شاعرن جي ورسي ملهائڻ واري رسم ڪيتري نه غلط آهي. شاعرن جي ورسي نه پر شاعرن جو جنم ڏينهن ملهائڻ گهرجي. اڄ ان شاعر جو جنم ڏينهن آهي، جنهن عشق ۽ انقلاب جي وچ واري سرحد ئي ميساري ڇڏي هئي. اهو شاعر جنهن جي شاعريءَ ۾ هر شيءَ ايتري ته رومانٽڪ آهي جو ماڻهوءَ جي دل هرکي پوي ٿي. هونءَ ته هر شاعر رومانوي هوندو آهي. جيڪڏهن شاعري رومانوي نه هوندي ته پوءِ شاعري ڇو هوندي ۽ ڪيئن هوندي؟ شاعريءَ جو رومانٽڪ هجڻ تمام گهڻو لازمي آهي. پر جنهن شاعر جو اڄ جنم ڏينهن آهي، ان جي شاعريءَ ۾ رومانس ايترو گهڻو آهي جو هو پنهنجي رقيب لاءِ به رومانٽڪ اظهار ڪري ٿو.
“تم سي وابسته هي اس حسن ڪي يادين جس ني
ميري اس دل ڪو پري خانه بنا رکا هي”
هر شاعر پنهنجي رقيب جي لاءِ تمام تلخ لفظ استعمال ڪيا آهن پر فيض احمد فيض وٽ هر ڪنهن جي لاءِ محبت آهي. هن جڏهن به جنهن شيءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سمايو آهي، محبت سان سمايو آهي.
فيض صاحب پنهنجي انقلابي نظرين جي سلسلي ۾ تمام گهڻو سنجيده هوندو هو ۽ هن جي شاعريءَ ۾ به انقلابيت جو عنصر موجود آهي پر هن سموري شاعري پروپيگنڊا جي طور تي استعمال نه ڪئي. فيض صاحب شاعريءَ ۾ هڪ تمام خوبصورت توازن برقرار رکيو آهي. هن ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪئي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سياسي نظرين جي جهلڪ به آهي پر اها به ان انداز سان جو اسان کي موهي ٿي وٺي. فيض صاحب جي شاعريءَ کي جنهن به ڳايو آهي، ان جو انداز ان مهل فيض جهڙوٿي ويو آهي. فيض صاحب جي شخصيت ۾ هڪ محبوبيت هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي ته هن سان پوري دنيا جي مشهور شخصيتن تمام گهڻي محبت ڪئي. ميڊم نورجهان ته فيض صاحب سان تمام گهڻي محبت ڪندي هئي. هن جهڙي طرح فيض صاحب جو مشهور نظم”مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ” ڳايو آهي، ان جي ان نظم تي شاعر توڙي فنڪار کي هڪ جيترو داد مليو آهي پر جيئن ته موسيقيءَ ۾ هڪ الڳ طرح جو جادو هوندو آهي. ان حساب سان موسيقيءَ جي ڪري اهو گيت مشهور ٿيو ۽ فيض صاحب جي دل ڏسو ته هو پاڻ چوندو هو ته ماڻهو مون کان اها فرمائش ڪندا هئا ته فيض صاحب ميڊم نورجهان وارو نظم ٻڌاءِ ۽ پوءِ مون اهو نظم نورجهان جي نالي ڪري ڇڏيو.
فيض صاحب جي شاعريءَ ۾ هڪ ٻي ڳالهه جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي، اها هيءَ آهي ته هن جي شاعريءَ ۾ هڪ حسين گهرائي آهي. هن جي شاعريءَ کي ٻڌندي ۽ پڙهندي اهو محسوس ٿيندو آهي ته هڪ لطيف قسم جو احساس انسان کي پنهنجي آغوش ۾ سمائي تمام دور دور کڻي وڃي ٿو. جيڪڏهن ڪوئي شاعر اهڙي قسم جي شاعري ڪري ٿو ته هن جو مغرور هجڻ ٺهي به ٿو پر ان جي ابتڙ فيض صاحب ڪڏهن به غرور کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏنو. هن جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي معصوميت آهي ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته اها ساڳي معصوميت هن جي شخصيت ۾ به آهي. هن کي ڪڏهن به ڪنهن سان تڪبر سان پيش ايندي نه ڏٺو ويو. جڏهن ته جيڪي ٻه اکر به لکندا آهن، انهن ۾ هڪ طرح جي غرور واري عادت پئجي ويندي آهي پر فيض صاحب ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي ان قسم جي شيءَ محسوس نه ٿي. هو جڏهن به جنهن سان پيش آيو، انتهائي پيار ۽ پنهنجائپ سان پيش آيو. هن ڪڏهن به ڪنهن سان آڪڙ جهڙي روش نه ڏيکاري.
فيض جي شخصيت ۾ ان قسم جي روش هن جي شاعريءَ ۾ اچي وئي ۽ ان جو اثر اهو پيو ته فيض صاحب جي لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ تمام گهڻي عقيدت اچي وئي ۽ ان قسم جي عقيدت فيض پنهنجي شاعريءَ ۾ به الٽائي ۽ ان ڪري فيض جي شاعريءَ ۾ به هڪ قسم جي شفقت پيدا ٿي پئي. فيض جي شاعريءَ ۾ هن جي شخصيت وانگر شفقت آهي ۽ ان شفقت جي ڪري ان ۾ هڪ خاص قسم جي ڪشش پيدا ٿي پئي ۽ اها ڪشش ڪڏهن به گهٽجي نه سگهي. فيض جي شاعريءَ ۾ محبت جا ڪيترائي رنگ ۽ روپ آهن. اها ڳالهه اسان کي فيض جي شاعري سبب معلوم ٿي آهي ته محبت هڪ قسم جي نه هوندي آهي. محبت جا ڪيترائي قسم هوندا آهن. فيض جي شاعريءَ ۾ انساني احساسن جا جيڪي ديپ جلن ٿا، انهن جي روشني الڳ آهي. هن ۾ ڪڏهن به تلخي نه پيدا ٿي. هن ۾ ڪڏهن ڪروڌ نه آيو. ڇو ته هن جي من موهڻي شخصيت ۾ ان قسم جو ڪو به پهلو هيو ئي نه ۽ جڏهن ڪنهن جي شخصيت ۾ ڪا منفي شيءَ موجود ئي نه هوندي ته هن جي تخليق ۾ ان جي جهلڪ ڪيئن ايندي. فيض جي شاعري ۽ هن جي شخصيتن ۾ هڪ قسم جو ميلاپ آهي. اسان جڏهن فيض جي شاعريءَ ۾ معصوميت ڏسون ٿا ته اسان کي فوري طور تي ان جي شخصيت ۾ موجود معصوميت ياد اچي وڃي ٿي ۽ اسان بنا تحقيق ڪرڻ جي اهو سمجهي وڃون ٿا ته اها معصوميت ۽ سادگي فيض صاحب جي شاعريءَ ۾ هن جي شخصيت سبب پيدا ٿي آهي.
فيض احمد فيض جي اهم ڳالهه اها به آهي ته هو پنهنجي شاعريءَ سان سچو هو. هن ڪڏهن به ٻيائيءَ جو پهلو پاڻ ۾ پيدا نه ڪيو. هن جڏهن به لکيو ته دل سان لکيو. اهو ئي سبب آهي ته هن ايتري گهڻي شاعري نه ڪئي. جڏهن ته هو تمام گهڻي شاعري ڪري ٿي سگهيو. هن ٿورو لکيو پر تمام سٺو لکيو. ان مان اسان کي ان ڳالهه جو پتو پوي ٿو ته فيض صاحب ۾ لالچ نه هئي. هو سوچي شاعري نه ڪندو هو. هن شاعريءَ ۾ گهڻي ۽ ٿوري جو حساب نه رکيو. هن کي جڏهن به محسوس ٿيو ته هو شعر لکي ته هن لکيو ۽ جڏهن هن جي دل نه چوندي هئي ته هو نه لکندو هو. فيض صاحب شاعر ٿيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪندڙ شاعر نه هو. هو هڪ فطري ۽ تمام سلجهيل قسم جو شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ جيڪي به رنگ آهن، اهي هن جي دل جا رنگ آهن. هن ڪڏهن به پنهنجي شاعريءَ لاءِ ڪوئي به ڪنهن کان به اڌارو رنگ نه ورتو.
هن جي شاعريءَ ۾ اهو به ڪمال آهي ته هن اردو جي ڪلاسيڪل شاعريءَ سان به پنهنجو رشتو برقرار رکيو. هن ڪڏهن به جدت جي نالي ۾ ادب جي تاريخ سان اجائي بغاوت نه ڪئي. هن هر شاعر کي پنهنجي طرفان مڃتا ڏني ۽ هر شاعر جي شاعريءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي طرح سمايو جو ان جي سڃاڻپ ڪرڻ تمام گهڻي مشڪل ٿي وڃي ٿي. فيض سان تمام گهڻي محبت ڪئي وئي ۽ فيض صاحب اهڙي محبت جو حقدار به هو. ڇو ته هن جي مزاج ۾ هڪ خاص طرح جي ايمانداري ۽ تمام گهڻي وفا هئي. هن ڪڏهن به ڪنهن کي دوکو نه ڏنو. اهو ئي سبب آهي ته جيڪي ماڻهو فيض صاحب جي نظرين جا مخالف هئا، اهي به فيض صاحب جو احترام ڪندا هئا. ڇو ته فيض صاحب صرف وڏو شاعر ئي نه هو پر هو وڏو انسان به هو. ان ڪري هن جي جنم ڏينهن تي “سنڌ ايڪپريس” ۾ هن جي لاءِ پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي دل کي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن جي ساراهه ڪندي هڪ سرهائي ٿي رهي آهي. هن جي شاعريءَ کي ياد ڪندي دلي مسرت محسوس ٿي رهي آهي. هن ۾ انسانيت جو جيڪو احساس هو ۽ هن ۾ جيڪا خلوص واري خاص روش هئي، اها هن دور ۾ ڪيتري نه گهٽجي وئي آهي. فيض صاحب جي شاعريءَ کي جنهن انداز سان ڳائڻ گهرجي، اهو انداز نيره نور ۾ ڪيتري نه پياري انداز سان موجود آهي. فيض صاحب جي شاعري نيره نور جي آواز ۾ ٻڌي محسوس ٿيندو آهي ته هڪ معصوم شاعر کي جڏهن هڪ معصوم فنڪار ڳائي ٿو ته ان موسيقيءَ ۾ معصوميت جو انداز تمام گهڻو وڌي وڃي ٿو. فيض صاحب جي شاعري ۽ هن جي شخصيت کي هڪ ڪالم ۾ سمائڻ ممڪن نه آهي پر هن جي شخصيت ۽ شاعريءَ کي ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ به مثبت عمل آهي.