هُن کير ٿر جي پَڊن ۾ هڪ پورهيت جي گهر ۾ اکيون کوليون ۽ ڪاڇي جي آسمان سندس اکين ۾ اُٿندي ئي انهي سِڪ جو سُرمو ڀريو، جنهن سان پيار جا پهريان پيرڙا کڻڻ سان ئي سندس ڀاڱي ۾ اُهي وُسعتون آيون، جن ۾ چوڏس چِٽاڻو نظر ايندو آهي. ۽ اڄ هو انهي چٽاڻي ۾ هر لمحي اهڙا رنداڻا رنگ چِٽي ٿو، جن رنگن سان سندس ديس جي اُداس صورت تي اتهاس جي اها مُرڪ ٻيهر پسي سگهجي، جيڪا تاريخ جي لُٽ ۾ کسجي وئي آهي. تڏهن ته، ها تڏهن ته هو چوي ٿو:
“آئون جڏهن به کير ٿر جي اوٽ مان سج کي ڪَني ڪڍندي ڏسندو آهيان تڏهن مون کي ايئن محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته مورچي ۾ ويٺل وطن جو ڪوئي سرويچ پهريدار جهاتي پائي جُوءِ جي آسپاس اک ڦيرائي رهيو هجي”
هو چاهي ٿو ته سندس وطن جي ويڙهيچن جي حقن جي حاصلات واري اُها جدوجهد جنهن کي جابر قوتن طرفان بند ڪمري ۾ چوکنڀي ٻڌل ڪنهن مجبور ناري جي درد ڀري دانهن جيان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سا جدوجهد سموري ديس جي گھايل سيني جي اهڙي هَڪل ۾ تبديل ٿئي، جيڪا هَڪل چورن جا گوڏا کوڙائي ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ اهي چور ٿاٻڙجي منهن ڀَر وڃي ڌُوڙِ ۾ ڪرن ٿا، ايستائين جيستائين ڀاڳيا اچي کين ڪنڌ مان ٿا جهلين!!
ديس جي اهڙي ھڪل ۽ هُوڪار لاءِ هو لڳاتار ڪَوتائون سرجي رهيو آهي ۽ اهڙي ئي هڪ ڪَوتا ۾ هُو لکي ٿو:
“زندگي انسان کي هڪ ڀيرو نه بلڪ ڪئين ڀيرا ملندي آهي ۽ ايئن جنمن جو اهو سلسلو جاري رهي ٿو، جيڪو ڪڏھن به رڪجڻو ناهي. بس پوءِ سجايو آهي انهي انسان جو جنم جيڪو انسان پنهنجي ديس جي دُکي لوڪ جي لَڄُن ۽ دنگن جي دفاع لاءِ جدوجهد ڪري ٿو. ان جدوجهد ۾ جيڪڏهن ڪير گهورجي به وڃي ٿو ته اهو فاني ناهي، جو ان جي لَهُوءَ مان ڪئين لال گُلاب ڦُٽن ٿا”
ايئن پيڙيل طبقي کي جيون ارپن ڪندڙ آديسين جي سِڪ توڙي لِڪ جو عڪس چٽيندي هو چوي ٿو:
” سُور وندن جي واهُر لاءِ وستي وستي ووڙڻ وارن جي لِڪ ۾ به هڪ عجيب سگھه هوندي آهي، جنهن لِڪ ۾ ڪوئي ووڙيندڙ هڪ ڊگهي ووڙ ۽ پنڌ کان پوءِ ڀل کڻي سانت واري پَسار ۾ هُجي پر جابرن جون اهو سوچي ننڊون ڦَٽل هونديون آهن ته هن وقت هو الائي ڇا ڪري رهيو هوندو!؟”
جيتوڻيڪ هن هڪ هنڌ ڪٿي اهو به پڙهيو هو ته اذيت خانن مان موٽلين جي ذهنن ۾ هڪ ڊگهو عرصو وهمن ۽ وسوسن جو اهڙو ديرو رهي ٿو جو هو پنهنجي پاڇي کان به پيا ڇرڪندا آهن پر پوءِ وري جو هو جڏھن پنهنجي مرشد جي پيغام جو ورد ڪري ٿو ته وهمن ۽ وِسوسن جو سمورو ڌُنڌ لمحي ۾ هٽيو ٿو وڃيس. جڏهن، ها جڏھن مرشد کيس اها هدايت ٿو ڪري ته:
هَٿين، پيرين، مُونَڙئين، سِرجِ، ساهَ، پَساه
هوتُ گَڏِبُئي حَبَ ۾، رَهبَرُ مَٿي راهَ
جان جان ساڻُءِ ساهَ، تان پاڙِج قول پُنهونءَ سين.
ته پوءِ هو ڪيئن نه پنهنجي ساھه پساهه سان سُري اوڏانهن، جتي جا قول ڪڏهن به ڪُوڙا ناهن ٿيندا. پوءِ ڀل جو سَسُئي وانگر مارڳ ۾ ئي موت ملاقاتي ڇو نه ٿئي!!
ايئن پوءِ قول ۽ فعل جي توازن سان هو جيڪي به وکون کڻي ٿو، تن ۾ مٿس انهي نِينهن سمايل مِينهن جون اوڙڪون وسن ٿيون، جنهن ۾ سمورا ٿَڪ لهي ويندا آهن. اُهي ٿَڪ جيڪي هن انهن باندين جا محسوس ڪيا آهن، جيڪي اهڙن بندي خانن ۾ پيل آهن، بندي خانن جن جا لوڪ سُتي بُرج جاڳن ٿا. ۽ اهڙين باندين جي ذاتي ملڪيتن ۾ هو فقط اهي يادون ڳڻائي ٿو، جيڪي يادون ئي سموري زندگي جي فريم جي اڪيلي، پهرين ۽ آخري سونهن هونديون آهن. اها ياد جنهن ۾ رڳو ئي رڳو سڄڻ ۽ ساڻيهھ وسي ٿو بس!!
هاڻ هو بس هڪ سَڄڻ ۽ ٻيو ساڻيهھ جي سار ۾ ڀيٽي رهيو آهي وطن جا سمورا واهُڙ، لنگهھ، جهنگ ۽ وستيون ۽ سرجڻ ٿو چاهي هڪ اهڙو صالح، عُشاق سنگ جنهن کي دنيا جهان آڏو ان تهذيب جي اُهڃاڻ طور پيش ڪري سگهجي جيڪا تهذيب سُرت ۽ ساڃاهه جي پيڙھه وارو پٿر رهي آهي پر اڄ ان تهذيب کي ويران کنڊر بڻائڻ جون سازشون آهن. اها تهذيب جيڪا عالمي انساني ڀائيچاري ۽ برابري واري تعليم سان سرشار رهي آهي. اها تهذيب جيڪا انسان جي گڏيل ارتقائي ۽ تخليقي سرچشمن ۾ سربلندي سان بيٺل رهي آهي.
واضح ڪندا هلون ته هو ايئن سوچي پاڻ کي دنيا کان الڳ ڪري نٿو بيهاري بلڪ سموري جهان سان پاڻ کي جوڙي ٿو. ڇو ته کيس اها چڱي ريت سُڌ آهي ته انسان هيستائين جيڪا به تخليق ڪئي آهي سان سماج جي گڏيل سمجهھ ۽ شعور جو ثمر آهي. ايئن جيئن ٻولي جيڪا انسان جي سڀ کان وڏي ۽ اُتم تخليق آهي، تنهن بابت ڪوبه اهو نٿو ٻڌائي سگهي ته سڀ کان اول ڪنهن ڳالهايو. ايئن باهھ جنهن انسان جي سگهه کي خلائن جا وڃي سير ڪرايا، تنهن جي پهرين چڻنگ ڪنهن دُکائي؟ ڪوبه نٿو ڄاڻي. پٿر جو پهريون اوزار جنهن انسان جي پوکي راهي کي سگهارو ڪيو، ڪنهن ٺاهيو؟ ڪوبه نٿو ٻُڌائي سگهي. پھريون شاعر، پهريون مصور يا موسيقار ڪير هو؟ ڪنهن کي ڪهڙي خبر!! تنهن ڪري اهو سڀ انسان جي گڏيل تخليقي پورهيي جو ئي ڦَل آهي، جنهن مان انساني نسل پيڙهين کان فيضياب ٿيندو آيو آهي ۽ اڄ به ٿي رهيو آهي پر فرق اهو آهي ته انسان جي ان گڏيل پورهيي تي عالمي سرمائيدار ۽ حڪمران طبقو قابض بڻيل آهي ۽ ان قبضي هيٺ نه رڳو فرد آهن بلڪ قومن جون قومون ۽ ديسن جا ديس غلام بڻايا ويا آهن ۽ ڪاڇي جي اُن ڪاپڙي جو ديس به ورهين کان غلامي، محرومي ۽ محڪومي جي جَڪڙ ۾ آهي. سو هو ٽوڙڻ ٿو چاهي اهي سمورا گهيرا جن سندس تهذيب جي اُڏام کي روڪي رکيو آهي. اها تهذيب جنهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اڄوڪي انساني ڀائيچاري جي علمبرداري ان دُعا سان ڪرڻي آهي ته “جَڳ جَهان جو خير!!”
هاڻ ايترو ته ديس واسين کان پيار واري پورهئي ۾ ڪاڇي جو اهو ڪاپڙي به لهڻي ٿو ته هن جي اها پروڙ ڪن ته هو ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي!؟ جيڪڏهن ويڙهيچن کيس ورندي ڏني ته ڀلو نه ته هو ته هونئن ئي مارُن جو ئي آهي ۽ رهندو. ڇاڪاڻ ته سندس جنم جي فڪري اوسر ئي مرشد جي ان هدايت هيٺ ٿي آهي ته:
سَڄڻُ ۽ ساڻيهھَ ڪَنهن اڻاسيءَ وِسري
حيفُ تَنين کي هوءِ، وطن جِن وساريو