ڳالهھ ٻولهھ ڪرڻ شاگرد توڙي استاد جي روزمره جي زندگي جو حصو آهي، سٺي ڳالهھ ٻولھه جي مهارت هڪ اهڙو اوزار آهي جيڪو چقمق وانگر شاگردن جي سڄي توجهه کي ڇڪي استاد ڏانهن ڪندو آهي. اها مونجهارن ۽ وضاحتن جي وچ ۾ هڪ پُل جيان آهي جيڪا شاگردن کي تمام مونجهارن جي رستن تان گذاري وڃي وضاحتن جي منزل تائين آساني سان پهچائيندي آهي. ڳالهھ ٻولھه واري عمل سان استاد ۽ شاگرد پنهنجا خيال ۽ ويچار هڪ ٻئي سان سليندا آهن ۽ انهن کي سمجهڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا آهن. انهي جا ٻه مکيه قسم آھن هڪ زباني (آواز) ۽ ٻيو غير زباني (اِشاري). انگريزي ۾ هڪ چوڻي آهي ته “ڳالهھ ٻولهھ جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان سمجهڻ لاءِ نه پر جواب ڏيڻ لاءِ ٻڌندا آهيون” روس جي محقق، جي آرتيوشينا ۽ ٻين پنهنجي تحقيق “ٽيڪنيڪل شاگردن لاءِ ٻڌڻ جي صلاحيتن کي ڪيئن بهتر بڻايو وڃي” ۾ ٻڌايو آهي ته “ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا چار مختلف جزا آهن جھڙوڪ لکڻ، پڙهڻ، ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ، جنهن مان ڪيترن ئي شاگردن لاءِ ٻڌڻ تمام گھڻي مشڪل مهارت آهي. پر ڳالهھ ٻولهھ ڪرڻ ۾ مصروف هڪ شخص تقريبن 9 سيڪڙو لکڻ ۾، 16 سيڪڙو پڙهڻ، 30 سيڪڙوڳالهائڻ ۽ 45 سيڪڙو ٻڌڻ لاءِ وقف ڪندو آهي”. شاگرد جي ڪاميابي لاءِ استاد وٽ نه صرف سُٺي معلومات هجي پر ڳالھه ٻولهھ جون سُٺيون مهارتون پُڻ هجڻ گهرجن ڇو ته سکيا جو عمل پنجاھه سيڪڙو مضمون جي ڄاڻ تي ته پنجاھه سيڪڙو موثر ڳالهھ ٻولھه تي مشتمل آھي. اها موثر ۽ مضبوط مهارت استاد جي شخصيت کي انڊلٺ جي رنگن وانگر سنواري خوبصورت بڻائيندي آهي، اها استاد ۽ شاگرد جي تعلق کي مضبوط ڪري سکندڙن کي مختلف موضوعن تي آسان کان آسان سمجھاڻيون ڏئي سڀئي مونجھارا ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي. استاد جي اهڙي موثر ڳالهھ ٻولهھ جي مهارت کي شاگرد پسند به ڪندا آھن ۽ ان جي انهي انداز کي تقليد ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندا آھن. اھو ھڪ بنيادي ۽ ڪارآمد ذريعو آھي جيڪو شاگرد جي سٺي ڪردار، تعليمي ڪاميابي، ۽ سماجي تعلقات کي بھتر ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو آھي. استاد کي انهي مهارت جي چئني پاسن (پڙھڻ، لکڻ، ڳالھائڻ ۽ ٻڌڻ) ۾ پُڻ سٺي گرفت هجيس.
ڳالهھ ٻولهھ جي مهارت استاد لاءِ ٽِن مختلف جڳهن هڪ شاگردن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام سوالن کي توجهه سان ٻڌي انهن کي مثبت رايا ڏيڻ وقت، ٻيو والدين سان احترام ۽ نرمي واري انداز ۾ ڳالهائي سندن موجود مسئلن تي بحث ڪرڻ وقت، ۽ ٽيون ساٿين سان سندس ڪهڙي به منجهيل سرگرمي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اها مهارت مددگار ثابت ٿيندي آهي. ڳالهھ ٻولهھ جي مهارت ۾ استاد جو صرف زباني ڳالهائڻ ئي اهميت نه ٿو رکي پر ان ۾ سيکارڻ جو انداز، شاگردن کي سکڻ جي لاءِ حوصلو ڏيڻ، انهن سان معاون تعلق قائم ڪرڻ، ڪلاس جو ماحول سٺي طرح برقرار رکڻ ۽ شاگردن کي رائي ڏيڻ وغيره شامل آهن. اهي سڀئي جزا شاگرد کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پڻ مددگار ثابت ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن استاد وٽ انهي مهارت ۾ گرفت نه هجي ته اها شاگردن جي ڪاميابي تي منفي اثر وجهڻ ۾ دير ناهي ڪندي.
سُٺا استاد اهي هوندا آهن جيڪي شاگردن سان پنهنجا ويچار سلڻ جي مضبوط طاقت رکندا هجن. پنهنجي خيالن جو اظهار سٺي ۽ موثر طريقي سان ڪري سگهن، شاگردن کي اثرائتو سيکارڻ ۽ سکيا ڏيڻ واري عمل لا استاد وٽ ڳالهھ ٻولهھ جهڙيون مضبوط مهارتون هجن. شاگرد مختلف مضمونن ۾ اڪثر ڪري خوفزده، پريشان ۽ مونجهارن جو شڪار رهندا آهن اهڙي حالت ۾ استاد غير موثر ڳالھه ٻولهھ جي مهارت جي ڪري موضوع کي مثبت انداز ۾ شاگردن تائين پهچائڻ لاءِ گهڻين مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويندو آهي. ان لاءِ استاد کي گهرجي ته هو هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکي، شاگردن سان دوستانه انداز ۾ ڳالھه ٻولهھ ڪري کين انهن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪري. استاد اڳواڻ هوندو آهي ۽ هڪ اڳواڻ لاءِ ڳالهھ ٻولهھ ئي هڪ ذريعو آهي جنهن جي مدد سان هو شاگردن مان سڀئي خوف، پريشانيون ۽ مونجهارا ختم ڪري سگهي ٿو.
استاد جو فرض آهي ته هو شاگردن کي سکيا ڏي ۽ خاص معلومات کي شاگردن ڏانهن منتقل ڪري. استاد صرف ڪتابن ۾ لکيل ڄاڻ کي واپس نه دهرائي پر شاگردن کي سکيا جي ماحول ۾ مشغول رکڻ لاءِ مختلف طريقا ڳولهي جن ۾ استاد سان گڏ شاگرد به ڪلاس جي سرگرمين ۾ رُڌل هجن. هيٺ ٻڌايل ڪجھه تجويزن تي عمل ڪري استاد ڪلاس ۾ موثر طريقي سان ڳالھه ٻولهھ ڪري شاگردن ۾ يقين ۽ خوداعتمادي پيدا ڪري سڀئي خوف، پريشانيون ۽ مونجهارا ختم ڪري سگهي ٿو. استاد ڪلاس ۾ اهڙو ماحول تيار ڪري جو ڪو به شاگرد پنهنجا ويچار ونڊيندي ڊپ، شرم ۽ هچڪچاهٽ محسوس نه ڪري، سڀني شاگردن کي برابر ڳالهائڻ جو موقعو فراهم ڪري ته جيئن ڪو به پاڻ کي ٻي کان مٿانهون نه سمجهي. جيڪڏهن ڪلاس ۾ شاگرد جوڙا ٺاهي ڪنهن به موضوع تي ڪم ڪن يا ڪنهن سرگرمي ۾ رُڌل هجن ته انهن جي گڏيل ڪم جي تعريف ڪري ۽ انهن کي شاباشي ڏئي کين حوصلا افزائي ڪري. استاد فقط ڪلاس جي سامهون بيهي پنهنجي ڳالهھ کي اهميت نه ڏي پر شاگردن جا سڀئي ويچار ٻُڌي انهن مان مثبت ۽ منفي خيالن جو فرق ٻڌائي سندن رهنمائي ڪري ڇو ته شاگردن کي ٻُڌڻ سان انهن ۾ پنهنجي قدر ۽ هجڻ جو احساس ٿيندو آهي. استاد ھميشه مثبت رائي ڏيڻ تي يقين رکي، شاگردن سان شفقت، محبت ۽ نرمي سان ڳالهائي ته جيئن هو اندر جو خوف ختم ڪري ذهن ۾ جنم وٺندڙ سوالن کي پڇڻ کان نه گهٻرائين ۽ سڀني انفرادي شاگردن کي قبول ڪري، انهن جي ذهني ۽ جسماني سگھه کي اهميت ڏي. استاد غير ضروري لفظن کي ورجائڻ کان پاسو ڪري جيئن “ام” ، “ا” ، “مثال طور” جھڙا غير ضروري الفاظ بار بار ورجائڻ سان شخصيت تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا، ان لاءِ بهتر آهي ته ڳالهائڻ ۾ روانگي اختيار ڪري، ڪلاس ۾ اچڻ کان پهريان ئي خاص موضوع تي تياريون مڪمل ڪري، استاد جي ڳالهھ ٻولهھ جي مهارت تعليمي ڪاميابي جي بنيادي ضرورت آهي جيڪا شاگردن ڏانهن تعليمي ڄاڻ کي سولي ۽ بهتر طريقي سان منتقل ڪندي آهي. استاد کي گهرجي ته پنهنجي ڳالهائڻ ٻولهائڻ واري مهارت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ وس ڪري.