۾ سک واري سماج جو عنصر شامل هجي، ٻي صورت ۾ اڃا هان ڏاريندڙ ۽ رڙيون ڪڍائيندڙ واقعا ڏسڻ لا ملندا، جيڪي اسان کي پوري انساني تاريخ ۾ ڪٿي به نظر ڪين آيا هوندا. هن سڄي عمل پٺيان به هڪ مفاد ۽ منفي لاڙو هوندو، جنهن کي ختم ڪرڻ جي ايجنڊا اسان وٽ هجڻ ضروري آهي.
اسان ڏٺو آهي ته ملڪ جي سموري رياستي ڍانچي ۾ موجود پاپولر ۽ وڏين پارٽين جي حڪومتن به عوامي مفادن جي ڪنهن به ايجنڊا کي اهميت نه ڏني آهي. هن وقت وري اپوزيشن طور اڀري آيل پارٽين حڪومتي ڌر سان وڙهڻ کانسوا عام ماڻهن جي زندگيءَ سان لاڳاپو نه رکيو آهي. ساڳئي وقت فوجي حڪومتن ۽ اسٽيبلشمينٽ به پنهنجي دور ۾ پارٽين کي پنهنجي پسند جي ايجنڊا ڏيڻ کانسوا ڪجهه نه ڪيو آهي. اهو لقاءُ هن وقت عمران خان جي حڪومت ۾ وڌيڪ نظر آيو آهي. جيتوڻيڪ عوام لا هن وقت تڏا ويڙهه کانسوا ٻيو ڪو به سياسي ميدان ناهي. جنهن کي سجائڻ لا ڀلي نواز ليگ کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ٻيون سياسي توڙي مذهبي پارٽيون دعويدار هجن پر عوام ۽ پارٽين جي وچ ۾ هڪ لڪير نڪري چڪي آهي، ويڇا وڌي چڪا آهن. هڪ وحشتناڪ صورتحال سان گڏ عوام پنهنجي جياپي جي شين کان به محروم ٿيندو پيو وڃي. ضرورت جي شين جو مهانگو ٿيڻ ئي ان وقت جي حاڪم ۽ حڪومت جو موت هوندو آهي. اهو سڀ ڪجهه اسان هر پاسي ڏسي رهيا آهيون. حڪومت ۾ ويٺل وزيرن ۽ ڪامورن جون ئي ملون ۽ فيڪٽريون هونديون آهن. جتي اوهان ۽ اسان وٽ زنده رهڻ لا شيون مهانگيون ٿي مارڪيٽ ۽ بازارن ۾ پهچن ٿيون. رات پيٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين جا هٿرادو اگهه لڳائي واپاري ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو امير ٿي ويندا آهن. اهو سڀ ڪجهه حيدرآباد سميت وڏن شهرن جي هول سيل مارڪيٽن ۽ عام واهپي جي شين جي وڏين مارڪيٽن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اها مهانگائي ئي آهي جنهن انسان کي مونجهارن ۽ نفسياتي بيمارين ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي.
اهڙين حالتن ۾ اسان ڏٺو آهي ته انسان جو انسان تي حملي ڪرڻ جو لاڙو وڌيو آهي. هن وقت مون جيترا قتل جا واقعا رپورٽ ڪيا آهن، اهي اڳ ۾ ڪڏهن به رپورٽ نه ٿيا آهن. گذريل سال پوليس پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته حيدرآباد شهر ۾ سال 2021ع ۾ 42 شهرين کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ٻارڙا، عورتون ۽ مرد شامل آهن. انهن قتل ڪيسن جي جاچ ڪٿي پهتي آهي، اهو به هڪ وڏو سوال رهيو آهي. حيدرآباد ۾ واهن، ڪئنالن، ريل جي پٽڙين، روڊن تان نامعلوم ماڻهن جي لاش ملڻ جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي. جنهن جي پوليس ۽ جاچ ڪندڙ ادارا انويسٽگيشن ڪن ته اهي سلسلا به رڪجي سگهن ٿا.
ٻيو ۽ آخري مرحلو ان قتل ڪيسن جي سزا جو آهي. جيتوڻيڪ حيدرآباد ۾ ڪرمنل ماڊل ڪورٽن 2000ع کان وٺي 2014ع تائين جي قتل ڪيسن جو گهڻي ڀاڱي فيصلا ٻڌائيندي ڦاسيءَ کان وٺي جنم ٽيپ جي سزا پئي ٻڌائي. جن سزائن خلاف وري ماڻهو اپيلن ۾ به وڃن ٿا. هن وقت ها ڪورٽ قتل ڪيسن جي جوابدارن جي ضمانت ۾ آخري واڌ نٿي ڪري. جنهن کان پوءِ جوابدار وري وڪيلن معرفت سپريم ڪورٽ پهچن ٿا، جتان به سندن ضمانتون رد ٿينديون رهيون آهن. قاسم آباد ۾ نسيم نگر ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان عثمان سومرو جي قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو مختيارڪار قاسم آباد ماجد خاصخيلي سپريم ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ اسلام آباد پوليس هٿان گرفتار ٿي ويو آهي. گذريل سال آڪٽوبر مهيني ۾ اڳوڻي مختيارڪار قاسم آباد ماجد خاصخيلي جي اوطاق مان سندس ملازم عثمان سومرو جو گولي لڳل لاش مليو هو. لاش ملڻ کان پوءِ سومرا برادريءَ جي ماڻهن مختيارڪار جي اوطاق ۽ گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري مختيارڪار ماجد، سندس ڀا ۽ پوليس اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. قتل ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ماجد خاصخيليءَ جي ها ڪورٽ حيدرآباد ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي، جيڪو قتل ڪيس ۾ روپوش ٿي ويو هو. جنهن کان پوءِ هن ضمانت لا سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ماجد خاصخيليءَ جي قتل ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کي موقعي تي موجود اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کي نسيم نگر پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل جوابدار کي جاچ آفيسر سراج لاشاري قتل ڪيس مان آجو قرار ڏيندي قتل واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي ڪيس ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. سومرا برادري خلاف پڻ هڪ ڪيس ختم ڪرڻ ۽ پوليس تي حملي جو ڪيس دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت ۾ موڪلڻ جي سفارش ڪئي هئي. ياد رهي ته حيدرآباد جي بلديا ٿاڻي جي حد ۾ شادي هال ۾ قتل ٿيل ويٽر ٺارو شورو جي قتل ڪيس جا جوابدار ها ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ حيدرآباد پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي هئي.
18 نومبر تي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پورهيت ويٽر جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار رضوان، فرمان، شاهه محمد ۽ شاهه جهان کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري حيدآباد سينٽرل آندو ويو هو. اهڙي ريت تازو قاسم آباد ۾ ڊي ايس پي فيض محمد دايو کي قتل ڪيو ويو آهي. جنهن جو قاتل پوليس وٽ آهي. جيڪو سندس ئي گارڊ اهلڪار هو. جنهن ابتدائي بيان ۾ پوليس آڏو اعتراف ڪيو ته مون کان گهڻو ڪم ورتو ويندو هو، ساٿي اهلڪار بي عزتي ڪندا هئا، ان ڪري قتل ڪيم. هن قتل جي جاچ ڊي ايس پي رينڪ جي آفيسر غلام شبير سرڪي حوالي ڪئي وئي آهي. اهو جاچ آفيسر ساٿي ڊي ايس پي جي قتل جا ٻيا ڪهڙا ڪهڙا پاسا ڳوليندو، اهو هڪ الڳ سوال آهي. ساڳئي آفيسر وٽ سٽي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل هوٽل مالڪ جي جاچ به هئي، جنهن ڪيس جا جوابدار پڻ پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيا آهن.
هي ڪالم جي لکڻ تائين نئون ڪوٽ ۾ هڪ ٻارڙي ۽ عورت کي اجتماعي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو ويو آهي. اهو حشر به مظلوم ۽ بيوس عورتن سان ئي پيش آيو آهي. طاقتور ماڻهو قانون جي پڪڙ ۾ هر صورت ۾ اچڻ گهرجن. هن بدبودار سسٽم مان اڃا وحشتناڪ ۽ عبرتناڪ نمونا سامهون اچڻا آهن. اسان هن ملڪ ۾ ڏٺو آهي ته ڄڻ سمورو سماج ريپ ڪندڙن حوالي ٿي چڪو آهي. هي رياست عوام توڙي فرد جو تحفظ ڪرڻ کان قاصر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button