3- فلسطين ۽ سامراج
فلسطين دنيا جو اهڙو خطو آهي، جتي ظلم ۽ وحشت جو هجڻ ڪيئي ڏهاڪن جي ڪهاڻي آهي. فلسطين جي سموري سياسي ۽ تاريخي سببن کي سمجهڻ لاءِ رئوف نظاماڻي جو ڪتاب
” فلسطين ۽ سامراج” اهم آهي. اهو ڪتاب 1982ع ۾ جياپو پبليڪيشن طرفان ڇپرايو ويو هو. جيئن ته هي ڪتاب فلسطين جي صورتحال جو تفصيلي جائزو پيش ڪري ٿو پر آئون ڪالم کي مختصر رکندي انهي ڪتاب جي فقط ڪجهه ڳالهين جو ذڪر ڪندس. جيئن انگريزن پاران فلسطين جي زمين تي يهودين کي رهائڻ هڪ وڏي سازش هئي ته انهن جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪري سگهجي. اسرائيل مان آيل يهودين کي انگريزن پاران وڏا عهدا ڏنا ويا، جڏهن ته فلسطينين کي بلڪل ڌڪاريو ويو جنهن تي چرچل جو چوڻ هو ته فلسطين سان همدردي يهودين سان وعدي جي ڀڃڪڙي هوندي. فلسطين جي وسيلن ۽ ذخيرن جو بري نموني استحصال ڪيو ويو.
يهودين پاران اها رٿابندي جوڙي وئي ته طاقت جي زور تي اصلوڪن ماڻهن کي زمين کان دربدر ڪرڻ، فوجي طاقت جي زور سان انهن کي غلام بڻائڻ ۽ انهن جي معاشي ڦرلٽ به انهن نقطن ۾ شمار هو.
ماڻهن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انهن ڳوٺن ۾ وڃي حملا ڪيا. هڪڙي ڳوٺ وڃي اتان جي ماڻهن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو ۽ سفاڪيت سان قتل ٿيل ماڻهن جون تصويرون ٻين ڳوٺن ۾ ڏيکاريون ويون جيئن ماڻهون خوف ۾ وٺجي خاموش رهن ۽ انهن جي غلامي ڪن.
هن ڪتاب ۾ رئوف نظاماڻي فلسطين ۾ ٿيل ظلم ۽ فلسطينين جي جدوجهد کي تفصيلي بيان ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ياسر عرفات ۽ ٻين اڳواڻن کي به وائکو ڪيو آهي.
هي ڪتاب فلسطين جو مڪمل ڪيس پيش ڪري ٿو. فلسطين جي تاريخ ۽ انهي جي حالتن بابت سنڌي ادب ۾ ههڙو ڪتاب ملڻ مشڪل آهي.
4- ڳالهيون ڪتابن سنديون:
هيءَ رئوف نظاماڻي جو هڪ شاندار ڪتاب آهي. اهو ڪتاب سندس مطالعي هيٺ رهيل فڪشن توڙي نان فڪشن ڪتابن جي تبصرن تي مشتمل آهي. انهي مان گهڻا تبصرا سنڌ ايڪسپريس ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منوج ڪمار لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ تقريبن نوي مضمون آهن ۽ گهڻا تڻا ڪتابن تي تبصرا آهن. هن ڪتاب ۾ پرڏيهي اديبن سان گڏوگڏ سنڌي ۽ اردو جي اديبن جي ڪتابن جا به تبصرا آهن. تبصرن ۾ ناول جو انگ گهڻو آهي. هن ڪتاب ۾ جارج آرويل، ايلف شفڪ، محمد حنيف، انتظار حسين، خالد طور، ارونڌتي راءِ، يوسف القعيد، طاهر بن جلون، ارون ڊي يالوم، نجيب محفوظ، جميله هاشمي، طحي حسين، نور ظهير، رسول بخش پليجو، شبير شر، سراج ميمڻ، ايم ايڇ پنهور، منوج ڪمار، ريٽا شهاڻي، الطاف شيخ، ۽ ٻين ليکڪن جا ڪتاب شامل آهن، جن جو ليکڪ ڀرپور انداز ۾ تبصرو پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ناولن سان گڏوگڏ تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب، آتم ڪٿائن ۽ جيل ڊائرين تي تبصرا پڻ شامل آهن. ڪتاب جا سڀئي مضمون بهترين آهن پر انهيءَ جو وڻندڙ ترين پاسو ناليواري صحافي رابرٽ فسڪ بابت مضمونن جو آهي. ليکڪ رابرٽ فسڪ جي لکڻين، هن جي رولاڪين ۽ اسامه بن لادن سان سندس ملاقاتن جو پورو تفصيل بيان ڪيو آهي. انهي سان گڏوگڏ ڪتاب ۾ مارڪس، لينن ۽ ٻين شخصيتن بابت به ليکڪ جا مضمون آهن.
هن ڪتاب کي پڙھڻ کانپوءِ اندازو ٿيو ته رئوف نظاماڻي دنيا جي ڪيڏي نه معياري قسم جي ادب جو مطالعو ڪيو آهي ۽ هينئر سنڌ ۾ جتي سينيئر اديبن جي مطالعي کان جيتري لاتعلقي نظر اچي ٿي انهي نظر ۾ رئوف نظاماڻي جو مثال بنهي الڳ ۽ منفرد آهي. رئوف نظاماڻي ايڏا خوبصورت ڪتاب پڙهي ۽ وري انهن تي تبصرا ڪيا آهن، جنهن سان اسان کي به انهن ڪتابن جو سٺو تعارف مليو آهي.
“ڳالهيون ڪتابن سنديون” جو هر مضمون ۽ هر تبصرو دلچسپ انداز ۾ لکيل آهي.
5- گل گل هٻڪار:
رئوف نظاماڻي جو اهو ڪتاب 2013ع ۾ پوپٽ پبليڪيشن طرفان ڇپرايو ويو. هن ڪتاب ۾ تقريبن ويهه مضمون آهن جنهن ۾ پڻ گهڻا تڻا تبصرا آهن. سنڌ جي مختلفن ليکڪن جي ناولن ۽ ڪتابن جا تبصرا آهن جنهن ۾ منير چانڊيو، اخلاق انصاري، اسحاق انصاري، امر لغاري، انيس انصاري، اياز جاني ۽ ٻيا شامل آهن،
هن ڪتاب ۾ ليکڪ ناولن ۽ مختلف شاعريءَ جي مجموعن جو سٺو جائزو ورتو آهي. ڪتاب جي وڏي اهم ڳالهه اها آهي ته انهي ادب بابت زبردست مضمون ملن ٿا. جيئن هڪ مضمون ادب زندگيءَ ۽ نظريو ۾ ليکڪ ادب جي اهميت تي تاريخي پسمنظر ۾ ڳالهايو آهي. ليکڪ سنڌي ادب جو به جائزو ورتو آهي، هو سنڌي ادب جي ناول ۽ ڪهاڻي بابت مايوسي ظاهر ڪري ٿو.
هن ڪتاب ۾ ليکڪ لطيف ۽ اياز جي شاعريءَ کي به پنهنجي مضمونن ۾ ذڪر هيٺ آندو آهي.
اهي آهن ڪجهه ڳالهيون رئوف نظاماڻيءَ جي لکڻين جون. رئوف نظاماڻيءَ جي انهن ڪتابن کي پڙھڻ کانپوءِ هڪڙو موقف اهو جڙي ٿو ته هن بلڪل سنجيده طبيعت جو شخص آهي ڇو ته سندس هر لکڻي ۾ اسان کي سنجيدگيءَ جو مظاهرو ملي ٿو. انهيءَ جو وڏو مثال هي آهي ته هن تبصرن ۾ ڪٿي به ڪا ڊيگهه نه ڪئي آهي. هر ڪتاب توڙي شخصيت بابت مختصر مضمون ۾ ئي زبردست نموني ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. رئوف نظاماڻي پڙهيو گهڻو آهي ۽ لکيو تمام گهٽ آهي، تڏهن ئي سندس هر لکڻي ۾ مطالعو مهڪي ٿو. هن گهري اک سان ڪتابن تي تبصرو ڪيو آهي.
تبصرن کانسواءِ ڏسجي ته هن پنهنجي زندگيءَ بابت به ڪا اجائي ڊيگهه نه ڪئي آهي ۽ نه ئي پنهنجو ڪو ڪارنامو ٻڌايو آهي ته هن ڇا ڇا ڪيو. بس مختصر مضمونن ۾ پنهنجي زندگيءَ جي سڄي سفر کي چٽيو آهي ۽ انهي سفر ۾مسافر ٿي آيل ماڻهن سان گهاريل پلن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن جي وڇوڙن تي پاڻ به افسرده ٿيو آهي ۽ پنهنجي لکڻين سان پڙهندڙن کي به ڏکارو ڪيائين آهي.
منهنجي مطالعي ۾ فقط هيستائين سندس اهي پنج ڪتاب ئي اچي سگهيا آهن ۽ انهي کانسواءِ به هن جا ڪجهه ڪتاب ۽ ترجما آهن، جيڪي مون کي حاصل نه ٿي سگهيا جنهن ۾ جڳ مشهور ناول ڊاڪٽر زواگو جو ترجمو، جديد سنڌي ڪهاڻي ۽ ڪجهه ٻيا آهن.
حقيقت ۾ انهن پنجن ڪتابن تي به منهنجو تبصرو ڏاڍو مختصر آهي ۽ ڏٺو وڃي ته سندس اهي ڪتاب ايڏا وڻندڙ آهن جو انهن تي الڳ الڳ تبصرو ٿي سگهي ٿو پر مون هتي فقط سندس لکڻين جو تعارف ڪرايو آهي جيئن پڙهندڙ سندس ڪتابن کان واقف ٿي سگهن.
رئوف نظاماڻي واقعي سنڌ جو هڪ جينيئس اديب آهي ۽ اميد ڪريون ٿا ته هو پنهنجي پڙھڻ ۽ لکڻ جي سلسلي وسيلي سنڌ جي نوجوانن کي نون ڪتابن بابت متعارف ڪرائيندو رهندو.
(پورو ٿيو)