انگريزي جي هڪ چوڻي آهي ته انصاف ۾ دير انصاف جو قتل آهي! پنھنجي ملڪ جي بدقسمتي آھي جو قانون ته آھي پر فقط نالي ماتر، سڌريل ملڪن ۾ ائين ناھي ٿيندو، جيئن اَسان وٽ ٿيندو پيو اچي. جڏھن به ڪنھن نياڻي سان زيادتي جو واقعو پيش ايندو آھي ته چار پنج ڏينھن آواز اٿاريو ويندو آھي، وري ڪجهه ڏھاڙن کان پو ساڳي خاموشي، اھا خاموشي جنھن اسان کي واري واري سان لاش ڏنا آھن، اسين فقط ڏسندا رھجي ويندا آھيون. خير پاڻ اچون ٿا اصل ڳالهه ڏانھن، سنڌ جي جيڪا تازي صورتحال آھي، اھا انتھائي ڏکوئيندڙ آھي، جنھن تي پوري سنڌ صدمي ۾ آھي!
ھڪ پاسي دنيا جا سڌريل ملڪ ترقي ڏانهن وکون وڌائيندا پيا وڃن ته ٻئي پاسي اسان جي پياري ملڪ جو حال اڃان ساڳيو آھي، اسان وٽ ڪو ماڻھو محفوظ ڪونھي. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪجهه وقت کان شاگرياڻين جي خودڪشين جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جڏهن ته هي واقعا اصل ۾ قتل آهن. اسان وٽ عدالتون ته آھن پر اتي انصاف ناھي، جيڪڏهن ڪنهن ڪيس جو فيصلو ٿيندو آهي ته ان ۾ نسل گذري ويندا آهن. اسان وٽ ٿاڻا ته آھن پر اهي فقط رشوت وٺڻ لاءِ آھن. اسان وٽ پوليس کي ٽريننگ دوران قانون پڙھايو ته ويندو ته آھي پر عمل ڪرڻ سيکاريو ناھي ويندو!
ھِن نفسا نفسي واري دور ۾ اھڙي ھوا گُهلي آهي، جيڪا ڪيترين ئي معصوم بي گناهه جانين جي دشمن بڻجي چُڪي آهي. ھر آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن سنڌ جي حوا ڄائي جو قتل ڪيو پيو وڃي، محبتن جا گُل وکريندڙ سنڌ ڌرتي، جنھن جي پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جون ڳالهيون پوري دنيا ۾ مشھور ھيون، اڄ اها سرزمين مقتل گاهه جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، جنھن ۾ ڪيترن ئي عورتن ۽ ڇوڪرين کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو آهي، جتي ڪيترائي وسندڙ گهر ويران ٿي ويا آهن. ملڪ ۾ اھڙي افراتفري مچي وئي آهي جو ھاڻي ھتي رھڻ به مشڪل ٿي ويو آهي.
ڪجھه ڏينھن کان سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ عدم تحفظ وارو سوال منظر عام تي آھي، سوشل ميڊيا تي يا اخباري دنيا ۾ اھو اشو ھن وقت اڳڀرو آھي. ٿيو به ائين آھي جو جيڪا صورتحال آھي، ان تي ڪئين سوال اٿي رهيا آهن. ھڪ پاسي پروين رند جو معاملو به انتھائي ڏکوئيندڙ آھي، جيڪا شاگردياڻي پيرين اگھاڙي ويھي انصاف جي اوسيئڙي ۾ آھي. سندس چوڻ آهي ته “شاگردياڻيون خودڪشي ناھن ڪنديون پر انهن کي ماريو ويندو آھي.” ھن جي اکين ۾ جيڪي ڳوڙھا آھن، اھي ڳوڙھا ڪوڙا ناھن، ڀلا آھي ڪو ھن جي سڏڪن جو ڪاٿو لڳائي سگھي؟ چوڻ جو مقصد ته اسان وٽ ھاڻ نياڻيون محفوظ ناھن، ٻيو جيڪو اشو سامھون آيو آھي سو نمرتا ۽ نوشين جو آھي.
لمس پاران نمرتا ۽ نوشين جي جيڪا رپورٽ پڌري ڪئي آھي، ان ۾ ڊي اين اي جا جيڪي جزا آھن سي ساڳي مرد جا آھن. ھاڻ ته ڳڻتي جوڳي صورتحال آھي. ھڪ قتل پويان ٻيو قتل ۽ قاتل به ساڳيو. ھي خودڪشيون نه پر قتل آهن، پر سدائين تعليمي ادارن جي انتظاميه خودڪشي چئي قتل کي لڪائڻ جي سازش ڪندي رھندي آھي. ھاڻي جيڪا لمس پاران ڊي اين اي رپورٽ پڌري ڪئي وئي آھي ته وري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي وي سي پاران بدنيتي ظاھر ڪئي آھي. حيرت آھي ته وي سي صاحبه پاڻ ھڪ عورت آھي، سا نياڻين جو ساٿ ڏيڻ بدرانِ قاتلن کي بچائڻ ۾ رڌل آھي، ان ڪري هن صورتحال ۾ ته وي سي کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي ته بهتر رهندو.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏھن صحافي ان معاملي کي رپورٽ ڪرڻ ويا هئا ته انھن سان گيٽ تي موجود، گارڊن منھن ماري ڪئي. گارڊن کي ڪھڙو حق آھي جو اھي صحافين کي روڪين ٿا. صحافي پنھنجو ڪم ڪرڻ اچن ٿا ته انھن کي ڪم ڪرڻ ڏين. ڇو ته ھاڻ جيڪا صورتحال آھي خاموش ويھڻ جي ناھي جيڪڏھن خاموش ويٺاسين ته ٻيا لاش به ملندا!
اڪثر نياڻين کي استاد ئي حراسان ڪندا آھن. ڪڏھن مارڪن جي معاملي تي ته ڪڏھن ٻين کوڙ اشوز تي، استاد جو ڪم پڙهائڻ آھي، نڪي ڪنھن نياڻي کي حراسان ڪرڻ.
اڳ ئي اسان جي سماج ۾ نياڻين جي تعليم تي بندش آھي. والدين چون ٿا ته نياڻين کي نه پڙھايون، چون به ڇو نه، ھيڏا ھاڃا ٿيندا ته ڪير چاھيندو ته پنھنجون نياڻيون تعليمي ادارن ۾ موڪلين. اھي نياڻيون جيڪي ڪيترائي خواب سانڍي اينديون آھن، خواب پورا ٿيڻ کان اڳ ئي کين موت جي گھري ننڊ سمھاريو وڃي ٿو ھي جيڪي درسگاهن مان لاش ملن ٿا، اھي ڪھڙو پيغام ٿا ڏيڻ چاھين ته توھان پنھنجون نياڻيون موڪليو ۽ اسان ڊگرين بدران انھن جا لاش ڏيون. تنهنڪري هن وقت تائين يونيورسٽين مان جيڪي به لاش مليا آهن، انهن واقعن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ گڏو گڏ عدم تحفظ وارو سوال آھي. ان تي نظر ثاني ڪئي وڃي جيئن نياڻين سان انصاف ٿي سگھي!
ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته نياڻين سان انصاف ٿيندو يا نه؟ ۽ غير محفوظ بڻيل تعليمي ادارا نياڻين لاءِ محفوظ ٿيندا الائي نه اھو سواليه نشان آھي! ضرورت اُن ڳالهھ جي آھي ته ھِن واقعي تي حڪومت ۽ رياست کي عملي ڪم ڪري ڏيکارين. شفاف جاچ ڪري نياڻين جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. ھِن معاملي تي سنڌ جي وڪيلن کي به اڳتي اچڻ گھرجي، اهي پنھنجي نياڻي ۽ ڀيڻ سمجھي ڪيس جي پوئواري ڪن. جيئن انصاف ملي سگھي ۽ پروين رند کي به تحفظ ڏنو وڃي جنھن جي زندگي خطري ۾ آھي، جيڪڏھن ڪنھن به ھِن معاملي کي سنجيده نه ورتو يا خون لوڙھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انھن کي تاريخ ڪڏھن به معاف نه ڪندي!