ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غير محفوظ تعليمي ادارا ۽ اسان جون اجتماعي ذميواريون

Editorial-Article-Fida Hussain Malik

ڇا هي اها ئي سنڌ آهي، جيڪا اسان ڪتابن ۾ پڙهندي ۽ ان جي شاندار تاريخ کي فخر سان بحث ڪندي ناهيون ٿڪجندا يا عرب جاهليت واري دور جو ڪو بدنصيب خطو آهي، جتي عورت ئي سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ ۽ هيسيل هرڻي جيان آهي.
گذريل ڪجهه عرصي کان ان قسم جا معاملا سنڌ ۾ ٿيندا پئي آيا پر اها ڳالهه پوءِ به ڪنهن حد تائين خاطري لائق هئي ته سنڌ جي شعور جي آبياري ڪندڙ اعليٰ تعليمي ادارا ان کان مڪمل بچيل آهن. سنڌ جون ورسٽيون مڪمل طور تي نياڻين لاءِ محفوظ هيون پر گذريل ڪجهه عرصي کان صورتحال نهايت ڇرڪائيندڙ بڻجي چڪي آهي. ان تي جيڪڏهن ٿورو غور ڪجي ۽ ويجهي ماضي تي ئي نظر وجهي ڏسون ته اسان کي واقعن جي هڪ سيريز نظر ايندي. سائين جي ايم سيد ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جي خوابن جي ساڀيان مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پهرين جنوري 2017ع تي سنڌي ڊپارٽمنٽ جي شاگردياڻي نائلا رند جو ماروي هاسٽل جي ڪمري مان پکي ۾ ٽنگيل لاش مليو هو. ان معاملي تي سنڌ جو شعور جاڳيو ته جاچ ٿي پر اها به گم ۽ ايتري بي حسي جو انتظاميه آخر تائين معاملي جي تهه تائين پهچڻ بدران ڇوڪريءَ جي ڪردار ڪشيءَ کان وسان ڪين گهٽايو ۽ ان جي ڪجهه عرصي کان پوءِ 16 سيپٽمبر 2019ع تي چانڊڪا ميڊيڪل يونيورسٽيءَ مان ڊينٽل جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي نمرتا مهرچنداڻيءَ جو گرلز هاسٽل ۾ سندس ئي ڪمري مان ساڳي ريت لاش پکي مان ٽنگيل مليو. ان وقت به سنڌ سراپا احتجاج ٿي ته حڪومت جڊيشل ڪاميٽي ٺاهي جيتوڻيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ به اها نشاندهي ڪئي وئي ته ڇوڪري جي جسم ۽ ڪپڙن تان جزا به مليا جنهن جي بنياد تي قاتل تائين رسائي ڪرڻ ممڪن هو پر انتظاميه ان کي بنياد بڻائي روايتي طرح سان شاگردياڻيءَ جي ئي ڪردار ڪشي ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ ان جاچ کي به گول مول ڪري معاملو لئي مٽي ڪيو ويو،
ان کان پوءِ وري آڪٽوبر 2019ع ۾ لياقت يونيورسٽيءَ ۾ فارميسي ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهندڙ نياڻي سائرا ٿهيم اداري جي استادن جي هراسمينٽ کان تنگ اچي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن تي به سنڌ جو شعور اٿيو ۽ ڪاميٽي ويٺي پر اها به بي نتيجا نڪتي ڇو ته نشاندهي ڪيل استادن جو وار به ونگو ڪونه ٿيو نه ڪو شوڪاز نوٽس نه سسپينشن، نه وضاحت. جيڪڏهن ساڳي نياڻي به آپگهات ڪري ها ته سندس ڪردار تي داغ هنيو وڃي ها. اهڙو ئي ٻيو واقعو 10 آڪتوبر 2018ع نوابشاه جي شهيد بينظير يونيورسٽيءَ ۾ انگلش ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهندڙ نياڻي فرزانه جماليءَ سان جنسي هراسمنٽ جو پيش آيو جنهن پڻ اداري جي سربراهه ارشد سليم ۽ سندس ڊپارٽمنٽ جي هيڊ عامر خٽڪ مٿان جنسي هراسمنٽ جون دانهون ڪيون پر سندس دانهن جي به داد رسي ڪانه ٿي ڇو ته اسان جا انڌا ٻوڙا اهل اقتدار لاش ملڻ کان پوءِ عوامي ڪروڌ کي روايتي طريقي سان ماٺو ڪرڻ خاطر تحرڪ ۾ اچي ڪاميٽيون جوڙي پنهنجي جند آجي ڪرائيندا آهن.
نومبر 2021ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل مان سنڌ جي عوامي شاعر استاد بخاريءَ جي پوٽي نينگري نوشين بخاري جو لاش به ساڳي ئي طريقي سان پکي ۾ ٽنگيل مليو. ان ڪيس ۾ پڻ وارثن کي احتجاجن باوجود انصاف ناهي ملي سگهيو، جنهن جي ڊي اين اي جي رپورٽ ڪجهه ڏينهن اڳ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائينسز جي فرانزڪ ۽ ماليڪيولر بائلاجي ليب جي چار رڪني ٽيم اهو انڪشاف ڪيو آهي ته نوشين بخاري نمرتا جي ڪپڙن تان مليل مرد جي ڊي اين اي جا جزا هڪ ئي مرد جا آهن، جيڪو هڪ تمام ڇرڪائيندڙ انڪشاف آهي. ان مان لڳي ٿو ته ان ماڻهوءَ جي نياڻين جي هاسٽل تي ايتري پهچ آهي جو اهو ايترو طاقتور آهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گرفت کان آزاد آهي. اسان جا ادارا جاچ کي صحيح رخ کي کڻن ها ته نمرتا جي قتل کان پوءِ نوشين جو قتل نه ٿئي ها، پر اسين شايد مردا بڻجي ويل سماج ۾ ساهه کڻندڙ اهي جيئرا انسان آهيون جن جون نياڻيون هڪ هڪ ڪري هيسايل هرڻين جيان جنسي درندن هٿان شڪار ٿين ٿيون ۽ اسين ٻڙڪ به ٻاهر نه پيا ڪڍي سگهون.
ڪجهه ڏينهن اڳ اهڙو ئي هڪ ٻيو واقعو سنڌ ورسٽيءَ ۾ پيش آيو آهي، جتي شاگردياڻي الماس ڀان کي يونيورسٽيءَ مان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اغوا ڪندڙ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ان بابت به ڪميٽي ويٺي آهي جنهن جي سنجيدگي اها آهي جو متاثر نينگري دانهون پئي ڪري ته کيس سندس هاسٽل پرووسٽ دٻائي رهي آهي ۽ انتظاميه جاچ ۾ غير سنجيدگيءَ جو مظاهرو پئي ڪري اهو معاملو اڃا هلي ئي رهيو آهي ته وري ڪالهه پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي هاسٽلر هائوس آفيسر پروين رند جي ميڊيا تي دانهون ڪوڪون پيون ٻڌجن جنهن ۾ هوءَ روئي روئي پنهنجي پاڻ سان ٿيندڙ هراسمنٽ خلاف احتجاج ڪندي
انصاف جي گهر پئي ڪري، هوءَ واضح نالا کڻي ٻڌائي پئي ته کيس ڪيئن نه پيپرن جي مارڪن لاءِ بلئڪ ميل ڪري آفيس گهرائڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيئن نه هڪ منظم مافيا آهي جيڪا اداري ۾ نياڻين کي هراسان ڪري پئي ۽ بقول پروين رند جي ته ڇوڪريون ادارن اندر آپگهات نٿيون ڪن پر کين ماريو وڃي ٿو کين ذهني جسماني تشدد ڪري هراسان ڪيو وڃي ٿو. ڇوڪرين کي امتحاني پيپرن ۾ فيل ڪرڻ، مارڪون نه ڏيڻ، ڪيريئر خراب ڪرڻ جا ڊپ ڏئي کين غلط ڪم لاءِ زور ڀريو وڃي ٿو ۽ انهن نياڻين وٽ هن گهٽيل سماج ۾ اهي ئي رستا بچن ٿا ته يا ته پنهنجي عزتن جو ڪمپرومائيز ڪن، يا تعليم اڌ ۾ ڇڏين ۽ يا ته پنهنجي عزت جي بچاءُ ۾ پنهنجي جان ڏين، ڇو ته ظلم خلاف آواز اٿارڻ جي صورت ۾ کين نه فقط تعليم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي پر انصاف لاءِ گهڻو رلڻو پوي ٿو
آخر هي سلسلو ڪڏهن ۽ ڪيئن رڪجندو؟ ان جو سدباب ڪڏهن ٿيندو؟ جڏهن سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست پنهنجي پوري عروج سان موجود هئي ته سڀني اوڻاين باوجود ان جي هڪڙي مثبت ڳالهه اها هئي ته اتي اهي شاگرد اڳواڻ هزار برائين باوجود به نياڻين جي لوئي ۽ لڄ جا رکوالا هئا. ادارن اندر ڪنهن استاد ۾ جرئت ڪانه ٿيندي هئي ته پنهنجي مقدس پيشي کي لڄائيندي نياڻين ڏانهن ميري اک کڻي ڏسي نه ئي کين ڪڏهن مارڪن توڙي اهڙن معاملن تي بلئڪ ميل ڪيو ويو. ادارن ۾ مختلف جواز ڄاڻائي شاگرد سياست جي نڙيءَ تي لت ڇا رکي وئي ته ادارن ۾ سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ اهي سنڌ جون نياڻيون ٿيون جيڪي والدين جي اعتماد کي کڻي پٺتي پيل سماج ۾ اعليٰ تعليم جا خواب کڻي ادارن ۾ آيون ۽ واپسيءَ ۾ سندن پکن ۾ ٽنگيل لاش سندن وارثن کي مليا. هن وقت به جيڪڏهن حڪومت سنجيده ٿي هنن معاملن تي پاليسيون نه جوڙيون ته هي معاملا گهڻو اڳتي ويندا ۽ اسين پوءِ دانهن ڪرڻ جهڙا به نه رهنداسين. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن واقعن جي روڪٿام لاءِ سياسي سماجي ڌرين کي اڳتي اچي پاليسيون جوڙڻ لاءِ ادارن جي سربراهن تي ۽ حڪومتي نمائندن تي دٻاءُ وجهڻو پوندو،
سڌريل سماجن ۾ به ڪو ايجوڪيشن آهي، اتي اهڙو ڪجهه ناهي جهڙو انڌير اسان جي ادارن ۾ آهي. سنڌ جون ورسٽيون به نياڻين لاءِ تعليم گهر بدران ڪوس گهر ۽ عذاب گهر بڻجي پيون آهن. جيڪڏهن پيپرز جي چئڪنگ ۽ مارڪن کان پوءِ پيپرن جون جوابي ڪاپيون واپس شاگردن کي ڏنيون وڃن ته مارڪن لاءِ بلئڪ ميلنگ کي لغام اچي سگهي ٿو ۽ ساڳئي ريت شاگرد مسئلن جي حل لاءِ جيڪڏهن شاگرد يونينز بحال ڪري يونيورسٽين جي ادارن سينيٽ ۽ سينڊيڪيٽ ۾ شاگرد اڳواڻن کي نمائندگي ڏني وئي ته نه شاگردن جا جائز مسئلا حل ٿي سگهن ٿا پر افسوس آهي ته استادن کان وٺي آفيسرن تائين ڪلارڪن کان وٺي ڊرائيورن تائين جون يونينون ادارن ۾ بحال آهن پر شاگرد سياست جي نڙيءَ تي لت ڏني وئي آهي، جنهن سبب هي واقعا ڏينهون ڏينهن نون نالن ۽ ڪهاڻين سان اسان جي سامهون اچي رهيا آهن. ڪالهه ئي سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبليءَ مان شاگرد يونين بحال ڪرڻ جو بل منظور ڪيو آهي. اميد آهي ته ان عمل سان سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگردياڻيون محفوظ رهنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button