ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وزيرن کي مليل تعريفي سرٽيفڪيٽ

Editorial

ٻه ڏينهن وزير اعظم عمران خان پنهنجن وزيرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا آهن، اهي سرٽيفڪيٽ وزيرن جي بهترين ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي ورهايا ويا آهن، جن ۾ 10 وزير شامل آهن. اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو ڪنهن حڪمران جماعت پنهنجن وزيرن جي ڪارڪردگيءَ جو فيصلو پاڻ ڪيو ۽ پاڻ ئي سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيا. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي نه رڳو انهن ڏهن وزيرن پر سڄي ڪابينه جي ڪارڪردگي عوام جي آڏو آهي، ان ڪارڪردگيءَ مان عوام بلڪل به مطمئن ڪونهي ۽ نه ئي وزيرن ان ڳالهه کي ڪنهن ليکي ۾ آندو آهي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪن. عمران خان سوڌو سمورن وزيرن جي هر ڏينهن تي ڪوشش اها هوندي آهي ته ڪهڙي ريت اپوزيشن پارٽين تي سياسي حملا ڪيا وڃن ۽ انهن کي چور ۽ ڌاڙيل جي لقبن سان سڏيو وڃي. جيڪڏهن انهن وزيرن جي ڪارڪردگي بهتر هجي ها ته ان جو فيصلو عوام پاڻ ڪري ها.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب وزيراعظم عمران خان بهترين ڪارڪردگي تي 10 وفاقي وزارتن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائي ڇڏيا. اطلاعات واري وزارت، ناڻي ۽ پرڏيهي وزارت سميت اهم وزارتون بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي ويون. ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر رپورٽ تيار ڪري وزيراعظم آفيس کي ڏني. جڏهن ته وزيراعظم بهترين ڪارڪردگيءَ تي 10 وفاقي وزارتن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جو اعلان ڪيو. بهترين ڪارڪردگيءَ تي 10 وفاقي وزارتن مان مراد سعيد جو پهريون، اسد عمر جو ٻيون ۽ ثانيا نشتر جو ٽيون نمبر رهيو. جڏهن ته چوٿين نمبر تي تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، پنجين نمبر تي وفاقي وزير شيرين مزاري، ڇهين نمبر تي وفاقي وزير خسرو بختيار، ستين تي معيد يوسف، اٺين نمبر تي عبدالرزاق دائود رهيو. شيخ رشيد جي وزارت جو نائون ۽ فخر امام جي وزارت جو ڏهون نمبر رهيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته شهزاد اڪبر پهريان ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ٽاپ 10 ڪير آهي، ان لاءِ باقي وزير ناهن آيا. مراد سعيد جي وزارت جي ڪارڪردگي بهترين آهي. مراد سعيد کي پهريون نمبر اچڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ سان وزارتن جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي. بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن جي ملازمن کي مراعتون ڏنيون وينديون. سزا ۽ جزا کان سواءِ دنيا جو ڪوبه نظام ڪامياب نٿو ٿي سگهي. واضح رهي ته جاري ڪيل لسٽ موجب وفاقي وزير فواد چوڌري، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وزير عمر ايوب، ناڻي وزير شوڪت ترين جون وزارتون بهترين ڪارڪردگي ۾ جڳهه ناهن ٺاهي سگهيون. عوامي سطح تي جڏهن وزير پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ڪم نه ڪندا آهن ته عوام به انهن کان مايوس ٿي ويندو آهي. جن وزيرن کي عمران خان سرٽيفڪيٽ ورهايا آهن، انهن مان ڪيترا آهن، جيڪي پنهنجن تڪن ۾ وڃي عوام جي مسئلن کي حل ڪندا رهيا آهن يا پنهنجن تڪن ۾ وڃڻ کان گهٻرائين نٿا. ڇاڪاڻ ته جڏهن کان پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي آهي، ان وقت کان وٺي نه رڳو عوامي شڪايتن ۾ واڌ ٿي آهي پر عوام جا مسئلا پڻ وڌي ويا آهن. بهتر ته ائين ٿئي ها جو اهي وزير تعريفي سرٽيفڪيٽ عوام کان وٺن ها، ڇاڪاڻ ته عوام نه رڳو پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگيءَ جي حوالي بلدياتي چونڊن ۾ پنهنجي بيزاريءَ جو اظهار ڪيو آهي پر ننڍي چونڊن ۾ به عوام نواز ليگ کي ووٽ ڏئي پي ٽي آءِ کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته وزيرن کي پنهنجي مرضي موجب سرٽيفڪيٽ ڏيڻ سان انهن جي ڪارڪردگي بهتر نه ٿي ويندي پر هي هڪ جهان خاني فيصلو آهي. اهو وزير اعظم بنا ميرٽ جي پاڻ طئي ڪيو آهي ته ڪهڙي وزير کي ڪهڙي پوزيشن ڏيڻي آهي. پر بهتر اهو آهي ته پي ٽي آءِ جا وزير عوام وٽ وڃن، انهن کان مسئلا پڇن ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته جيئن کين خبر پوي عوام انهن کي ڪيترو ٿو چاهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button