ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بي اعتمادي رٿ: ڪجهه نيون اڳڀرايون

Editorial-Article- Yameen Jatoi

ملڪ ۾ گذريل ٽن سالن کان پي ٽي آ سرڪار جي شڪل ۾ جيڪا سياسي ۽ معاشي ٻڪر ٻوساٽ ڇانيل آهي، لڳي ٿو ته ان جي خاتمي جو وقت ويجهو اچي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڏينهن کان سياسي ڌرين پاران ڪي سنجيده قدم کڄندي نظر اچي رهيا آهن. ساڍن ٽن سالن کان پي ٽي آ سرڪار جيڪا گهٽ ۽ ٻوسٽ پيدا ڪئي آهي، ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته ان جو شروعات ۾ ئي خاتمو آندو وڃي ها ته اڄ عوام کي ههڙا ڏينهن نه ڏسڻا پون ها، پر سياسي قوتن شروع ۾ ڪنهن به ههڙي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو، جهڙو هاڻي ڪيو پيو وڃي. چوڻ وارا ته اهو به چون پيا ته ان سڀ ڪجهه پويان ملڪ جي اهائي ساڳي اسٽيبلشمينٽ موجود آهي، جيڪا هر سياسي ٻڌي ڇوڙي پويان رهي آهي، ۽ نيازي ٽولي کي به ان اسٽيبلشمينٽ ئي مڙهيو هو. هاڻي چيو پيو وڃي ته ان جي نيازي ٽولي مان دل “ڀرجي” وئي آهي، تنهنڪري، اپوزيشن پاران هاڻي جيڪي پيشرفتون ٿي رهيو آهن ان جي محرڪ قوت اسٽيبلشمينٽ آهي. بهرحال، ڪجهه به هجي، هاڻي شيون ڪافي حد تائين واضح ٿي سامهون اچي رهيون آهن، نيازي ٽولي خلاف اپوزيشن ايوانن اندر محاذ کڙو ڪري رهي آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن کان ٿيندڙ اڳڀراين مان واضح آهي ۽ اهي اڳڀرايون نيازي سرڪار خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جي شڪل ۾ ٿي رهيون آهن.
نيازي سرڪار خلاف بي اعتمادي جي رٿ مارچ يا مئي نه پر هلندڙ مهيني ئي آڻڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي. ان سلسي ۾ اهي به خبرون اچي رهيون آهن ته ن ليگ هلندڙ مهيني ئي بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. اهڙي ريت ن ليگ فيبروري ۾ ئي ان هائوس تبديلي جي تياري ڪري ورتي آهي. چيو پيو وڃي ته ان بابت شهباز شريف هوم ورڪ به ڪري ورتو آهي ۽ نواز شريف به شهباز شريف کي بي اعتمادي لا اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اهو ئي سبب آهي جو 10 فيبروري تي مريم نواز جو بيان آيو ته عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ لا صورتحال هاڻي “سازگار” آهي.
بي اعتمادي جو تڪڙو ماحول تڏهن ٺهڻ شروع ٿيو، جڏهن گذريل هفتي آصف زرداري ۽ بلاول شهباز شريف ۽ مريم نواز سان ملاقات ڪئي ۽ عمران کي گهر اماڻڻ لا “سمورن” آپشن تي غور ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو. جنهن ۾ بي اعتمادي رٿ ۽ لانگ مارچ جهڙا آپشنز به شامل آهن. تڏهن به سومر تي ن ليگ جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي آ سرڪار خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ بابت ڪو به فيصلو نٿي سگهيو. جنهن کان پو اهو معاملو نواز شريف تي ڇڏيو ويو هو ته جڏهن هو “مناسب” سمجهندو فيصلو ڪندو. خميس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز اعتراف ڪيو هو ته نواز شريف شروع ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ نه هو، پر پارٽي ميمبرن مٿس “دٻا” وڌو ته ماڻهن جي خواهشن کي ٻڌڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو واحد رستو آهي.
ن ليگ اندر اهڙيون اڳڀرايون ٿيڻ کان پو ماحول ۾ تيزي سان گرمي ايندي پئي وڃي. بي اعتمادي رٿ آڻڻ بابت 11 فيبروري تي پي ڊي ايم جو اجلاس ٿيو آهي. اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ شهباز شريف جي گهر ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ مريم نواز ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي آهي. جڏهن ته لنڊن مان نواز شريف آن لائن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي ڊي ايم حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته “حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين ۽ حڪومت جي اتحادي جماعتن سان به رابطو ڪنداسين. چئي چڪو آهيان ته مان هدف هڪ ئي رکندس، حالتن جو انتظار به ڪرڻو پئجي سگهي ٿو ۽ گرائونڊ تيار ڪرڻ جا مرحلا اڃا باقي آهن، اسان پنهنجي طرفان ڀرپور ڪوشش ۽ جتن ڪنداسين. انفرادي طور ڪنهن هڪ سان رابطو نه ڪنداسين، اسان ڪنهن کي لالچ نه ڏينداسين ۽ نه ئي پئسا ڏينداسين. 23 مارچ تي مارچ جو فيصلو برقرار آهي، اسٽيئرنگ ڪميٽي تفصيل طئه ڪندي.”
9 فيبروري تي ن ليگ ۽ جهانگير ترين گروپ وچ ۾ رابطو به ٿيو آهي. چيو پيو وڃي ته اهو رابطو ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شهباز شريف جي جهانگير ترين سان رابطي جو امڪان به ڏيکاريو پيو وڃي، گڏوگڏ ٻنهي ۾ ملاقات جو به امڪان آهي. مسلم ليگ (ن) جي رابطي کان پوءِ ترين گروپ پاران هاڻي چوڌري ڀائرن سان ملاقات ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن. “گڏيل دوست” ترين گروپ جي مرڪزي اڳواڻن ۽ چوڌري ڀائرن سان ملاقات جي لاءِ متحرڪ ٿي ويا آهن. ترين گروپ جي ميمبرن جو گڏيل رابطن وارو رائونڊ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ هفتي کان سياسي سرگرمين جو سلسلو شروع ٿي ويندو. ان حوالي سان باضابطا اجلاس جلد طلب ڪرڻ جو امڪان آهي. ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته ترين گروپ سياسي صورتحال کان ڌار نه رهندو ۽ پنهنجو ڀرپور “سياسي ڪردار” ادا ڪندو.
ٻئي پاسي نيازي سرڪار به هٿ تي هٿ رکي ويٺل نه پئي ڏسجي. اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ آهي ته “عدم اعتماد اپوزيشن جو آئيني حق آهي پر اسان به مقابلو ڪرڻ لا پوري طرح تيار آهيون. اسان جا اتحادي اسان سان گڏ آهن، ڪلهه به پرويز الاهي سان ملاقات ٿي، هن يقين ڏياريو ته 2023 تائين اسان سان گڏ آهي. شڪايتون ٿينديون رهنديون آهن، اهو ڪو ايڏو وڏو مسئلو نه آهي.”
بي اعتمادي رٿ واري صورتحال دوران نيازي سرڪار پهريون اهم قدم اهو کنيو آهي ته شهباز شريف خلاف قومي اسيمبلي ۾ ٺهرا آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چيو پيو وڃي ته مني لانڊرنگ ڪيس جي فيصلي تائين شهباز شريف کي تقرير ڪرڻ نه ڏني ويندي. ڇاڪاڻ ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عدالت شهباز شريف ۽ حمزا مٿان 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.
سينٽرل لاهور جي اسپيشل جج شوگرملز ذريعي ڪيل مني لانڊرنگ ڪيس جي شنوائي ڪئي. عدالت ڪيس جو مختصر لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي شهباز شريف سميت ٻين جوابدارن کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 18 فيبروري تي طلب ڪري ورتو. پيشي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته “74 سالن ۾ اهڙيون سنگين حالتون ڪڏهن ناهن ڏٺيون جيڪي هن وقت آهن. احتساب جو نعرو لڳائيندڙن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ سان عوام جو پيٽ نٿو ڀرجي سگهي. هاڻ حڪمرانن خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين. پي ڊي ايم فيصلو ڪندي ته بي اعتمادي جي تحريڪ پهريان وفاق ۾ ايندي يا صوبي ۾، سياستدانن جا رابطا سمورن سياستدانن سان هجڻ گهرجن.”
فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته “قوم کي مبارڪ هجي، 18 فيبروري تي شهباز شريف مٿان فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ باقاعدي ٽرائل شروع ٿيندو. هڪ ڊگهي جاچ کان پوءِ آخرڪار 18 فيبروري تي شهباز شريف، حمزا شهباز ۽ ٻين جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيندو ۽ ٽرائل شروع ٿيندو. ان جاچ ۾ 14 هزار بئنڪنگ ٽرانزيڪشنز کي ڇنڊيو ويو. حيرت جوڳو تفصيل سامهون آيو آهي. مقصود شهباز شريف جي مل ۾ پٽيوالو هو، ان جي پگهار 25 هزار رپيا هئي. ان جي نالي تي اڪائونٽ کليو ۽ 4 ارب رپيا ان جي اڪائونٽ مان ٿيندا شريف فئملي جي اڪائونٽس ۾ پهتا. هن چيو ته اهڙي قسم جا ٻيا ڪيترائي دلچسپ ۽ عجيب فراڊ شهباز شريف جي هن ڪيس جا آهن. ڪيس سنئون سڌو ڏيکارڻ جي اجازت ڏني وڃي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button